آدم هنڱورجو

آدم هنڱورجو: ميان آدم هنڱورجو جاتي تعلقي جو ويٺل هو. هو 1926ع ۾ پيدا ٿيو. سندس والد هاري هو، جيڪو غربت سبب پنھنجي پٽ کي تعليم نه ڏياري سگهيو. ميان آدم فقط ٽي درجا سنڌي ۽ ناظره قرآن مجيد تائين پڙهي سگهيو. سندس ڪلام تي نظر ٿي وجهجي ته سندس ڪلام اعليٰ ۽ پختو نظر اچي ٿو. هو ٻھراڙيءَ جو رهاڪو هو. سندس ڪلام ۾ پختگي، رواني ۽ ميٺاج آهي. سندس ڪلام ۾ رسالت جي ذڪر سان گڏ زماني جي لاهين چاڙهين بابت ناصحانه ڪلام شامل آهي. سندس ڪلام تي لاڙ جي شاعر مولوي احمد ملاح جو ڪافي اثر آهي. سندس ڪلام لاڙ جي ماڻهن ۾ گهڻو مقبول آهي، جيڪي گهڻو ڪري مولود چوندا ۽ ٻڌندا آهن. سندس ڪلام سليس سادو، نصيحت آموز ۽ رندي خيالن جو اعليٰ نمونو آهي. پاڻ زمينداري پيشي سان واسطي ۾ هئڻ جي باوجود ادبي تنظيمن سان تعلق ۾ رهندو هو. هو مغلڀين ادبي سوسائٽي جاتيءَ، سجاول ادبي سوسائٽيءَ، ٺٽو هسٽاريڪل ۽ ڪلچرل سوسائٽيءَ، رهبر ادبي سوسائٽيءَ ۽ تنظيم فڪر ونظر سنڌ جو ميمبر هو. 63 سالن جي عمر ۾ 1989ع ۾ وفات ڪيائين.


لفظ آدم هنڱورجوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1926.00.00  عيسوي

ميان آدم هنڱورجو جاتي تعلقي جو ويٺل هو. هو 1926ع ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خسته نور محمد
خانصاحب غلام علي جعفري
حسين شاهه شرف
شاهين سنڌي
جبار آزاد منگي
دينپوري مولانا محمد عمر
صالح فقير گوهري
صوفي غلام محمد فقير گل ٽالپر
عالم شير گبول حاجي
ڄام دُرڪ
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون