سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
شنگرف (Cinnabar): ‘شنگرف’ شوخ ڳاڙهي رنگ جي هڪ اهڙي معدنيات آهي جنهن ۾ پارو (mercury) ۽ گندرف (sulfur) ٿئي ٿو، دنيا ۾ گھڻي ڀاڱي پارو، هن ئي معدنيات مان حاصل ڪيو وڃي ٿو. شنگرف کي انگريزي زبان ۾ سِنبار يا مرڪيوري سلفائيڊ (mercury sulfide) پڻ سڏيو وڃي ٿو، هن جي ڪيميائي نشاني HgS آهي. شنگرف جي عام طور تي سڃاڻپ ان جي شوخ ڳاڙهي رنگ رستي ڪئي وڃي ٿي. شنگرف جي ڳاڙهن قلمن جي چِٽ جو مدار هن ڌاتوءَ جي نج هجڻ تي هجي ٿو. جيڪڏهن نج حالت ۾ هجي ته شوخ ڳاڙهي رنگ جو ٿئي ٿو، پر جي نج حالت ۾ ناهي ته ڀوري ڳاڙهي رنگ، دالچينيءَ جي ڳاڙهي رنگ کان ڳاڙهيءَ پڪل سِر جهڙو ٿئي ٿو. گھڻي ڀاڱي زمين جي مٿاڇري ڀرسان، ٻرندڙن جبلن ۽ گرم چشمن ويجهو لڀي ٿو.
شنگرف، 1980ع جي شروع واري ڏهاڪي کان چين جي هونان صوبي مان وڏي مقدار ۾ پيدا ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته اٽلي، ادريا، سربيا، المادين، اسپين سميت ڪيترن ملڪن ۾ هن ڌاتوءَ جا ذخيرا موجود آهن. امريڪا جي ڪن رياستن ۾ شنگرف جون کاڻيون پڻ آهن.
جڏهن پارو ڪنهن به ٻئي اصلي ڌاتوءَ (سواءِ پلئٽينم ۽ لوهه) سان ملي ٿو ته ‘پاري ميل’ (amalgam) ٺاهي ٿو. جڏهن ته ‘املگم’ نالي خود به ....وڌيڪ پڙهو