تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** خانبهادر احمد خان سڌايو **

خانبهادر احمد خان سڌايو: وڏيرو احمد خان ولد چوڏهيو خان سڌايو شڪارپور جي ڳوٺ چوڏهيي سڌايي ۾ 1856ع ڌاري ڄائو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ فائينل جي تعليم حاصل ڪري زمينداري ڪرڻ لڳو. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ليجسليٽو ڪائونسل جو ميمبر هو. پنهنجي سماجي ڪمن سبب پوري شڪارپور ۾ مشهور هو. انگريز حڪومت جي طرفان کيس خانبهادر جي لقب سان گڏ اندازاً 20 عدد آفرين نامه ۽ ’ميڊل‘ ڏنا ويا. 1901ع ۽ 1931ع واري ٻوڏن (سيلاب) کان بچاءَ لاءِ سندس ڪيل خدمتن جي عيوض انگريز ڪمشنر پاران آفرين نامه مليس. 5 ڊسمبر 1928ع تي ڳوٺ چوڏهيي سڌايي ۾ هڪ ’ڪوآپريٽو سوسائٽي‘ قائم ڪيائين. هن انگريز حڪومت جو ڀرپور ساٿ ڏنو. جنهن ڪري وطن دوست ماڻهن جي نظر ۾ سندس ڪردار منفي رهيو. جنوري 1935ع ۽ 1939ع ۾ هن کي اعزازي تلوار ڏني ويئي. شمله ۾

12 مئي 1937ع تي جارج پنجين احمد خان سڌايي کي خدمتن جي عيوض هڪ سونو ميڊل ڏنو، حڪومت کيس اعزازي مئجسٽريٽ جا اختيار به ڏنا، جنهن ۾ 6 مهينا سزا ڏيڻ جو اختيار به شامل هو. هن سياست ۾ هميشه آل انڊيا مسلم ليگ جو ساٿ ڏنو. 1943ع جي عام چونڊن ۾ خانبهادر احمد خان سڌايي جي اليڪشن ۾ مدد ڪرڻ لاءِ....وڌيڪ پڙهو