تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2024-07-08 عيسوي تاريخ ۾


1922.07.08ع :  احمد خان آصف مصراڻي: احمد خان ’ آصف ‘ ولد محمد اسماعيل مصراڻي ، 8 جولاءِ 1922ع تي ڳوٺ مٺي ٻٻر ، ... وڌيڪ پڙهو 1934.07.08ع :  پريتم ڍالومل پارواڻي 8 جولاءِ 1934ع تي خيرپور سنڌ ۾ ڄائو. ... وڌيڪ پڙهو 1947.07.08ع :  مشهور صحافي در محمد ڪمال ولد حاجي محمد عيسيٰ سولنگي، 8 جولاءِ 1947ع تي ڳوٺ ڪوڙي جا ڀاڻ، تعلقي نوشهري... وڌيڪ پڙهو 1948.07.08ع :  عبدالرئوف عاصيءَ جو جنم 1889ع ڌاري ڳوٺ کنڊو، تعلقي وارهه ۾ ٿيو.هن 8 جولاءِ 1948ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 1949.07.08ع :  بشير سيتائيءَ جو جنم 8 جولاءِ 1949ع تي سيتا وليج ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو.... وڌيڪ پڙهو 1952.07.08ع :  نامور منتظم، آفيسر ۽ ليکڪ ديوان محمد اقبال، 8 جولاءِ 1952ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. ... وڌيڪ پڙهو 1954.07.08ع :  شاعر عبد سنڌيءَ جو پورو نالو عبدالله ولد عبدالرشيد آهي. سندس جنم 8 جون 1954ع تي ڳوٺ اوڀاڙو، تعلقي سج... وڌيڪ پڙهو 1959.07.08ع :  هالا پراڻا جي مشهور علمي ۽ ادبي خاندان آخوند ساوڻيءَ سان تعلق رکندڙ حفيظ قريشيءَ جو جنم، 8 جولاءِ 19... وڌيڪ پڙهو 1962.07.08ع :  عبدالرشيد گبول 8 جولاءِ 1962ع تي ڳوٺ صابو خان گبول، تعلقي ميرپورساڪري ۾ حاجي تورپيو گبول جي گهر ۾ جن... وڌيڪ پڙهو 1971.07.08ع :  رئيس گلڻ ڄام ڏاهريءَ، 8 جولاءِ 1971ع تي جمعي جي رات وفات ڪئي، کيس سندس ڳوٺ ڀرسان شاهه حسين قبرستان ۾... وڌيڪ پڙهو 1975.07.08ع :  اچ، 8 جولاءِ 1975ع تي هن شهر کي سب ڊويزن جو درجو ڏنو ويو . ... وڌيڪ پڙهو 1999.07.08ع :   ليکڪ ۽ شاعر اصغر شر جو اصل نالو غلام اصغر شر ولد نجم الدين شر آھي. ھي 8 جولائي 1999ع تي ڳوٺ سونو خ... وڌيڪ پڙهو 2003.07.08ع :  سندري اُتمچنداڻي 8 جولاءِ 2003ع تي ديهانت ڪري ويئي.... وڌيڪ پڙهو 2018.07.08ع :   احسن جوکئي 8 جولائي 2018ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** بڙ وارو ڍورو2 **

بڙ وارو ڍورو (ماڳ): هيءُ قديم ماڳ، ڪڍڻ شھر کان 20 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي مٺيءَ ڏانھن ويندڙ هاءِ وي روڊ جي ڀرسان ديھه سينگاري، تعلقي ۽ ضلعي بدين ۾ واقع آهي. هن تاريخي ماڳ کي سنڌ جي عظيم صوفي شاعر ۽ بزرگ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي تڪيي واري حيثيت حاصل آهي. هن ماڳ تي پراڻ درياهه جي وهڪري جا سامونڊي پٽي ۾ داخل ٿيڻ جا بيشمار اهڃاڻ موجود آهن. روايت آهي ته ان زماني ۾ هتي بڙ جا وڻ جام هوندا هئا. شاهه سائين ساڱري طرف ايندي ويندي ڪيترائي ڀيرا انهن مان هڪ وڏي وڻ جي هيٺيان ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ويٺو. ڳوٺاڻن سان رهاڻيون ڪيون، جن جي اڪثريت جت قبيلي مان هئي. شاهه سائين سان هتي عبدالعظيم شاهه عرف وڏل شاهه ۽ رمضان جت ڪچھريون ڪيون. شاهه سائين جي وفات بعد وڏل شاهه انهي بڙ هيٺ ويھي شاهه جو گنج ترتيب ڏنو. رمضان جت مختلف علائقن مان ڪيترائي شاهه جا عقيدتمند وٺي آيو، جن کي شاهه جو ڪلام ياد هو. انهن وڏل شاهه جي، گنج ترتيب ڏيڻ ۾ مدد ڪئي. رمضان جت نڙ بيت جو وينجهار هو ۽ خوشحال جت ساڻس دنبورو وڄائيندو هو. اهو ڳوٺ اڳتي هلي رمضان جت جي نالي سان سڏجڻ لڳو. روايت آهي ته هڪ دفعي شاهه سائين اڪيلو بڙ تي آيو. ان وقت هڪ عورت گنگا جتڻ کوه....وڌيڪ پڙهو