سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
جارج ابراهَم گريئرسن (Sir, George Abraham Grierson ):سر ڊاڪٽر جارج ابراهم گريئرسن، 7 جنوري 1851ع تي ڊبلن جي علائقي گلينگيئري، آئرلينڊ (Glenageary, County Dublin, Ireland) ۾ نامياري ڊبلن ڪٽنب ۾ ڄائو. هن جو پيءُ ۽ ڏاڏو به جارج (George) سڏبا هئا، جيڪي ناميارا پبلشر ۽ پرنٽر هئا. هن جو والد ڊبلن ۾ سرڪاري پريس هلائيندو هو. گريئرسن سينٽ بيز اسڪول ڪمبرلئنڊ (St. Bees School, Cumberland) ۽ ٽرنيٽي ڪاليج ڊبلن (Trinity College Dublin) مان تعليم حاصل ڪئي. ڊبلن يونيورسٽيءَ ۾ هن سنسڪرت ۽ هندستاني ٻولين ۾ انعام به حاصل ڪيا. جارج گريئرسن ’ڊبلن يونيورسٽيءَ‘ جو فارغ التحصيل ۽ اتي جي مشهور عالم فاضل استاد پروفيسر ائٽڪنسن (Prof. Atkinson) جو لائق ۽ پيارو شاگرد هو. گريئرسن 1871ع ۾ انڊين سول سروس ۾ شامل ٿيو ۽ بنگال پرڳڻي ۾ 1873ع ۾ پهتو. هي هڪ ئي وقت پٽنا ۾ مئجسٽريٽ ۽ ڪليڪٽر ٿيو ۽ بعد ۾ بهار ۾ ايجنٽ (Opium Agent) مقرر ٿيو. گريئرسن کي 1888ع ۾ نئين جوڙيل ’لئنگئسٽڪ سروي آف انڊيا‘ جو سپرنٽيڊنٽ مقرر ڪيو ويو ۽ ترت ئي انگلنڊ ۾ يورپين لائبرين ۽ عالمن سان رابطي ۾ اچڻ لاءِ روانو ٿيو. گريئرسن مختلف ٻولين جي محاورن، بهار ....وڌيڪ پڙهو