تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2024-10-05 عيسوي تاريخ ۾


1844.10.05ع :  سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب، ليکڪ ۽ تعليمدان، ديوان ڪوڙومل، ڀريا، تعلقي نوشهري فيروز، ضلعي نوابشاهه ... وڌيڪ پڙهو 1888.10.05ع :  سنڌي ٻوليءَ جي مشهور مستشرق ۽ نامور محقق سر رالف للي ٽرنر ولد جارج ٽرنر جو جنم 05 آڪٽوبر 1888ع تي چا... وڌيڪ پڙهو 1898.10.05ع :  سنڌ جي نامياري تعليمي ماهر محمد اسلم ولد خانبهادر محمد ابراهيم شيخ 15 آڪٽوبر 1898ع تي حيدرآباد ۾ جنم... وڌيڪ پڙهو 1939.10.05ع :  اديب، محقق ۽ تعليمدان ڊاڪٽر حيدر سنڌي جو اصل نالو غلام حيدر ولد حاجي علي مراد ٻرڙو آهي. هن 5 آڪٽوبر... وڌيڪ پڙهو 1943.10.05ع :  دادي لالي جي پهرين مقرري پرائمري ماسترياڻيءَ جي حيثيت ۾ ميرپورخاص لڳ پرائمري گرلس اسڪول کاڻ ۾، 5 آڪٽ... وڌيڪ پڙهو 1946.10.05ع :  اردو زبان جي نامياري ڪهاڻيڪار؛ ناول نويس، ڪالم نويس ۽ ڊرامه نگار زاهده حنا، محمد ابوالخير جي گهر ۾، ... وڌيڪ پڙهو 1954.10.05ع :  اعجاز علي خان جتوئي 5 آڪٽوبر 1954ع تي ڄائو... وڌيڪ پڙهو 1956.10.05ع :   سنڌ جي نامياري قومپرست سياسي اڳواڻ، ڊاڪٽر دودي مهيريءَ جو پورو نالو دودو ولد محمد صالح مهيري آهي. ه... وڌيڪ پڙهو 1957.10.05ع :  سيد عبدالرحيم موسوي ولد سيد غلام مرتضى موسوي، 5 آڪٽوبر 1957ع تي سکر ۾ ڄائو. ... وڌيڪ پڙهو 1968.10.05ع :  محقق، ڪھاڻيڪار، صحافي ۽ سماجي ڪارڪن اڪبر ايس مڱريي جو پورو نالو اڪبر علي ولد حسين فقير مڱريو آھي. ھ... وڌيڪ پڙهو 1979.10.05ع :  واحد بخش شيخ، 5 آڪٽوبر 1979ع تي سٽيزن ڪالوني قاسم آباد، حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. کيس قاسم آباد جي گلستان... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** سيد نجف علي شاهه ڪمتر نقوي **

سيد نجف علي شاهه ’ڪمتر‘ نقوي: نامور عالم، شاعر ۽ لطيف شناس، سيد نجف علي شاهه نقوي، 20 اپريل 1923ع تي ڳوٺ ٽنڊي جهانيان، حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. هن مئٽرڪ تائين تعليم بمبئي يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. نجف علي شاهه ’ڪمتر‘ نقوي حسب نسب موجب امام تقي عليه السلام جي اولاد مان هو. سندن مورث اعليٰ، سيد جلال الدين حيدر سُرخ بخاري، اُچ شريف، ضلعي بهاولپور ۾ مدفون آهي. اُن جو پوٽو سيد جلال الدين مخدوم جهانيان مشهور بزرگ اوليائن مان ٿي گذريو آهي، جنهن جو اولاد سنڌ ۾ اچي آباد ٿيو، جنهنڪري هن خاندان وارا ’جهانيان پوٽا‘ سڏيا وڃن ٿا.

سيد نجف علي شاهه جي تعليم اڃا اڌوري ئي هئي ته سندس والد بزرگوار سيد حسين علي شاهه وفات ڪري ويو، جنهنڪري کيس دنياوي ڪاروبار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻو پيو. زمين سنڀالڻي پئي. شاهه صاحب زراعت جو ماهر هو.

سيد نجف علي شاهه ’ڪمتر‘ جي خاندان ۾ تصوف ۽ فقر نمايان آهي. سندس وڏا، وقت جي حاڪمن سان لاڳاپا هئڻ جي باوجود، هميشه فقيرانه زندگي بسر ڪندا رهيا. نجف علي شاهه جو پورو خاندان، ادبي ۽ علمي حيثيت جي ڪري مشهور آهي. سندس وڏن بزرگن مان ڪيترا صاحبِ تصنيف ۽ شاعر ٿي گذريا آهن. ش....وڌيڪ پڙهو