سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
جانڪي دادي: جانڪي داديءَ جو جنم 1916ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو. هوءَ هن وقت دنيا جي جڳ مشهور روحاني رهنمائن مان هڪ آهي. جن سڄي دنيا ۾ امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو آهي. هن 21 سالن جي عمر کان روحانيت جي پرچار شروع ڪئي ۽ لڳ ڀڳ دنيا جي 100 ملڪن ۾ وڃي ماڻهن کي روحاني درس پئي ڏنو آهي۽ پنهنجي ڏاهپ ۽ صلاحيت سان ماڻهن کي مطمئن ڪيو آهي. ان حوالي سان جانڪي داديءَ 2000ع ۾ بيروت ۾ (اسڪول جي بهتر تعليم ۽ سوشل پروگرام) بابت تفصيلي ليڪچر ڏنو، جيڪو يونيسڪو طرفان منعقد ڪرايو ويو هو، جنهن ۾ 20 ملڪن جي ماڻهن شرڪت ڪئي هئي. ان کان سواءِ به جانڪي دادي سياست، مذهب، سائنس، تعليم، نفسيات ۽ ٻين ڪيترن اهم موضوعن تي ليڪچر ڏئي چڪي آهي. جانڪي دادي ڪيترن ڪتابن جي ليکڪا به آهي. سال 1999ع ۾ سندس ٻه اهم ڪتاب: ‘Wing of Soul’ ۽ ‘Pearls of Wisdom’ ڇپيا. هندستان ۾ سندس نالي سان منسوب هڪ ادارو قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو ڪيترن ئي ماڻهن جي سهائتا ڪري رهيو آهي. جانڪي دادي دنيا جي ڪيترين ئي وڏين تنظيمن جي ميمبر پڻ آهي ۽ هن وقت 95 سالن جي عمر ۾ به پنهنجي مقصد تي اٽل آهي. جانڪي داديءَ کي انساني خدمتن لاءِ زندگي وقف ڪرڻ جي اعتراف ۾ 2005....وڌيڪ پڙهو