تصويرون ۽ عنوان

سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا

تاريخ وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي

موضوع وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

الف بي وار ترتيب

سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي

اڄوڪي ڏينهن تي

2024-07-06 عيسوي تاريخ ۾


1640.07.06ع :   ميرڪ سيد محمد پوراني، ميرڪ سيد عبدالاول جو وڏو پٽ هو، هن 17 ربيع الثاني/ 6 جولاءِ 1640ع تي جنم ورتو... وڌيڪ پڙهو 1930.07.06ع :  تارا ميرچنداڻيءَ ، 6 جولاءِ 1930ع ۾ ، ديوان ڏيارام هاسارام ميرچنداڻيءَ جي گهر ۾ ، حيدرآباد ( سنڌ... وڌيڪ پڙهو 1949.07.06ع :  سنڌ جو مشهور سنڌي شاعر، گائڪ، ڊراما نويس ۽ ڊائريڪٽر ڍولڻ راهي، 6 جولاءِ 1949ع ۾ اجمير (راجسٿان) ۾ پي... وڌيڪ پڙهو 1953.07.06ع :   ڪهاڻيڪار، رعنا شفيق صديقي، برک اديب ۽ محقق، محمد حنيف صديقيءَ جي نياڻي آهي، جنهن شڪارپور ۾ 6 جولاءِ... وڌيڪ پڙهو 1955.07.06ع :  ناميارو صحافي اسحاق مڱريو سانگهڙ ضلعي جي ڳوٺ گل حسن سريوال ۾ 6 جولاءِ 1955ع تي محمد صالح مڱريي جي گه... وڌيڪ پڙهو 1969.07.06ع :  هدايتڪار، ڪمپيئر ۽ ليکڪ حميد ڀٽو، ولد عبدالمجيد ڀٽو 6 جولاءِ 1969ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو.... وڌيڪ پڙهو 1970.07.06ع :  ناميارو مصور، ليکڪ ۽ استاد نعمت الله ولد محمد يوسف خلجي، 6 جولاءِ 1970ع تي پير جي ڳوٺ، ضلعي خيرپور م... وڌيڪ پڙهو 1970.07.06ع :  صوفي شاعر ذلف علي فقير جو پورو نالو ذوالفقار علي ’ذونو‘ ولد حاجي رحمت الله مگسي آهي. هن 6 جولاءِ 197... وڌيڪ پڙهو 1974.07.06ع :  مراد جتوئي، 6 جولاءِ 1974ع تي ڳوٺ علي مردان جتوئي، تعلقي ميهڙ ۾ غلام محمد جتوئيءَ جي گهر ۾ جنم ورت... وڌيڪ پڙهو 1975.07.06ع :  6 جولاءِ 1975ع تي جڏهن اسلامي ملڪن جي پهرين سربراهه ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿي ، تڏهن هن ڪانفرنس ۾ ... وڌيڪ پڙهو 1975.07.06ع :  عبداللطيف آگرو 6 جولاءِ 1975ع تي وفات ڪئي.... وڌيڪ پڙهو 1977.07.06ع :  اعظم ڀٽي ولد محمد اشرف ڀٽي، 6 جولاءِ 1977ع تي پير محلي ٽنڊي محمد خان ۾ پيدا ٿيو.... وڌيڪ پڙهو

هفتي جا مقبول مضمونَ

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا

سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو

اڄ جو مضمون

** سيتا **

سيتا: سيتا جي معنيٰ آهي ’زمين جي ڌيءَ‘. ويدن ۾ سيتا کي ’کيتي واڙي، زراعت ۽ ميون جي ديوي‘ چيو ويو آهي. رامائڻ ۽ پوءِ وارن پراچين مذهبي ڪتابن ۾ آهي ته سيتا وديهه جي راجا جنڪ جي ڌيءَ ۽ ايوڌيا جي راجا دسرٿ جي وڏي پٽ رام جي زال هئي.

جيئن ته سيتا زمين جو تحفو هئي، انهيءَ ڪري منجهس زمين جي حُسن جون سڀ خوبيون موجود هيون. جنڪ ۽ سندس زال، سيتا کي ڏاڍي پيار سان پاليو ۽ سٺي سکيا ڏنائون. جڏهن سيتا جي عمر شاديءَ لائق ٿي ته جنڪ سيتا جي شاديءَ جو سويموَر (پنهنجي ور جي چوند جو ڏڻ) ڪوٺايو. جنڪ وٽ شِوَ جو ڌنش (ڪمان) پيل هو، ان ڪري هن اعلان ڪيو ته ”منهنجي ڌيءَ سيتا سان اُهو شادي ڪندو، جيڪو شِوَ جو ڌنش ٽوڙيندو.“ پوءِ ڪيترائي راجمڪار/ شهزادا آيا، رام ۽ لڪشمڻ پڻ پنهنجي گروءَ وشوامتر سان گڏجي آيل هئا. سڀني آيلن پنهنجي قسمت آزمائي ڪئي، پر ڪو به اهو ڌنش ٽوڙي نه سگهيو. ان بعد رام پنهنجي گروءَ جي اجازت سان ڌنش کي ٽوڙڻ لاءِ اُٿيو ۽ ان کي ٽوڙي ٽڪر ڪري وڌائين. چوڌاري واهه واهه ٿي وئي. سيتا مجلس مان اُٿي رام جي ڳچيءَ ۾ وَر مالها پارائي ۽ کيس مڙس طور قبول ڪيو. پوءِ ايوڌيا جي راجا دسرٿ کي نياپو موڪليو ويو، جن....وڌيڪ پڙهو