سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
علي اظهار: ناليواري اديب، شاعر، ترجمي نگار ۽ صحافي علي اظهار جو پورو نالو علي محمد ولد ڌڻي بخش سومرو آهي. سندس جنم 7 جنوري 1971ع تي ڀريا سٽي، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڀريا سٽيءَ مان، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڀريا سٽيءَ مان، انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊياري مان ۽ ايم. ايس. سي (ايگريڪلچر) زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان 1998ع ۾ ڪيائين. ان کان سواءِ هن صوفي يونيورسٽي ڀٽ شاهه مان صوفي ازم ۾ ڊپلوما به ڪئي آهي. هن عملي زندگيءَ جي شروعات 2003ع ۾ ايگريڪلچر آفيسر جي حيثيت ۾ ڪئي. هن وقت زرعي توسيع کاتي ڄام شوري ۾ ايگريڪلچر آفيسر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
هن لکڻ جي شروعات 1987ع ڌاري ڪئي. سندس لکڻيون ادبي رسالن توڙي اخبارن ۾ ڇپجنديون رهيون. علي اظهار، سنڌي ادبي سنگت جي دريا خان جلباڻي، ٽنڊي ڄام ۽ حيدرآباد شاخن سان سلهاڙيل رهيو. علي اظهار زرعي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران، 1995ع ڌاري ماهوار رسالي ‘هزار داستان’ جو ايڊيٽر رهيو. 1999ع ۾ ڪجهه عرصي لاءِ عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي ايڊمنسٽريٽوِ آفيسر طور ڪم ڪيائين. ان کانپوءِ روزاني ‘سچ’ اخبار جي ڪرائيم....وڌيڪ پڙهو