تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** شادي فقير **

شادي فقير: نامور راڳي شادي فقير، 1943ع ڌاري ڳوٺ ابوبڪر سومرو (نونهيون) تعلقي ۽ ضلعي عمرڪوٽ ۾ اڪبر فقير مڱڻهار جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس ڏاڏو عيسو فقير پنهنجي دؤر جو بهترين سارنگي نواز ۽ دهلاري هو. شادي فقير، پندرهن سالن جي عمر ۾ 1958ع ڌاري مشهور فنڪار استاد خير محمد خان جي شاگردي اختيار ڪري وٽس راڳ سکڻ لڳو ۽ 1964ع تائين وٽس سکيا هيٺ رهيو. استاد خير محمد خان جي وفات بعد پاڻ راڳ جي پارکو سيد محمد زمان شاهه وٽ مٽياريءَ ۾ رهڻ لڳو، جنهن وٽ ان دؤر جا ڪيترا وڏا فنڪار محفلون ڪندا هئا. شادي فقير 1969ع تائين مٽياريءَ ۾ رهي مختلف فنڪارن کان راڳ جي سکيا وٺي پنهنجي ڳوٺ آيو ۽ محفلن ۾ ڳائڻ جو آغاز ڪيائين. شادي فقير 1972ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان وابسته ٿيو ۽ ڪيترا پروگرام ڪري پنهنجي فن ۾ مقبوليت حاصل ڪيائين. کيس غزل، ڪافي، گيت ۽ ڪلام جو بهترين گائڪ تسليم ڪيو وڃي ٿو. سندس خاص شاگردن مان استاد شفيع فقير، فتح محمد فقير، قاسم اوٺو ۽ ڪالو فقير راڳ جي دنيا ۾ وڏي مقبوليت ماڻي چڪا آهن. شادي فقير 25 آڪٽوبر 1980ع تي لاڙ جي مشهور بزرگ سمن سرڪار جي ميلي تي ڳائڻ دوران دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪئي. شادي فقير....وڌيڪ پڙهو