پور

پَورَ: ڪپڙي تي ڇپائي ڪرڻ، ڇُر ڪرڻ جي ڇاپن يا ڇيپن کي ”پور“ چئبو آهي. اُهي پور، ٻٻر يا سرنهن جي ڪاٺ کي سنهين رنبين وسيلي، هلڪي نوڪ سان ڪوري ٺاهبا آهن، جن کي رنگ مان ٻوڙي ڪپڙي تي ڇپائي ڪبي آهي. ڇاپن جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا، جن کي کارڪ، چَڪي، جليب، گنج، ڇلو ۽ ڪڪر وغيره سڏيو ويندو آهي. ڪپڙي جي ”ڇُر“ واري عمل کي لطيف سائينءَ به سُر سسئيءَ ۾ بيان ڪيو آهي:
ڇوريون ڇُرڻ سکيون، پنهون ڪيائون ’پور‘.


لفظ پورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو