آخوند محمد حسن مسڪين

آخوند محمد حسن ”مسڪين“: محمد حسن ”مسڪين“ ولد مولوي ڄام ولد آخوند محمد دائود سومرو 12 مئي 1904ع مطابق 1323 ھ تي، تعلقي خانپور (ضلعي شڪارپور) جي ڳوٺ ”حاجي خان ڪلھوڙي“ ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم ۾ قرآن پاڪ ۽ عربي ۽ فارسيءَ جا ڪتاب پنھنجي والد وٽ پڙھيو. پوءِ سنڌي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اٺن ميلن جي پنڌ تي، ڳوٺ ڪرم پور (ضلعو جيڪب آباد) ويندو ھو، جتان 1920ع ۾ امتيازي حيثيت سان فائينل جو امتحان پاس ڪيائين. شڪارپور ٽريننگ ڪاليج مان ھڪ سال سکيا وٺڻ کان پوءِ استاد مقرر ٿيو. زندگيءَ جا 37 سال ملازمت ۾ رھي، 12 مئي 1959ع تي پينشن تي لٿو.
پاڻ ھڪ پرائمري استاد ھو، سندس علمي وسعت عالمن کان گھٽ نه ھئي. شعر و شاعريءَ سان به سندس شغل رھيو. ”مسڪين“ تخلص سان ڪافي ڪلام چيل اٿس. نظم سان گڏ نثر ۾ به چڱو موکيائين. سندس ڇڏيل تصنيفن ۾، ”فقه“ ،”احاديث نبوي“ ۽ ”منتخب آيات ڪريمه جو تفسير ۽ شرح“ جا نالا ورتا وڃن ٿا. سندس وفات 72 سالن جي عمر ۾ 11 آگسٽ 1976ع/ 15 شعبان 1392ھ تي ٿي، سندس فرزند ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“سنڌي زبان جو سٺو شاعر، اديب ۽ استاد آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1904.05.12  عيسوي

آخوند محمد حسن ” مسڪين “ 12 مئي 1904ع مطابق 1323 ھ تي ، تعلقي خانپور ( ضلعي شڪارپور ) جي ڳوٺ ” حاجي خان ڪلھوڙي “ ۾ ڄائو .


1976.08.11  عيسوي

آخوند محمد حسن ” مسڪين “11 آگسٽ 1976ع/ 15 شعبان 1392ھ تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيدي محمد بخش
راڻي ڪرنا
حڪيم پير عبدالحليم ثاني
دلمراد جمالي
سرائي قربان کهاوڙ
محمد حسن جان رحه سرهندي ٽکڙائي
چاڪر خان راڄڙ
شاهنواز خان شهيد
حاجي شاد راڄڙ
مائي ڄامان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون