تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2024-11-14 عيسوي تاريخ ۾


1670.11.14ع :  شيخ ابو طاهر الڪوراني يارهين رجب 1081هه/ 14 نومبر 1670ع تي مديني منوره ۾ جنم ورتو.... وڌيڪ پڙهو 1944.11.14ع :  الطاف شيخ 14 نومبر 1944ع ۾ نوان هالا ، سنڌ ۾ ڄائو ... وڌيڪ پڙهو 1968.11.14ع :  مشھور شاعر مجازي جروار جو اصل نالو محمد رحيم ولد حاجي موسيٰ جراور آهي. 14 نومبر 1968ع تي ڳوٺ الھه بخ... وڌيڪ پڙهو 1969.11.14ع :  ليکڪ ۽ ڪالم نويس انور حسين ولد حاجن علي سومرو 14 نومبر 1969ع تي حيدرآباد شھر ۾ ڄائو. ... وڌيڪ پڙهو 1970.11.14ع :  اداڪاره، ليکڪا، ڪالم نويس ۽ براڊ ڪاسٽر هما مير 14 نومبر 1970ع تي مير حامد عليءَ جي گهر ڪراچيءَ ۾ جنم... وڌيڪ پڙهو 1972.11.14ع :  مولانا ظھورالحسن درس 14 نومبر 1972ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 1975.11.14ع :  ايٿليٽڪس ۾ پاڻ مڃائيندڙ سنڌ ڄائي انيلا ابڙو لاڙڪاڻي ۾، محمد اسحاق ابڙي جي گهر 14 نومبر 1975ع تي جنم... وڌيڪ پڙهو 1992.11.14ع :   شاعره، سماجي ڪارڪن ۽ وڪيل فائزه ڌيءَ محمد ايوب سولنگي 14 نومبر 1992ع تي ڳوٺ حافظ خان محمد سولنگي، ت... وڌيڪ پڙهو 1994.11.14ع :  نامور سياستدان در محمد اوستو 14 نومبر 1994ع تي وفات ڪئي. کيس اباڻي ڳوٺ نئورا (Nawra) ۾ دفنايو ويو.... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** چَرڪ **

چـَرڪ (حڪيم): هي 460 ق.م جي زماني جو هاڪارو ويد ٿي گذريو آهي. رشي چرڪ، آتري رشيءَ جي ٻن شاگردن اگني ويش جي حڪمتي ڪتاب ندان انجن ۽ هاريت جي حڪمتي ڪتاب ’هاريت سنگھتا‘ جي مدد سان پنهنجي حڪمت جو ڪتاب چرڪ سنگھتا ترتيب ڏنو، جنهن ۾ اڳ وارن ٻنهي ڪتابن جا اخلاڪي مسئلا پڻ حل ڪيا. طب جي ميدان ۾ کيس اوتار جو رتبو مليل آهي. چرڪ، سشرت رشيءَ کانپوءِ ۽ واگهٽ رشيءَ کان اڳ جو علم حڪمت جو مدبر ٿي گذريو آهي. چرڪ سنگهتا علم حڪمت ۾ هڪ جامع طبي تصنيف هئي.

رشي ۽ ويد چرڪ جو اصل وطن ’پنجند‘ ڪشمير هو. هن علمي تربيت جامع ٽيڪسلا (ان وقت جي تڪس شالا) مان حاصل ڪئي هئي. هن هند سنڌ جي مختلف علائقن جو سير سفر پڻ ڪري حڪمت جو علم حاصل ڪيو هو. هو ڪيترن ورهين جي مسلسل تجربن ۽ مشاهدن کانپوءِ انهيءَ مرتبي تي رسيو، جيڪو سشرت رشيءَ کانپوءِ سندس ئي ورثو هو. رشي چـَرڪ اعليٰ ويڄ ۽ طبيب هئڻ سان گڏوگڏ جراحت جي فن ۾ پڻ مهارت رکندو هو. هن جي علاج ۽ جراحت واري فن کي علم حڪمت جي ميدان ۾ ڪنهن به ڪمال کان گھٽ نه ٿو ليکيو وڃي. سندس علم حڪمت جي ڪتاب چرڪ سنگھتا جو متن ’وديا ساگر‘ نالي 1896ع ۾ ۽ ’گمپت‘ نالي 1897ع ڌاري ٻن حڪمتي مج....وڌيڪ پڙهو