آدم خان مريءَ جو مقبرو

آدم خان مريءَ جو مقبرو

آدم خان مري جو مقبرو

آدم خان مريءَ جو مقبرو: ٽنڊي آدم جي باني آدم خان مريءَ جو مقبرو ١٢١١ھ يعني 1799ع ٺهيو ۽ کپري کان اٽڪل پنج ميل ڏکڻ طرف ڳوٺ کاڻي راڄڙ ڏانهن ويندڙ رستي تي آهي. قبي جي اندران توڙي ٻاھران بهترين چٽساليءَ جو ڪم ٿيل آھي. چوڌاري ڪلر سبب پاڙون کاڄي ويون آھن. اندران ڪلمھ طيبه ۽ قرآني آيتون سھڻي نموني لکيل آھن. چٽسالي ڪندڙ حاجي محمود نقاش هو، جيڪو ھالاڪنڊي جو ويٺل ھو. قبي جي اندر اولاھين پاسي ڪم جي نگراني ڪندڙ حافظ عبدالشڪور جو نالو لکيل آھي. دروازي تي ڪاشيءَ جي سرن جو ڪتبو لڳل آھي، جنهن تي سن ١٢١١ هه لکيل آھي. قبي جي اندر ٻه قبرون آھن. قبي جي مٿان ۽ ڀتين تي چن جو پلستر ٿيل ھو، جيڪو هن وقت سڄو لھي چڪو آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو