سارتر

سارتر

سارتر

سارتر (Sartre): ويهين صديءَ جو عظيم فرينچ فلسفي، ناول نگار، ڪهاڻيڪار، نقاد، مفڪر، سياسي اڳواڻ، جين پال سارتر Jean Paul Charles Aymard Sartre)، سترهن جون 1905ع تي جين بئپٽسٽ سارتر (Jean Baptiste Sartre) جي گھر، پئرس ۾ڄائو، جيڪو فرينچ نيويءَ ۾ آفيسر هو. سندس ماءُ جو نالو اينميري شزر (Anne- marie Schwietzer) هو. سارتر اڃا ٻن سالن جو هو ته سندس پيءُ بخار وگھي وفات ڪري ويو. مڙس جي وفات بعد سندس ماءُ پنهنجي مائٽن ڏانهن هلي وئي، جتي سندس پيءُ جرمنيءَ ۾ استاد هو، جنهن سان گڏ رهي هن سندس مدد سان سارتر جي پالنا ڪئي. سارتر کي سندس ناني ٻالڪپڻ ۾ ئي حسابن جي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي ۽ ڪلاسيڪل ادب سان به متعارف ڪرايو. جڏهن سارتر ٻارهن سالن جو ٿيو ته سندس ماءُ ٻي شادي ڪئي ۽ هو ’لارو چلي‘ طرف لڏپلاڻ ڪري ويا، سارتر جي ڪجھه تربيت اتي پڻ ٿي. سارتر پنهنجيءَ ڇوڪراڻي وهيءَ ۾ ئي هينري برگسان جو مضمون ‘Time and Free will’ پڙهيو، جنهن کانپوءِ سندس لاڙو فلسفي طرف ٿيو. هن پنهنجيءَ تعليم کي به جاري رکيو ۽ اعليٰ تعليمي اداري ايڪول نارمل سپيريئر Ecole Normal Superieure پئرس مان فلسفي ۾ اعليٰ تعليم جي ڊگري حاصل ڪيائين، جيڪو ادارو مشهور فرينچ ڏاهن ۽ مفڪرن جي مادر علمي رهيو آهي. مطالعي جي آڌار هُو مغربي فلسفي جي ڪيترن ئي رُخن کان متاثر ٿيو ۽ هن ڪيترن فلسفين جو مطالعو ڪيو، جن ۾ ڪانٽ، هيگل، ڪريڪيگارڊ ۽ مارٽن هيگر اهم هئا. هن جي فلسفي جي تعليم ۾ واڌاري جو هڪ اهم ڪارڻ اليگزينڊر ڪوجيو جا اهي سيمينار هئا، جن ۾ هو هر هفتي وڃي شرڪت ڪندو هو. 1929ع ۾ اتي ئي سارتر جي ملاقات ’سيمان ڊي بوائر‘ سان ٿي، جيڪا سوربون ۾ پڙهي هئي ۽ اڳتي هلي مشهور فلاسافر، ليکڪا ۽ عورتازاد (فيمينسٽ) طور سامهون آئي. اتي ٻئي هڪٻئي کان گھڻو متاثر ٿيا ۽ ٻنهي جي پاڻ ۾محبت ٿي وئي. هنن انهيءَ رومانوي رشتي کي ڪا روايتي شڪل ڏيڻ کانسواءِ گڏ رهڻ شروع ڪيو ۽ علمي ۽ ادبي ڪم ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏيڻ لڳا. 1929ع کان 1931ع ۾ کيس فرانس جي فوج ۾ زبردستي ڀرتي ڪيو ويو. 1931ع کان 1939ع تائين سارتر، لائون، لي هيوري ۽ پئرس جي ٻين اسڪولن ۾ استاد طور پڙهايو. سندس انهن پيشيورانه خدمتن ۾ رڳو ٻه ڀيرا وقفو آيو. هڪ دفعو جڏهن هُو مطالعي لاءِ هڪ سال لاءِ برلن ويو ۽ ٻيو دفعو جڏهن کيس ٻي مهاڀاري لڙائيءَ وقت فوج ۾ ڀرتي ڪيو ويو هو. 1939ع ۾ سارتر کي فرينچ آرميءَ ۾ موسميات جي ماهر طور ڀرتي ڪيو ويو هو، جنهن دوران 1940ع ۾ جرمن فوجن هٿان گرفتار ٿيو ۽ 9 مهينن تائين جنگي قيديءَ واري زندگي گذاريائين. ان دوران کيس تلخ تجربا ٿيا. قيد دوران سندس صحت گھڻي بگڙڻ ڪري کيس 1941ع ۾ آزاد ڪيو ويو. فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ ۽ جرمن فوجين هٿان گرفتار ٿيڻ واري تجربي کان گهڻو پوءِ 1959ع ۾ هن هڪڙي تلخ ۽ عظيم ڳالهه ڪئي ته فرانس جو هر ماڻهو الجيريا جي آزاديءَ جي جنگ ۾ ٿيندڙ ظلمن ۽ ڏوهن جو ذميوار آهي. جيئن هر انسان جي زندگيءَ ۾ ڪي اهڙا واقعا هوندا آهن، جيڪي ان جـي زنـدگـيءَ تـي اڻـمـٽ اثـر ڇـڏيـنـدا آهـن، تـيئن ٻيءَ عالمي جنگ (1939- 1945ع) به هڪ اهڙو حادثو هئي، جنهن سارتر جي ذهن تي ڇرڪائيندڙ نقش چٽيا. پئرس ۾ سارتر تدريسي شعبي سان وابسته رهيو. ان دوران هن پنهنجي همسفر ’سيمون ڊي بوائر‘ سان گڏجي هڪ انڊر گرائونڊ ڪم ڪندڙ گروپ ‘Socialisme of liberte’ ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي، جنهن ۾ سندس يونيورسٽيءَ جا ڪيترا شاگرد ۽ همعصر اديب به ڪم ڪندا هئا. ٿوري ئي وقت ۾ ان گروپ تي پابندي لڳڻ کانپوءِ هو مايوس ٿي واپس لکڻ جي ڪم کي لڳي ويو. انساني انڌ- وشواس ۽ ذات جي موجودگي (Being) لاءِ صحيح دڳ، سارتر جي شروعاتي فڪر جا اهم نقطا هئا، جن جو عڪس هن جي ڪتاب ‘Being and Nothingness’ ۾ ملي ٿو. هن جي شاهڪار ڪتابن ۾: No exit, The flies, Being and nothingness (1943ع) اچي وڃن ٿا، جيڪي هن تدريس ۽ انڊر گرائونڊ گروپ ۾ شموليت دوران لکيا هئا. ان ئي دوران سارتر Combat اخبار سان لاڳاپيل رهيو، جيڪا مشهور اديب ’البرٽ ڪاميو‘ ڪڍندو هو، جنهن سان سارتر جي فڪري هم آهنگي ۽ دوستي هئي. لي هيوي ۾ درس تدريس دوران سارتر پنهنجو ڪتاب Lanausea (1938ع) شايع ڪرايو، جنهن جو ترجمو ‘Nausea’ نالي سان شايع ٿيو، جيڪو سندس شهرت جو ڪارڻ بنيو. ان کانپوءِ هن: Sketch for the Theory of the Emotions ۽ The Psychology of Imagination ڪتاب لکيا، پر کيس سندس تصنيف ‘Being and Nothingness’ غير معمولي شخصيت طور دنيا ۾ متعارف ڪرايو. هن غربت ۽ اڻ برابريءَ کي پنهنجي تحريرن ۾ ننديو آهي. هن جي تحريرن ۾ پهريان آزادي هڪ سرگرمي هئي، جنهن سان ڪنهن خاص مقصد جو وابسته هئڻ ضروري نه هو، پر سندس ڪتاب (1946ع) ‘Existentialism and Humanism’ ۾ آزادي ئي انساني جدوجهد جو منشور بڻجي ٿي وڃي. ان بعد سارتر وٽ آزاديءَ جو تصور سماجي ذميواريءَ وارو بنجي پيو ۽ هن پنهنجن ڊرامن ۽ ناولن ذريعي اخلاقي پيغام پکيڙڻ شروع ڪيو. هن 1945ع ۾ چئن جلدن تي مشتمل هڪ طويل ناول لکڻ جي شروعات ڪئي، جنهن جا فقط ٽي جلد لکي سگهيو: (1) The Age of Reason (1945) (2) The Reprieve (1945) (3) Iron in the Soul (1949) ٽيون جلد شايع ٿيڻ کانپوءِ سارتر ان نتيجي تي پهتو ته نظريي جي ڦهلاءَ لاءِ ناول ايترو