تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2024-11-05 عيسوي تاريخ ۾


1605.11.05ع :  عبدالقادر بدايوني 65 سالن جي عمر ۾ 5 نومبر 1605ع ۾ آگري ۾ وفات ڪري ويو. ... وڌيڪ پڙهو 1933.11.05ع :  غلام رباني آگرو ، تعلقي ڪنڊياري جي ڳوٺ ’ محمد خان آگري ‘ ۾ 5 نومبر 1933ع تي ڄائو .... وڌيڪ پڙهو 1946.11.05ع :  لسانيات جي نامياري ماهر، سندري پرچاڻيءَ 5 نومبر 1946ع تي ضلعي نوابشاهه (هاڻي نوشهري فيروز) جي شهر به... وڌيڪ پڙهو 1949.11.05ع :  سنڌ جي ناليواري سياستدان، اڳوڻي ايم. اين. اي ۽ ايم. پي. اي رفيق احمد ولد عبدالله مهيسر جو جنم 5 نومب... وڌيڪ پڙهو 1953.11.05ع :  ڊاڪٽرمحمد ابراهيم سنڌيءَ جوجنم 5 نومبر 1953ع تي ڳوٺ خير محمد سمون، تعلقي بلڙي شاهه ڪريم، ضلعي ٽنڊي ... وڌيڪ پڙهو 1953.11.05ع :   ليکڪ، محقق ۽ سياسي ڪارڪن اياز ڀاڳت جو جنم 5 نومبر 1953ع تي حاجي گل محمد ڀاڳت جي گهر، لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.... وڌيڪ پڙهو 1961.11.05ع :  علي محمد عباسي 5 نومبر 1961ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 1983.11.05ع :  فقيـر ولي بخـش 5 نومبـر 1983ع تي ڇنڇر رات مـطابـق 29 محرم الحرام 1404هه تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 1986.11.05ع :  مشھور اينڪر پرسن پارس ڌيءَ جهانزيب 5 نومبر 1986ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.... وڌيڪ پڙهو 1995.11.05ع :  روزاني سنڌ اخبار جي باقاعدي اشاعت 5 نومبر 1995ع کان شروع ٿي... وڌيڪ پڙهو 2009.11.05ع :  آصف مٺياڻوي 5 نومبر 2009ع تي دل جي دوري سبب وفات ڪئي. ... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** پرمار **

پَرمَارُ: پرمار هندن جي مختلف پرتن ۾ راجپوتن (سوڍن)، سوٽهڙن، مينگهواڙن ۽ ڪولهين ۾ نُک ٿيندي آهي. پرمارن جي اصل جنم ڀومي پارڪر آهي. هندو شاسترن مطابق شري پرسرام کي ڀڳوان وشنوءَ جو ڇهون اوتار ڪري ليکيو وڃي ٿو. هڪ روايت آهي ته هڪ دفعي ڳئون جي معاملي تان راجپوت راجا ڪرتويه ۽ شري پرسرام جي وچ ۾ ويڙهه ٿي، جنهن تي راجا جي ماڻهن شري پرسرام جي پيءَ شيراج جمندگانيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو. جنهن تي شري پرسرام اعلان ڪيو ته مان ڪنهن به راجپوت کي بخش نه ڪندس. انهيءَ اعلان سان راجپوت ناس ٿي ويا. هندو ڌرم موجب چؤٻول اٿيو ته راڪاس هندو رعيت کي گهڻو ستائين ٿا. برهمڻن، ڀڳوان جي پرارٿنا ڪئي ۽ منتر پڙهيا، جنهن تي ڪِن ”مار! مار!“ چيو. ان ڏينهن کان وٺي انهن جو نالو پرمار پئجي ويو. هنن ”آبو“ جبل کي 900ع ڌاري پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بنايو هو. سڄي پارڪر ۾ پکڙجي ويا.

ڪتاب ”راجپوتانا اتهاس“ ۾ راجپوت سوڍن ۾ پرمارن جون هيٺيون شاخون بيان ٿيل آهن: سوڍا، سانکلا، موريا، سومرا، کيسر، ميپاوت، وهل، ٻلهر، ڪاٻار، امٽ، ريهور، چوٽورا، کيچر، ڍونڍا، سورٺيا، سوکڙا، هريا، ڪوهلا، پويا، ڀوجا، سپل، ڀيٻا، ڀوڪرڻا، ديوا، ڪهوريا، ڪالس....وڌيڪ پڙهو