سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
ڇوٽي غلام علي خان: ڪلاسيڪي گوَيو استاد ڇوٽي غلام علي خان ضلعي سيالڪوٽ جي ڳوٺ ڪالي ڪي ٽانگري ۾ پيدا ٿيو. اٺن نون سالن جو ٿيو هو ته کيس ڳائڻ جو شوق پيدا ٿيو. راڳ جي باقاعدي سکيا لاهور ۾ ورتائين. فن ۾ سندس ٽي استاد بڙي غلام علي خان، استاد برڪت علي خان ۽ مبارڪ علي خان هئا. 1960ع ۾ لاهور ريڊيو تان متعارف ٿيو، ساڳئي سال عوام آڏو اوپن ايئر ٿيٽر لاهور ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيائين ۽ پوءِ شهرت ماڻيندو رهيو. استاد ڇوٽي غلام علي شڪارپور جي هانڊن ۾ به اڪثر شريڪ ٿيندو هو. سندس آواز گرجدار ۽ محفل ۾ ويٺلن کي متاثر ڪندڙ هوندو هو. خيال جي گائڪيءَ جا ٽي مرحلا يعني آلاپ، بلمپت ۽ ورت نهايت سٺي انداز سان پيش ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هو. گهمڪ تانَ سندس گائڪيءَ جي خوبي هوندي هئي. ڪلاسيڪي موسيقيءَ کان سواءِ سرائيڪي ڪافيون پنجاب جي صوفي شاعرن توڙي ناصر ڪاظمي، قتيل شفائي، صوفي تبسم، فيض احمد فيض، مير تقي مير ۽ ٻين ڪيترن ناليوارن شاعرن جو ڪلام ڳائيندو هو. هيءُ 1974ع ۾ فن جي مظاهري لاءِ انگلنڊ ويو. 1976ع ۾ ڪويت، ان کان پوءِ بحرين، آمريڪا، ڪيناڊا، آسٽريليا، چين سميت ڪيترن ملڪن ۾ فن جو مظاهرو ڪيائين. ڇوٽي غلام علي ’ايڪ ت....وڌيڪ پڙهو