سنڌيانا ۾ موجود تصويرون ۽ انهن جا عنوان پڻ ڏسي سگھو ٿا
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي حوالي طور تاريخ وار رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي موضوع وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌيانا ۾ موجود مضمونن کي الف ب وار ترتيب ۾ رکيو ويو آهي
سنڌي زبان جي تاريخ ۾، سنڌ بابت پهريون جامع ۽ باتصوير دستاويز ’انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا‘ جي صورت ۾ آگسٽ 2009ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن جا هن وقت تائين 12جلد ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جلد تيرهون پڻ تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ آهي. هن اهم رٿا جو ابتدائي خاڪو ته 1998ع ۾ جڙيو پر ان کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي قيام بعد 1991ع کان ئي اهڙي رٿا تي سوچ ويچار جو سلسلو شروع ٿيو هو. بعد ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هن رٿا جوابتدائي خاڪو تيار ڪيو ۽ 1998ع ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ڊاڪٽر غلام علي الانا باقائدي ريسرچ سيل ٺاهي نامور استاد ۽ عالم شيخ محمد اسماعيل کي انچارج مقرر ڪري نوجوان ريسرچرن جي ٽيم ترتيب ڏني. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اديبن ۽ سهڪاري ساٿين کي به مواد ۽ تصويرن وغيره جي سهڪار لاءِ خط لکيا ويا. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ جناب محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر الله رکيو ٻُٽ، امداد حسيني، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ۽ تاج جويو شامل هئا. پهرئين جلد جو ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿيو پر اهو ڇپائي جي مرحلي کان رهجي ويو، ڇاڪاڻ ته 2001ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا جي وڃڻ بعد هن اسڪيم تي ڪم بند ٿي..... وڌيڪ پڙهو
حاجي عبدالله هارون: آزاديءَ جـي تحـريـڪ جـي نـامـور سـيـاسـتـدان، سر حاجي عبدالله هارون ابوبڪر ميمڻ، 1872ع ڌاري ’ڪڇ‘ جي علائقي ۾ جنم ورتو. سندس وڏا اصل هندن جي لوهاڻا ذات مان هئا ۽ بعد ۾ مسلمان ٿيا هئا. سندس ڏاڏو ميان حسن، پهريان ڪڇ ڇڏي پُوني ويو. ڪجهه وقت ڪم ڪرڻ کان پوءِ واپس ڪڇ پهتو، اُتي کيس هارون نالي فرزند ٿيو، جيڪو انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ 1858ع ۾ سنڌ لڏي آيو. سيٺ هارون ٽي شاديون ڪيون. ميان عبدالله، سيٺ هارون جي ٻئي نمبر گهر واريءَ مان 1872ع ڌاري ڪراچي ۾ ڄائو. هو چئن سالن جو هو ته سندس والد وفات ڪري ويو. پوءِ سندس پالنا والده حنيفه ٻائي ڪئي. سندس والده پهرين کيس گجراتي اسڪول ۾ ۽ پوءِ انگريزي اسڪول ۾ پڙهايو، پر مالي حالتون بهتر نه هئڻ ڪري، پنجن درجن تائين پڙهائڻ کان پوءِ اسڪول مان ڪڍي ڇڏيو. جنهن کان پوءِ سندس ماءُ ڪجهه سامان وڪري لاءِ کيس وٺي ڏنو. هو پهرين گهٽين ۾ گهورڙيو بنجي سامان وڪڻندو هو ۽ پوءِ پنهنجي ڀيڻويي جي دڪان تي چار روپيا پگهار تي نوڪري ڪرڻ لڳو. هن 1888ع ڌاري پهرين شادي ڪئي. 1889ع ڌاري والده سان گڏ حج ۽ حرمين شريف جي زيارت ڪري آيو. 1890ع ڌاري مامي سان گڏجي آسام ....وڌيڪ پڙهو