سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
هجري تاريخ ۾
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
سَنڍِپَڻَو (Sterility, Infertility): جوڙي جي شاديءَ کانپوءِ پاڻ ۾ گڏ رهڻ جي باوجود به ٻار (Ofspring) نه ٿئي، ته ائين سمجهڻ گهرجي ته عورت ۾ ڳڀ جهلڻ (Conceive) يا مرد ۾ عورت کي گرڀوتي ڪرڻ (Induce Conception) جي صلاحيت نه هجڻ کي سَنڍِپَڻو چئبو آهي. مجموعي طور هڪ مشاهدي موجب سنڍپڻي جي ڪارڻن جو پنجاهه سيڪڙو سنڍپڻو عورتن ۾ ٿئي ٿو ۽ پنجويهه سيڪڙي جو واسطو مردن سان آهي جڏهن ته باقي پنجويهه سيڪڙي جو واسطو (ٻنهي) زال مڙس وچ ۾ سندن ازدواجي زندگي، سماجي حالتن، گهريلو مسئلن، صحت، جنسي زندگيءَ جي طريقه ڪار ۽ ان کان اڻ ڄاڻائي، جنمي عضون جي پيدائشي نقص، نفسياتي، جنسي ۽ جسماني بيمارين سان آهي.
(1) عورتن (Females) ۾ سنڍپڻي جا سبب:
(I) ٻيجڻين Ovaries/ Oophors جون بيماريون: جيئن ڪنهن به عورت کي پيدائشي (Congenital) ٻيجڻيون نه هجن، ٻيجڻين مان مادري ڪچي تخمي ٻيجي (OVA) جي پختي ٿيڻ (Ovum) کانپوءِ مقرر وقت تي نڪرڻ جو عمل (Ovulation) ٿي نه سگهي. جنهن جا گهڻائي سبب آهن جيئن ٻيجڻيون پيدائشي ننڍيون هجن يا سُسُي (atrophy) وڃن، يا ٻيجڻين ۾ پيدائشي بڻاوتي نقص (Hypoplasia) هجي يا وري ان جي واڌ و....وڌيڪ پڙهو