آدم خور

آدم خور

آدم خور

آدم خور (cannibal ):اهڙا جانور ۽ ماڻهو جيڪي ڪچو گوشت (خاص ڪري انسان جو) کائين انهن کي آدم خور چوندا آهن، جيڪڏهن دنيا جي تاريخ تي نظر ڦيرائجي ته اسان کي هر زماني ۾ آدم خور قومن جو وجود نظر ايندو. آدم خور انسان قبيلن جي صورت ۾ دنيا جي هر کنڊ ۾ نظر اچن ٿا. خاص ڪري اولهه ۽ وچ آفريڪا، نيو گني ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ڪن حصن ۾ اڃا تائين آدم خور قبيلا آباد آهن. ان کان سواءِ انڊونيشيا ۽ آسٽريليا جي ڪن ٻيٽن ۾ پڻ آدم خور موجود آهن، جن کي ٽانڪي چيو وڃي ٿو. انساني معاشري ۾ آدم خوريءَ جي رواج بابت عمرانيات ۽ علم الانسان جي ماهرن جو چوڻ آهي ته هڪ ته بربريت واري دور کان مذهبي رسمن ۽ رواجن جي ادائگيءَ جي موقعن تي انساني گوشت کاڌو ويندو هو. ٻيو ته حيواني گوشت جي ڪميءَ ۽ ڏڪار جهڙين حالتن ۾ به انسان آدم خور ٿي پيو. 1846ع ۾ آمريڪا جي رياست ڪيليفورنيا مان لنگهندڙ ”ڊونر پارٽيءَ“ کي آڪٽوبر جي مهيني ۾ هڪ خطرناڪ برفاني طوفان گهيرو ڪري ڇڏيو. انهي حادثي مان جيڪي بچي ويا، سي بک کان هڪ ٻئي جو گوشت کائڻ لڳا. ڊونر پارٽي جا اڌ کان وڌيڪ مسافر نيم وحشي حالت ۾ ڪيليفورنيا پهتا.


لفظ آدم خورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو