آتش پرست

آتِش پَرَست: باهه جي پوڄا ڪندڙ ماڻهو. قديم دور ۾، خاص طرح وچ مشرق ۾ باهه (آتش) جي پوڄا ڪئي ويندي هئي. قديم ايرانين باهه کي طاقت جو مظهر تصور ڪندي، ان جي پوڄا ڪرڻ شروع ڪئي. زرتشت جي مذهب جو بنياد به باهه جي پوڄا تي ٻڌل هو. ايران جو ”برامڪه“ يا ”برمڪي“ گهراڻو باهه جو پوڄاري هو. ڪي آريا قبيلا به جوت جا پوڄاري هئا، هندستان ۾ باهه جي ديوتا جو نالو ”اگني“ آهي. اڄ به آتش پرستن جي ٽڪاڻن ۾ جوت هميشه ٻرندي رهندي آهي. اسلام جي آمد کان پوءِ ايران مان لڏپلاڻ دوران ڪئين آتش پرست سنڌ ۾ سڪونت پذير ٿيا ۽ پنهنجا عبادت گهر قائم ڪيائون.
پارسي نسل جي انهن آتش پرستن کي سنڌ ۾ ”پارسي“ ۽ ڪي ماڻهو ”گبر“ به سڏيندا آهن. سنڌ ۾ اُهي گهڻو ڪري ڪراچي شهر ۾ رهندڙ آهن.


لفظ آتش پرستھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو