داخلا جي تاريخ 2012-06-29
داخلا نمبر 4069
عنوان آجيان پبليڪيشن ڊکڻ
شاخ اشاعتي ادارا
پڙهيو ويو 423 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو

هن داخلا جون تصويرون موجود ناهن

آجيان پبليڪيشن ڊکڻ

آجيان پبلڪيشن ڊکڻ: هن پبلڪيشن جو بنياد 1994ع ڌاري نئين ٽهيءَ جي شاعر مشتاق بخاريءَ رکيو. هن پبليڪيشن ذريعي ماهوار ’نئون چنڊ‘ (ڊکڻ) ۽ ٻارن لاءِ ’هٻڪار‘ نالي رسالو جاري ڪيو ويو. ان سان گڏ سنڌ جي نوجوان ليکڪن جا شاعري ۽ ڪهاڻين جا ڪتاب ڇپايا ويا آهن. هن پبلڪيشن پاران ڪوثر ٻرڙي جي ڪتابن سان گڏ ٻين اديبن ۽ ليکڪن جا ويهارو ڪتاب ڇپرايا ويا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو