تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2024-07-07 عيسوي تاريخ ۾


1604.07.07ع :   ميرڪ سيد عبدالاول حسيني پوراني، ميرڪ محمد عبدالله جو وڏو پٽ هو، هن 17 صفر المظفر 1013هه/ 7 جولاءِ 1... وڌيڪ پڙهو 1884.07.07ع :  نامور عالم، شاعر زيب مگسيءَ جو اصل نالو نواب گل محمد ولد نواب قيصر خان مگسيءَ هو. سندس جنم 7 جولاءِ ... وڌيڪ پڙهو 1889.07.07ع :  شيخ عبدالمجيد جو اصل نالو ڄيٺانند هو ۽ پاڻ تاريخ 7 جولاءِ 1889ع مطابق 8 ذوالقعد 1306هه، آچر ڏينهن جن... وڌيڪ پڙهو 1909.07.07ع :  تيرٿ وسنت ، 7 جولاءِ 1909ع تي سنڌ جي تاريخي شهر خيرپور جي ڳوٺ لقمان ۾ ويڙهي مل وسنداڻيءَ جي گهر ۾ ... وڌيڪ پڙهو 1923.07.07ع :  علامه عبدالواحد ڌاريجو سنڌ جي مايه ناز عالمن، اديبن، استادن ۽ شاعرن مان هڪ هو، هن 7 جولاءِ 1923ع تي ... وڌيڪ پڙهو 1929.07.07ع :   نامياري شاعر ۽ صحافي حسن عابديءَ جو پورو نالو حسن عسڪري عابدي هو. هن 7 جولاءِ 1929ع تي مظفر آباد ضل... وڌيڪ پڙهو 1943.07.07ع :  پيپلز پارٽيءَ جو اڳواڻ ڊاڪٽر سڪندر منڌرو ولد ٺارو خان منڌرو، 7 جولاءِ 1943ع تي بدين ۾ ڄائو.... وڌيڪ پڙهو 1953.07.07ع :   ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي 07 جولاءِ 1953ع تي وفات ڪئي... وڌيڪ پڙهو 1961.07.07ع :  سنڌ جي ناليواري قومي راڳي سرمد سنڌيءَ جو اصل نالو عبدالرحمان ولد محمد حيات مغل هو. سندس جنم 7 جولاءِ... وڌيڪ پڙهو 1986.07.07ع :  مائي ڀاڳي 7 جولاءِ 1986ع ۾ نئين ڪوٽ ريلوي اسٽيشن لڳ وفات ڪئي... وڌيڪ پڙهو 1987.07.07ع :  صحافي، ڪھاڻيڪار ۽ اديب اشفاق لغاري 7 جولاءِ 1987ع تي ڳوٺ محمد ايوب لغاري، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي الهيار ۾... وڌيڪ پڙهو 2007.07.07ع :  اميد خيرپوري 7 جولاءِ 2007ع تي وفات ڪئي ... وڌيڪ پڙهو 2020.07.07ع :   ايسر سنگهه بيديءَ 07 جولائي 2020ع تي اجمير ۾ وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو

هجري تاريخ ۾


0000.11.01ھ: بَدَر: مڪي ۽ مديني جي درميان حجاز جو مشهور چشمو ، جيڪو مديني منوره کان تقريباً 80 ميل پري آهي . ه... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** آزاد صوفي گائڪ **

آزاد صوفي (گائڪ): مشھور سنڌي گائڪ آزاد صوفيءَ جو اصل نالو پرسرام بودالال درياناڻي هو. 15 فيبروري 1930ع تي خيرپور ميرس، سنڌ ۾ ڄائو. ڌرمي حوالي سان، مختلف سُرن ۾ ڪيترائي گيت ڳائي مشھور ٿيو. جي ماسٽرس وائس پاران سندس ڪيترائي ڪلام، قواليون، غزل، سلوڪ، پلئو ۽ آرتيون رڪارڊ ڪيل آھن. ڀارت جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هن سنڌي سنگيت جا پروگرام ڪيا. ھندستان جي مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان سندس ڳايل ڪلام ۽ ڌرمي گيت نشر ٿيا. 1968ع کان 1978ع تائين سندس ڪلامن جا ”ٺار ماتا ٺار“، ”ست نارائڻ جي ڪٿا“، ”ڪرم ڪرين يا ڌرم ڪرين“، ”جوڙ جُتيءَ جو ناهيان“، ”هر رنگ ۾ رڱيل“، ”جئه جئه ڀولي ناٿ ڀنڊاري“، ”صوفين جي سوغات“، ”شو راتڙي مھاتم“ ۽ ٻيا البم رليز ٿيل آھن.هن شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ بلھي شاهه سميت ڪبير ڀڳت جي دوهن کي پنھنجي خاص صوفي گائڪيءَ ۾ ڳايو آهي. 17 سيپٽمبر 1982ع تي احمد آباد، گجرات ۾ وفات ڪئي. سندس ڌي ۽ مشھور سماجي ورڪر ديپا آزاد صوفي پاران، پنھنجي والد جي ياد ۾ آزاد صوفي ميموريل ٽرسٽ به قائم ڪيل آهي.....وڌيڪ پڙهو