تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** پيٽراعظم **

پيٽراعظم: پيٽر اعظم دنيا جي مشهور شخصيتن ۾ شامل آهي. پيٽراعظم جو جنم 1672ع ڌاري ماسڪو ۾ ٿيو. پيٽراعظم کي روس جي سمورن زارن (روس جي بادشاهه جو لقب) ۾ اهم ترين شخصيت طور مڃيو وڃي ٿو. روس کي دنيا جي وڏي طاقت بنائڻ ۾ هن اهم ڪردار ادا ڪيو هو. سندس پيءُ جو نالو زار اليڪسز ۽ ماءُ جو نالو نتاليه نرشڪينا هو. پيٽر اڃا چئن سالن جو هو ته سندس پيءُ وفات ڪري ويو. اليڪسز کي ٻي گهر واريءَ مان تيرهن ٻار هئا. پيٽر جڏهن سياست ڪرڻ جهڙو ٿيو ته تخت جي لالچ ۾ هن خاندان ۾ سرد جنگ ڇڙي وئي ۽ پيٽر کي جان بچائي ملڪ مان ڀڄڻو پيو. ڪيترن سالن تائين پيٽر جي ويڳي ڀيڻ صوفيه نائب بادشاهه رهي. جنهن کي 1689ع ڌاري ان عهدي تان هٽايو ويو ، ان سان پيٽر جي تخت حاصل ڪرڻ جو رستو کلي پيو، تخت جو رستو آسان ٿي پيو. 1698ع ڌاري پيٽر روس موٽي آيو ۽ روسي رياست کي مغربي جديد تهذيب، تمدن ۽ ٽيڪنالاجيءَ سان روشناس ڪرايو. پيٽر جي دور ۾ روس جي نيوي فوج جو بنياد وڌو ويو، زميني فوج کي مغربي طرز سان تشڪيل ڏنو ويو ۽ انهن کي ورديون ۽ جديد هٿيار ڏنا ويا. سماجي معاملن ۾ پيٽر مغربي تهذيب کي متعارف ڪرايو، هن حڪم جاري ڪيو ته هر ماڻهو ڏاڙهي ڪوڙائي ۽ ڪو....وڌيڪ پڙهو