تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** جيون گرساهاڻي **

جيون گرساهاڻي: جيون گرساهاڻيءَ جو اصل نالو جيون گوبند رام گرساهاڻي آهي سندس جنم 13 آڪٽوبر 1928ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. جيون گرساهاڻي ورهاڱي وقت سنڌ مان لڏي ڀارت وڃي انوپ نگر، اندور ۾ آباد ٿيو. سندس سڃاڻپ ڊرامه نگار واري آهي. هُن پنهنجو پهريون سنڌي اسٽيج ڊرامو دهليءَ ۾ 1950ع ڌاري ڪيو، جيون گرساهاڻي سرگرم ڪارڪن طور ڪيترين ئي سنڌي سماجي ۽ ثقافتي تنظيمن سان سلهاڙيل رهيو جن ۾ آکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا اهم آهي.

ورهاڱي کانپوءِ سنڌي اسٽيج جي پيڙهه جو پٿر رکڻ وارو هي شخص تمام جاکوڙي هو ۽ ڏکڻ هندستان ۾ سنڌي اسٽيج ڊرامي لاءِ تمام گهڻو پتوڙيائين. هن 1961ع ۾ ’سنڌو ڪلا سنگم‘ جو بنياد وڌو، جنهن جي پليٽفارم تان هُن 14 سنڌي ڊراما پيش ڪيا، جڏهن ته سندس ٻيا 76 ڊراما پيش ڪيا ويا، جن ۾ 33 ڊراما (One Act Play) ايڪانيڪي ناٽڪ هئا. ’مهمان ۽ نيلم‘ (1961ع)، ’ڪاڪو بهيلاڻيءَ وارو‘ (1962ع)، ’ميـرج بيورو‘ (1963ع)، ’فيش ايبل‘ (1970ع)، ’اُلـجهـن‘ (1962ع)، ’دودو چنيسر‘ (1973ع) ۽ ’جلوس‘ (1980ع) ۾ پيش ڪيو ويو، ’جلوس‘ ناٽڪ، بادل سرڪار جو هو، جيڪو لڇمڻ ڪومل ترجمو ڪيو هو. ان کانپوءِ 1989ع ۾ جيون گرسهاڻيءَ هڪ وڊيو ....وڌيڪ پڙهو