موزون ناهي، انڪري هن چوٿون جلد مڪمل ڪرڻ بدران ڊرامانگاريءَ تي ڌيان ڏنو. سارتر جي نظر ۾ هڪ ليکڪ لاءِ ضروري هو ته هو ڪوشش ڪري ماڻهوءَ کي اهڙو پيش ڪري، جهڙو هو آهي. انسان جو مڪمل ترين اظهار ان وقت ٿئي ٿو، جڏهن هو عمل جي حالت ۾ آهي ۽ ڊرامو ان حالت جي ئي تصوير ڪشي آهي. سارتر جنگ دوران به ڊراما لکيا، جيڪي The files, No exit, Loser win ۽ Dirty hands جي نالن سان شايع ٿيا. ان دوران سارتر فرانسيسي نثرنگار ۽ شاعر جين گينٽ جو اڀياس ڪيو، ان کانسواءِ هن بيشمار مضمون لکيا، جيڪي سندس ۽ سمان ڊي بوائر جي ادارت ۾ نڪرندڙ رسالي Les Temps Moderuess ۾ شايع ٿيا. يءَ عالمي جنگ کانپوءِ سارتر، فرانس جي سياسي تحريڪن ۾ سرگرم رهيو. جيتوڻيڪ هو ڪنهن ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ميمبر نه ٿيو، پر هن سوويت يونين جي کلي عام ساراهه ڪئي ۽ الجيريا ۾ فرينچ حاڪميت خلاف جدوجهد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اهوئي ڪارڻ هو، جو OAS نالي هڪ جماعت کيس نشانو بڻايو، مٿس ٻه ڀيرا بمن سان حملا ڪيا ويا، پر هو بچي نڪتو. 1956ع ۾ جڏهن سوويت ٽينڪون هنگريءَ ۾ داخل ٿيون ته سارتر جو ڪميونزم سان لاڳاپيل اُميدن تان ويساهه ٽُٽي پيو. سوويت مداخلت ۽ ان جي فرينچ ڪميونسٽ پارٽيءَ پاران حمايت جي سارتر سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي هڪ ڊگهو مضمون لکيو، جنهن ۾ هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته فرينچ ڪميونسٽ پارٽي آزادانه راءِ قائم ڪرڻ بدران ماسڪو جي هدايتن تي هلي ٿي. سارتر جا عملي سوشلزم تي تنقيدي مضمون سالن تائين شايع ٿيندا رهيا ۽ ائين ’سارتري سوشلزم‘ جي تشڪيل لاءِ راهه هموار ٿي. سندس اهو سياسي طرز فڪر، (1960ع) ‘Critiquede la Raison Dialectique’ ڪتابي صورت ۾ ڇپيو. ڪتاب ۾ سارتر مارڪسي جدليات جو تجزيو ڪندي لکيو آهي ته سوويت جي تشڪيل ذريعي هي فڪر اختيار ڪرڻ جي قابل نه آهي. جيتوڻيڪ سارتر اهو به لکيو ته مارڪسزم ئي اهو واحد نظريو آهي، جيڪو هن دور جي ضرورتن تي مڪمل ٺهڪي اچي ٿو، پر ان کي پٿرايو/ بيجان ڪيو ويو آهي. هن ويٽنام جي جنگ جي مخالفت ڪئي ۽ مشهور فلاسافر برٽرينڊ رسل ۽ ٻين سان گڏجي هڪ ٽربيونل جوڙيو، جنهن جو مقصد آمريڪا جي جنگي ڏوهن ۽ ظلمن کي وائکو ڪرڻ هو. 1960ع ۾ هو فيڊل ڪاسترو سان ملڻ ڪيوبا ويو، جتي سندس ملاقات مشهور انقلابي چي گويرا سان ٿي. چي گويرا جي شهادت کانپوءِ هن سندس لاءِ چيو ته: ”هو رڳو هڪ داناءُ نه، پر اسان جي دور جو هڪ مڪمل انسان هو.