تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** ثابت علي شاهه ڪربلائي **

ثابت علي شاهه ڪربلائي: سنڌ جو مشهور مرثيه گو شاعر سيد ثابت علي شاهه پٽ سيد مدار علي شاهه سن 1153 هه (1740ع) ۾ سيوهڻ ۾ پيدا ٿيو. سيد ثابت علي شاهه جو وڏو ڏاڏو سيد نور محمد شاهه، مغل نواب اعظم سان گڏ سنڌ ۾ آيو ۽ ٺٽي ۾ اچي رهيو. سن 1128 هه/ 1715ع ۾ نواب اعظم جي معزول ٿيڻ کان پوءِ شاهه صاحب ٺٽي مان لڏي سيوهڻ ۾ سڪونت پذير ٿيو. سيد نور محمد شاهه جي فرزند سيد مدار علي شاهه کي ٽي فرزند هئا. سيد ثابت علي شاهه، سيد احسان علي شاهه ۽ سيد فضل علي شاهه. هي سادات حضرت امام موسيٰ ڪاظم عليه السلام جي اولاد مان سڏيا وڃن ٿا. سيد ثابت علي شاهه جو پهريون استاد آخوند عبدالرحمان هو، جنهن جي حرمين شريفين وڃڻ کان پوءِ ثابت علي شاهه مُلي چاڪر کان قرآن پاڪ جي تعليم ۽ آخوند الياس کان فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. شاهه صاحب فقہ، تفسير ۽ علم عروض کان واقف هو. شاعريءَ ۾ سندس پهريون استاد مخدوم نورالحق مشتاقي هو ۽ آخر ۾ ميان سرفراز خان عباسيءَ سان هم مڪتب ٿي غلام علي مداح جو شاگرد ٿيو. فقہ ۽ تفسير ۾ سندس هم مڪتب قاضي مير لطف الله هو، جيڪو بعد ۾ مشهور عالم ٿيو. ڌشاهه صاحب، ميان سرفراز خان جو هم مڪتب هو. جڏهن پاڻ سنڌ ج....وڌيڪ پڙهو