سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
هجري تاريخ ۾
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
آزاد صوفي (گائڪ): مشھور سنڌي گائڪ آزاد صوفيءَ جو اصل نالو پرسرام بودالال درياناڻي هو. 15 فيبروري 1930ع تي خيرپور ميرس، سنڌ ۾ ڄائو. ڌرمي حوالي سان، مختلف سُرن ۾ ڪيترائي گيت ڳائي مشھور ٿيو. جي ماسٽرس وائس پاران سندس ڪيترائي ڪلام، قواليون، غزل، سلوڪ، پلئو ۽ آرتيون رڪارڊ ڪيل آھن. ڀارت جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هن سنڌي سنگيت جا پروگرام ڪيا. ھندستان جي مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان سندس ڳايل ڪلام ۽ ڌرمي گيت نشر ٿيا. 1968ع کان 1978ع تائين سندس ڪلامن جا ”ٺار ماتا ٺار“، ”ست نارائڻ جي ڪٿا“، ”ڪرم ڪرين يا ڌرم ڪرين“، ”جوڙ جُتيءَ جو ناهيان“، ”هر رنگ ۾ رڱيل“، ”جئه جئه ڀولي ناٿ ڀنڊاري“، ”صوفين جي سوغات“، ”شو راتڙي مھاتم“ ۽ ٻيا البم رليز ٿيل آھن.هن شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ بلھي شاهه سميت ڪبير ڀڳت جي دوهن کي پنھنجي خاص صوفي گائڪيءَ ۾ ڳايو آهي. 17 سيپٽمبر 1982ع تي احمد آباد، گجرات ۾ وفات ڪئي. سندس ڌي ۽ مشھور سماجي ورڪر ديپا آزاد صوفي پاران، پنھنجي والد جي ياد ۾ آزاد صوفي ميموريل ٽرسٽ به قائم ڪيل آهي.....وڌيڪ پڙهو