تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** جامع مسجد دهلي **

جامع مسجد دهلي: اسلامي طرز تعمير جي هيءَ شاهڪار مسجد مغل بادشاهه شاهجهان 1656ع ڌاري پراڻي دهليءَ ۾ جوڙائي، جيڪا هينئر انڊيا جي ٻيو نمبر پراڻي تاريخي مسجد شمار ڪئي وڃي ٿي. هن مسجد تي پهرين ’مسجد جهان نما‘ نالو رکيو ويو، جيڪا بعد ۾ جامع مسجد سڏجڻ ۾ آئي. هن مسجد ۾ هڪ ئي وقت 25000 نمازين لاءِ گنجائش موجود آهي. هن مسجد ۾ خاص ڪري جمعي ڏينهن ماڻهن جو وڏو تعداد جمعي جي نماز ادا ڪرڻ ايندو آهي، باقي سياحن لاءِ هيءَ مسجد هر وقت کليل هوندي آهي. مسجد جي اترئين دروازي وٽان ننڍيون ڪوٺيون ٺهيل آهن، جن ۾ ڦاڙهي جي کل تي تحرير ٿيل قرآن شريف به رکيل آهي. مسجد مغل طرز تعمير جو نادر نمونو آهي، هن مسجد جي تعمير ۾ 5000 مزدورن حصو ورتو ۽ ڇهن سالن اندر 6 آڪٽوبر 1650 تي مڪمل ٿي. مسجد جي تعمير تي ان زماني ۾ 10 لک روپيا خرچ آيو هو، مسجد جي جملي ڊيگهه 261 فٽ (80 ميٽر) ۽ ويڪر 90 فٽ (27 ميٽر) آهي. مسجد جا گنبذ ڪاري ۽ اڇسري ماربل جا تعمير ٿيل آهن، جن جي مٿئين حصي تي سون جون نيلون لڳل آهن. مسجد جي مکيه ڪنڊن تي مهاڙيءَ وٽ ٻنهي پاسن کان 130 فٽ (41 ميٽر) ويڪرا ۽ ڊگها مينار کڙا ٿيل آهن، جن ۾ ڪل 130 ڏاڪا آهن. هي مينار ڳا....وڌيڪ پڙهو