“ سارتر هڪ گھڻ رخو شخص هو. هو فلسفي، اديب، ناول نگار، ڊرامانگار، سياسي ورڪر هو. هن عملي زندگيءَ ۾ هر حوالي سان پاڻ ملهايو. هن جو تخليقي ڪم سندس مڪتبه فڪر ’وجوديت‘ (Existentialism) جي پذيرائي ڪري ٿو. سارتر جو وجودي فلسفو، هڪ مڪتبه فڪر آهي، جيڪو دنيا ۾ انسان جي موجود هئڻ جو تعين ڪري ٿو. هي فلسفو بنيادي طور ويهين صديءَ جو مظهر آهي، جنهن کي مارٽن هيڊگر، ڪارل جيسپرز، گبريل مارشل، ماريس مرلو، پونٽي ۽ سارتر سان منسوب ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته ان جا اهڃاڻ نٽشي ۽ ڪرڪيگارڊ جهڙن مفڪرن وٽ به نظر اچن ٿا. جيتوڻيڪ هيسرل ۽ هيگل وجودي نه هئا، پر انهن جو اثر به موجود آهي. ’وجوديت‘ ڪيترا سبب ڄاڻائي ‘Epistemology’ (انساني ڄاڻ جي علم/ علميات) کي رد ڪري ٿي. هن مڪتبه فڪر مطابق انسان بنيادي طور ’علميات‘ واري مخلوق نه آهي، پر ان ۾ خواهشون، چونڊ ۽ عمل به موجود آهن، جنهنڪري هنن تجربي کي وڌيڪ اهميت ڏني ۽ ان تجربي جو آغاز پهنجي جسم متعلق ڄاڻ سان ٿئي ٿو. سارتر مطابق وجود، اصل يا جوهر (Essence) کان پهرين اچي ٿو، مطلب ته جيڪڏهن انسان موجود آهي ۽ ان جون خصوصيتون: زندگيءَ جو مقصد ۽ اهڙي ٻي ڪا شيءِ موجود نه آهي، ته پوءِ اهو وجود بيڪار آهي. ان ڪري صرف انسان ئي پنهنجي بهترين وصف ڪري سگھي ٿو. سارتر وٽ وجود ئي حقيقي جوهر آهي، وجود ئي اهم آهي ۽ انسان جي آزادي سڀ کان وڌيڪ اهم آهي. جنگين، جھيڙن، اجتماعي سماجن، انسان کي ڪرب، پيڙا ۽ غلامي ڏني آهي ۽ سندس انفراديت کي دٻايو آهي. وجوديت مطابق انسان جي انفراديت ۽ آزاديءَ جي ختم ٿيڻ جو ڪارڻ اهي فرسوده سماجي، ثقافتي، سياسي ۽ انتظامي ٻنڌڻ آهن، جيڪي ويڳاڻپ، مايوسي، محرومي ۽ داخلي ڪرب کي جنم ڏين ٿا، جن ۾ هو صدين کان تڙپي رهيو آهي. فرد جي ويڳاڻپ، مايوسي، تنهائي ۽ سموري داخلي ڪرب جو پرتوو سارتر جي لکڻين ۾ موجود آهي. هن وجوديت جي فڪر کي ڀرپور نموني پنهنجي تخليقن ذريعي پڙهندڙن آڏو بيان ڪيو. آڪٽوبر 1964ع ۾ سارتر کي ادب جو نوبل انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو، پر هن اهو وٺڻ کان انڪار ڪيو. هو آخر تائين پنهنجي مقصد سان لاڳاپيل انسان هو. مئي 1968ع دوران پئرس ۾ ڪنهن احتجاج دوران سول نافرمانيءَ جو جواز ڄاڻائي، انتظاميا کيس نظربند ڪيو، پر فرانس جي صدر ’چارلس ڊي گال‘ هڪ تاريخي بيان ڏئي کيس آزاد ڪري ڇڏيو ته: ”سارتر کي گرفتار ڪري نه ٿو سگھجي، ڇو ته سارتر، فرانس آهي ۽ فرانس، سارتر آهي.“ سارتر جي حياتيءَ جي آخري ڏهاڪن ۾ ڪنهن کانئس پڇيو ته: ”ڇا اوهان ٻڌائيندا ته ماڻهو اوهان کي ڪهڙي حوالي سان ياد ڪن؟“ ان تي سارتر جواب ڏنو: ”آءٌ چاهيان ٿو ته منهنجون لکڻيون ياد رهن، جيڪڏهن ماڻهن کي اهي ياد رهيون ته اها منهنجي وڏي ڪاميابي هوندي، ان کان وڌيڪ آءُ ڪجھه به نه ٿو چاهيان. جيسيتائين سارتر هڪ فرد جو تعلق آهي ته آءٌ چاهيندس ته ماڻهو اهو تاريخي دور ياد ڪن، جنهن ۾ آءٌ رهيس، ڪيئن رهيس؟ ۽ منهنجو ڪردار ڪهڙو رهيو؟“ آخري وقت ۾ گھڻي لکڻ سبب سندس طبيعت بگڙندي رهي، 1973ع ۾ لڳ ڀڳ سندس نظر ختم ٿي وئي. هو حد کان وڌيڪ سگريٽ نوشي ڪندو هو، جنهنڪري سندس ڦڦڙ بنهه خراب ٿي چڪا هئا ۽ نيٺ دنيا جي هن عظيم انسان، 15 اپريل 1980ع تي پئرس ۾ لاڏاڻو ڪيو. کيس پئرس ۾ ئي دفن ڪيو ويو. سندس تدفين ۾ لڳ ڀڳ 25000 ماڻهن شرڪت ڪئي. سندس تدفين ۾ سرڪاري ماڻهو نه، پر عام ماڻهو ئي شريڪ هئا، جن جي حقن جي حفاظت هن سڄي عمر پنهنجي قلم ذريعي ڪئي. اوڻيهين ۽ ويهين صديءَ ۾ ’وجوديت‘ جو نظريو يورپ جي هڪ اهم ادبي نظريي طور اُڀري آيو. هن نظريي جو بنياد وجهندڙ جيتوڻيڪ ڊينمارڪ جو فلسفي ڪرڪيگارڊ (1813- 1855ع) هو، پر ٻيا به ڪيترا هن نظريي سان منسوب ٿيا. انساني حقيقت مارٽن هيڊيگر (Martin Heidegger) ۽ سارتر جي چوڻ موجب ڪو ٺوس ۽ مستقل جوهر نه پر انسان جي هستي انسان لاءِ هڪ زبردست چئلينج آهي ۽ انهيءَ چئلينج جو ڪاميابيءَ سان مقابلو ڪرڻ سان ئي فرد جي ٽڙيل پکڙيل زندگي يڪجا ڪري سگهجي ٿي. ائين کڻي چئجي ته هن فڪر ۾ معروضيت کان وڌيڪ موضوعيت ۽ داخليت کي اهميت آهي. ’وجوديت‘ جو فلسفو هستي ۽ موجود جو فلسفو آهي، ذات ۽ زندگيءَ جون لذتون هن نظريي سان واسطو رکن ٿيون. وجوديت جيئن ته حقيقي ۽ سڄي صورتحال تي وڌيڪ اسرار ڪندي آهي. ان ڪري هن فڪري تحريڪ جو مؤثر اظهار به فلسفيانه تحريرن جي مقابلي ۾ ڊرامن، ناولن ۽ ڪهاڻين تي مبني تحريري مواد ۾ وڌيڪ موثر ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته انهن تحريرن ۾ پيش ٿيندڙ/ پيش ڪيل ڪردارن جي ذريعي انساني زندگيءَ جي روزمره جي حالتن ۽ واقعن کي عملي ۽ حقيقي صورتحال جي منظرڪشي ڪري سگهجي ٿي، تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته ’وجودي فلسفو‘ خياليءَ کان وڌيڪ هڪ عملي حقيقت آهي. حقيقت ۾ وجودي ادب فلسفين کي متاثر ڪيو ۽ انهي تاثر جي ڪري انهن پنهنجي فلسفي جي طرز ۾ تبديلي آندي ۽ انهي ڪري ’وجودي ادب‘ جي ڪري هڪ نئون فلسفو وجود ۾ آيو. ٽالسٽاءِ، ترگنيف، دوستو وسڪي ۽ ڪافڪا جون ڪيتريون تحريرون هن نظريي تي ٻَڌل آهن. وجوديت جي مذهبي رنگ جي نمائندگي ڪرڪيگارڊ ڪري ٿو ۽ سيڪيولر رنگ جو نمائنده ليکڪ جين پال سارتر آهي. وجوديت جو بنياد اُن دعويٰ تي آهي ته ’آءٌ سوچيان ٿو، ان ڪري آءٌ آهيان‘ (I think, therefore I am). سارتر جي خيال موجب انسان جو انفرادي وجود ئي اهم آهي. وجودي اديبن جو چوڻ آهي ته هو خارجي دنيا جي جاءِ تي حقيقي تجربي کي سڀڪجهه سمجهن ٿا. سندن سامهون صرف سندن ذات آهي، ان لاءِ هو سمجهن ٿا ته فلسفي ۽ فڪر