جوت

جوت (رسالو): هيءُ رسالو پندرنهن وار هو ۽ 1896ع ۾ جاري ٿيو. هن رسالي جو ايڊيٽر ليکراج پڌلو ڪچند هو ۽ سرپرست، سنڌ جو مشهور عالم ۽ اديب پرمانند ميوا رام هو، هيءُ اخبار نما رسالو علمي ۽ ادبي مضمون شايع ڪندو هو ۽ منجهس شعرن جا انتخاب پڻ شايع ٿيندا هئا، هيءُ رسالو گولڊن جوبلي نمبر 1946ع ڪڍڻ بعد بند ٿي ويو.


لفظ جوتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو