رسالت

رسالت: ’رسالت‘ لفظ جي معنيٰ نامياري محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچجامع سنڌي لغات‘ ۾، پيغمبري، نبوت ۽ سفارت ڄاڻائي آهي. اسلامي شريعت جي اصطلاح موجب الله تعاليٰ رسالت جو منصب پنهنجي انهيءَ برگزيده بندي کي عطا ڪندو آهي، جنهن کي هن پاڻ خود پنهنجي پيغام پهچائڻ لاءِ منتخب ڪيو هجي. قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي ته، (1) ”رسول منتخب ڪرڻ الله جو پنهنجو ڪم آهي“ (سورة حج، 75). (2) ”الله تعاليٰ بهتر ڄاڻي ٿو ته رسالت جو منصب ڪٿي ۽ ڪنهن کي سونپڻو آهي.“ (سورة انعام: 124). (3) ”سڀني رسولن جو پيغام اهو هو ته الله کانسواءِ ٻيو ڪو به معبود نه آهي.“ (سورة انبياء: 25).
قرآن مجيد مطابق ڇهه رسول ’الوالعزم‘ آهن: (1) حضرت آدم عليه السلام، (2) حضرت نــوح عـليــه الـســلام، (3) حضرت ابراهيم عليه السلام، (4) حضرت مـوســيٰ عليه السلام، (5) حضرت عيسيٰ عليه الـسـلام ۽ (6) حضرت محمد صلي الله عليه وسلم. انهن ڇهن الوالعزم رسولن کانسواءِ ٻيا رسول پڻ الله پاڪ انسانن جي رهنمائيءَ ۽ اصلاح لاءِ هن دنيا ۾ وقت به وقت موڪليندو رهيو، جن جو تعداد اڻ ڳڻيو آهي.


لفظ رسالتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو