تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** رشيد آخوند **

رشيد آخوند: سينيئر وڪيل ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ سائنس فڪشن جي باني ڪهاڻيڪار رشيد آخوند جو پورو نالو رشيد احمد ولد عبدالله آخوند آهي. هن جا وڏا ٺٽي جا آخوند هئا ۽ سالن کان وٺي درس تدريس جو ڪم ڪندا هئا. اوڻيهين صديءَ جي آخر ۾ اُهي ڪراچي لڏي آيا. ابتدا ۾ اولڊ ٽائون، کارادر ڪوارٽرس ۾ اچي رهيا، جڏهن ته رشيد آخوند جو خاندان هن وقت ڪلفٽن، ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.

رشيد آخوند، ڪراچيءَ ۾ 16 اپريل 1935ع تي جنم ورتو.

هن پرائمريءَ کان ثانويءَ تائين اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي ۽ 1951ع ڌاري ڪراچي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ ڪئي. ان عرصي دوران سنڌ جو سٻاجهو شاعر تنوير عباسي سندس هم ڪلاسي رهيو. هن بي. اي ۾ انگريزي ۽ فلسفي جا مضمون کنيا ۽ اڳتي هلي ايل. ايل. بي جو امتحان پاس ڪري 1961ع کان وڪالت جي پيشي سان لاڳاپجي ويو ۽ ڪمرشل ۽ قانوني ميدان ۾ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جو سينيئر وڪيل آهي. ياد رهي ته سنڌ جي نامياري قانوندان اي. ڪي. بروهيءَ کان پوءِ آئيني وڪالت ۾ رشيد آخوند جو نالو سنڌ جي نامور قانوندانن ۾ شمار ٿئي ٿو.

جڏهن رشيد آخوند اين. جي. وي هاءِ اسڪول ۾ مئٽرڪ جو شاگرد....وڌيڪ پڙهو