تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2024-09-28 عيسوي تاريخ ۾


1200.09.28ع :  جلال الدين سرخ بخاريءَ جي ولادت ، بخارا ( موجوده ازبڪستان ) ۾ 5 ذوالحج 595هه/ 28 سيپٽمبر 1200ع تي... وڌيڪ پڙهو 1913.09.28ع :   شاعر پير سيد زين العابدين شاهه جيلاني 28 سيپٽمبر 1913ع تي ڳوٺ نوراني شريف ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ پير ... وڌيڪ پڙهو 1923.09.28ع :  ليکڪ، سياستدان ۽ اڳوڻو ڪامورو روئداد خان، 28 سيپٽمبر 1923ع تي مردان شهر، صوبي سرحد (موجوده خيبر پختو... وڌيڪ پڙهو 1924.09.28ع :  سنڌ ۽ هند جي اوچي معيار ۽ پد جي ليکڪائن ۾ سندري اتمچنداڻيءَ جو نالو ڳڻيو وڃي ٿو . سندس پورو نالو سن... وڌيڪ پڙهو 1944.09.28ع :  اعجاز علي بيگ مرزا جو جنم 28 سيپٽمبر 1944ع تي ٽنڊي ٺوڙهي حيدرآباد ۾ ٿيو19... وڌيڪ پڙهو 1951.09.28ع :  محمد علي ڀٽي 28 سيپٽمبر 1951ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو ... وڌيڪ پڙهو 1970.09.28ع :  جمال عبدالناصر 28 سيپٽمبر 1970ع تي وفات ڪري ويو .... وڌيڪ پڙهو 1973.09.28ع :   شاعر، محقق ۽ تعليمدان انور پرديسيءَ جو اصل نالو داد محمد ولد ممتاز حسين ڪٽوهڙ آهي. هن خيرپور ضلعي ج... وڌيڪ پڙهو 1975.09.28ع :  پير محمد هاشم جان سرهندي 23 رمضان 1395هه مطابق 28 سيپٽمبر 1975ع تي وفات ڪئي... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** جوڻيجو ميان فقير محمد خان **

جوڻيجو، ميان فقير محمد خان: ميان فقير محمد خان جوڻيجو 1176هه/1762ع ۾ ڄائو. ميرزا عباس علي بيگ ڪتاب ’تاريخ ٽالپر پهرين چوياري‘ ۾ سندس باري ۾ لکيو آهي ته: ”ميان فقير محمد خان جوڻيجو، مير فتح علي خان ٽالپر جي خاص اميرن مان هو ۽ مير فتح علي خان مٿس گهڻو مهربان هوندو هو. مير فتح علي خان، ميان فقير محمد کي پنهنجي شروعاتي دؤر ۾ حڪم ڏنو ته حضرت امام حسين عليه السلام جي عزاداريءَ لاءِ هڪ شايان شان تعزيو تعمير ڪرائي. ميان فقير محمد جلد تعزيو تعمير ڪرائي، پنهنجي نالي سان آباد ڪرايل ’فقير جي پڙ‘ ۾ رکيو. ميان فقير محمد، نواب محمد خان ٺوڙهي جي آباد ڪيل چاڙهيءَ مٿان هڪ امام بارگاهه ٺهرائي. اها چاڙهي ’ٺوڙهي چاڙهي‘ جي نالي سان مشهور آهي. ٽالپرن جي دؤر ۾ ٺوڙهي چاڙهي ۽ فقير جو پِڙ آباد ٿيا، موجوده وقت اهو سڄو علائقو ’فقير جو پڙ‘ جي نالي سان مشهور آهي. ميان فقير محمد جوڻيجو گهڻو ڪري ’ميان فقيري‘ جي نالي سان به سڏيو ويندو هو. ميان فقيري، مائي خيريءَ جي مسجد ڀرسان هڪ امام بارگاهه تعمير ڪرائي هئي، جنهن کي به پنهنجي نالي ’فقير جي پِڙ‘ سان منسوب ڪيائين. ان پڙ ۾ هر سال سمورا مير صاحب عاشوري جي ڏينهن حيدرآباد جي....وڌيڪ پڙهو