جي شروعات به سندن ذات کان ٿيڻ گهرجي. وجودي نظريي وارا فرد جي انفراديت تي زور ڏين ٿا. وجوديت جو تعلق جيئن ته انساني وجود سان آهي، ان ڪري ڪلاسيڪي ادب تي به اُن جا اثر محسوس ٿين ٿا. پنجاب جي بلي شاهه ۽ سنڌ جي سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ به وجوديت جا ثبوت ملن ٿا. ويهين صدي عيسويءَ جي ادب ۾ هي فلسفو وڌيڪ نمايان حيثيت اختيار ڪري ويو، جنهن جو ڪارڻ ٻه عالمي جنگيون هيون. ان حوالي سان پرم ابيچنداڻيءَ پنهنجي ڪتاب ’ست سار‘ ۾ لکيو آهي ته وجوديت يا ’هستيواد‘ (Existentialism) هڪ اهڙو فلسفو آهي، جيڪو ٻن مهاڀاري لڙائين ۾ برباد ٿي ويل ۽ ان کانپوءِ سرد جنگ ۾ مبتلا ٿيل يورپ جي ڌرتيءَ تان اُڀريو. هي فلسفو پاڻ ۾ راڄنيتڪ (سياسي)، سماجي ۽ سنسڪرتي سنڪٽ وارو منظر سمائي ٿو. . . هيءُ لڙائيءَ کانپوءِ واري وقت جو گهمندڙ ويچار يا پُور نه آهي ۽ نه ئي ڪو فلسفياڻو مزاج آهي، پر انساني ويچار جي هڪ وڏي هلچل آهي، جيڪا جديد اتهاس ۾ مرڪزي جڳهه والاري ٿي. وجوديت ۽ تصوف جي ڪجهه پهلوئن جي هڪ ٻئي سان هڪجهڙائپ آهي، مغرب جي هن نظريي برصغير کي به متاثر ڪيو، اُن جو اثر جديد سنڌي ادب تي به پيو ۽ ڪيترن ئي اديبن ان فڪر بابت ڪتاب لکيا يا ترجمو ڪيا، جن ۾ وحيد جتوئي ۽ غفور ميمڻ شامل آهن، جڏهن ته جديد سنڌي ادب ۾ وجوديت جو اثر ماڻڪ، قاضي خادم ۽ آغا سليم جي ناولن ۾ ڪجهه قدر ملي ٿو، جڏهن ته هندستان جا سنڌي اديب: پرم ابيچنداڻي، لعل پشپ، انند کيماڻي ۽ شيام جئسنگهاڻيءَ جي افسانوي ادب ۾ وجوديت جو نظريو موجود آهي. جين پال سارتر جي ناول ‘Intimacy’ جو سنڌي ترجمو ’پيار‘ عنوان سان ڊاڪٽر قاضي خادم ڪيو آهي.سارتر جو هڪ ٻيو ناول ’نوزيا‘ جو سنڌي ترجمو ڊاڪٽر بدر اڄڻ ’ اندر جي اڇل‘ جي نالي سان ڪو آهي. ڊاڪٽر شير مهراڻي به سندس ڪتاب ’دي ورڊس‘ The Word`s جو سنڌي ترجمو ڪيو آهي.


لفظ سارترھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1905.06.17  عيسوي

ويهين صديءَ جو عظيم فرينچ فلسفي، ناول نگار، ڪهاڻيڪار، نقاد، مفڪر، سياسي اڳواڻ، جين پال سارتر Jean Paul Charles Aymard Sartre)، سترهن جون 1905ع تي جين بئپٽسٽ سارتر (Jean Baptiste Sartre) جي گھر، پئرس ۾ڄائو.


1980.04.15  عيسوي

دنيا جي هن عظيم انسان، 15 اپريل 1980ع تي پئرس ۾ لاڏاڻو ڪيو. کيس پئرس ۾ ئي دفن ڪيو ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄام سيف الله ڌاريجو:
خميسو خان استاد
خاطي محمد اسماعيل ڪنڀار ٺٽوي
سنت شري مامئي ڏيو
اياز عالم ابڙو
ضياء الدين برني 1
اڪبر حسين راشدي
رانا سي راٺوڙ
ڀڳت آتم
حمل خان جت بلوچ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون