تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2024-09-21 عيسوي تاريخ ۾


1860.09.21ع :  شوپنهار آرٿر 21 سيپٽمبر 1860ع تي فرينڪ فرٽ (Frankfurt)، جرمنيءَ ۾ وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 1866.09.21ع :  انگريزي ٻوليءَ جي نامور ناول نگار ايڇ. جي ويلز 21 سيپٽمبر 1866ع تي ڪينٽ ۾ جنم ورتو.... وڌيڪ پڙهو 1874.09.21ع :  ديني عالم، فقيهه، مولانا عبدالحق ولد حافظ بلوچ خان چانڊيو، 21 سيپٽمبر 1874ع تي ڳوٺ راوتسر، تعلقي ڇاڇ... وڌيڪ پڙهو 1894.09.21ع :  ناميارو مصور عبدالرحمان ولد ميان ڪريم بخش چغتائي،21 سيٽمبر 1894ع تي لاهور ۾ پيدا ٿيو... وڌيڪ پڙهو 1927.09.21ع :   ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي 21 سيپٽمبر 1927ع تي سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ پرنسپال جي چارج ورتائين... وڌيڪ پڙهو 1928.09.21ع :  ڄيٺو منگلداس جرگياڻي، 21 سيپٽمبر 1928ع تي ٺٽي ضلعي جي جاتي شهر ۾ ڄائو، ... وڌيڪ پڙهو 1957.09.21ع :  عبدالحق جکراڻي کي 21 سيپٽمبر 1957ع تي ڳڙهي خيري اسٽيشن تي جيڪب آباد اچڻ وقت کيس قتل ڪيو ويو .... وڌيڪ پڙهو 1960.09.21ع :  احمد خان سهاڳ: احمد خان سهاڳ ، سنڌي ٻوليءَ جو سُگهڙ ۽ اديب آهي . هن 21 سيپٽمبر 1960ع تي ڳوٺ الهرک... وڌيڪ پڙهو 1981.09.21ع :   بين الاقوامي شهريت رکندڙ سنڌ ڄائو مصور، عمران چنا، 21 سيپٽمبر 1981ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. ... وڌيڪ پڙهو 1988.09.21ع :  بلاول ڀٽو زرداري، 21 سيپٽمبر 1988ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو.... وڌيڪ پڙهو 1990.09.21ع :  طفيل نيازي 1916ع ڌاري جالنڌر ۾ پيدا ٿيو. هي 21 سيپٽمبر 1990ع تي اسلام آباد ۾ وفات ڪري ويو.... وڌيڪ پڙهو 1993.09.21ع :  پير محمد زمان شاهه هاشمي21 سيپٽمبر 1993ع ۾ وفات ڪري ويو... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** عبدالڪريم ٻگهيوحاجي **

عبدالڪريم ٻگهيو،حاجي : ناليوارو اديب، زرعي ماهر ۽ مشهور سماج سڌارڪ عبدالڪريم ٻگهيو ولد غلام حيدر، 10 اپريل 1940ع تي ڳوٺ لوٿي وارهه، تعلقي ميهڙ، ضلعي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم 1955ع ۾ گورنمينٽ پرائمري اسڪول محمد کٽياڻ مان، مئٽرڪ گورنمينٽ ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان 1962ع ۾، انٽر گورنمينٽ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1964ع ۾ حاصل ڪئي. ان کان سواءِ زراعت بابت فيلڊ اسسٽنٽ جو ڪورس پڻ ڪيائين. هن عملي زندگيءَ جي شروعات 1966ع ۾ زراعت کاتي ۾ ايف. اي طور ڪئي. جنهن بعد هن زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام، ڪوٽ غلام محمد، بدين، دادو، ڊگهڙي وغيره ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. هيءُ نوڪريءَ دوران سوشل فرٽيلٽي آفيسر ٽنڊو ڄام، اسسٽنٽ سوشل فرٽيلٽي آفيسر خيرپور ميرس، پروڊڪشن ايگزامانسٽ دادو، اي آر اسٽيشن نئون ديرو، ايگزامانسٽ ايگري ريسرچ انسٽيٽيوٽ ٽنڊو ڄام، اسسٽنٽ ڊئريڪٽر ايگريڪلچرل ايڪسٽينشن حيدرآباد، ڊپٽي ڊئريڪٽر دادو وغيره شامل آهن. پاڻ 31 آڪٽوبر 2001ع تي ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عهدي تان دادوءَ مان رٽائر ٿيو. عبدالڪريم ٻگهيي کي لکڻ پڙهڻ سان ننڍپڻ کان ئي شوق هو. سندس ڪيترائي زراعت بابت مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇ....وڌيڪ پڙهو