تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** شهمير شاهه شهيد سيد **

شهمير شاهه ‘شهيد’، سيد : سيد شهمير شاهه جو شمار ٻارهين صدي هجريءَ جي صاحب ڪرامت بزرگن ۽ ڪامل اوليائن ۾ ٿئي ٿو. پاڻ متعلوي سادات جي جراڙپوٽا خاندان مان هو. ننڍپڻ کان ئي الله لوڪ هوندو هو. ڪيتريون ڪرامتون ساڻس منسوب آهن.

ڪتاب ‘تذڪره شعراءِ ٽکڙ’ ۾ سيد شهمير جي باري ۾ هن طرح لکيل آهي ته، شهمير شاهه کي سندس مرشد ارشد ميان سيد حاجي شاههرحه جي حڪم تي درياهه رستي لاڙ ۾ آيو ۽ اتي ئي پنهنجو ڳوٺ وسين شهمير شاهه يا شهميراڻي وسين جي نالي سان ٻڌائين. ٻي روايت موجب ديهه هٽڙيءَ ۾ شهمير شاهه ۽ سندس ڀائرن جي زمين هئي. انهيءَ زمين ۾ سندس راڄ جا ٻيا به ڪي سيد ڀائيوار هئا، هڪڙي ڏينهن شهمير شاهه گهر کان ٻاهر ويل هو ۽ اهي ڀائيوار سيد سندس امڙ وٽ آيا ۽ کانئس سندس زمين جو حصو بخشائي ورتائون. جڏهن شهمير شاهه گهر آيو تڏهن اهو احوال ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيس، پوءِ ماءُ جي چوڻ تي لاڙ ۾ آيو. جتي کيس ڪجهه ناڻي ساڻ ۽ ڪجهه مفت زمين ملي، ٿوري وقت کان پوءِ سندس ڀائر پڻ مٽيارين مان لڏي اچي وسين شهمير شاهه ۾ ويٺا، آهستي آهستي ڳوٺ وڌندو ويو ۽ مٽيارين مان ڳنڀير، کٽي، ميمڻ، شيدي، گولا ۽ واڻيا پڻ چڱي تعداد ۾ لڏي اچي آباد ٿيا....وڌيڪ پڙهو