سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
سيد نجف علي شاهه ’ڪمتر‘ نقوي: نامور عالم، شاعر ۽ لطيف شناس، سيد نجف علي شاهه نقوي، 20 اپريل 1923ع تي ڳوٺ ٽنڊي جهانيان، حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. هن مئٽرڪ تائين تعليم بمبئي يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. نجف علي شاهه ’ڪمتر‘ نقوي حسب نسب موجب امام تقي عليه السلام جي اولاد مان هو. سندن مورث اعليٰ، سيد جلال الدين حيدر سُرخ بخاري، اُچ شريف، ضلعي بهاولپور ۾ مدفون آهي. اُن جو پوٽو سيد جلال الدين مخدوم جهانيان مشهور بزرگ اوليائن مان ٿي گذريو آهي، جنهن جو اولاد سنڌ ۾ اچي آباد ٿيو، جنهنڪري هن خاندان وارا ’جهانيان پوٽا‘ سڏيا وڃن ٿا.
سيد نجف علي شاهه جي تعليم اڃا اڌوري ئي هئي ته سندس والد بزرگوار سيد حسين علي شاهه وفات ڪري ويو، جنهنڪري کيس دنياوي ڪاروبار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻو پيو. زمين سنڀالڻي پئي. شاهه صاحب زراعت جو ماهر هو.
سيد نجف علي شاهه ’ڪمتر‘ جي خاندان ۾ تصوف ۽ فقر نمايان آهي. سندس وڏا، وقت جي حاڪمن سان لاڳاپا هئڻ جي باوجود، هميشه فقيرانه زندگي بسر ڪندا رهيا. نجف علي شاهه جو پورو خاندان، ادبي ۽ علمي حيثيت جي ڪري مشهور آهي. سندس وڏن بزرگن مان ڪيترا صاحبِ تصنيف ۽ شاعر ٿي گذريا آهن. ش....وڌيڪ پڙهو