داخلا ؛ 1625
پڙهيو ويو ؛ 352
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-02-28


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--آدم ڏر

ٽائيٽل ؛ آدم ڏر


شاخ : غار

آدم ڏر: هڪ قديم غار آهي، جيڪا ڌاتو پاھڻي دور سان تعلق رکي ٿي. هي ماڳ رني ڪوٽ جي موھن گيٽ کان اولهه اوتر ۾ اٽڪل ٨ ڪلو ميٽر پري ڏاڦري جابلو سلسلي ۾ آهي. ھيءَ ھڪ قدرتي غار آھي، جنھن جي منھن تي آمريءَ دؤر جو ٺڪراٺو موجود آھي. جيتوڻيڪ ھتان ڪوبه -پٿري- چاقو ڪونه مليو آهي، پر اتي ئي گوربندي -جبل- ۾ -تاريخ- کان اڳ جو ھڪ گبربند مليو آھي. جنهن کي مقامي ماڻهو ’گوربندي‘ چون ٿا. -ان- گوربنديءَ وٽان -پٿر- جو چاقو مليو آھي. گوربندي ۽ -آدم ڏر- جي وچ ۾ -ٽن- ڪلوميٽرن جو فاصلو آھي. ھي غار ھن وقت ڪنھن به ڪم جي نه آھي، سواءِ -ان- جي ته اوچتي -برسات- ۽ اس کان چپر ڇانءَ مھيا ٿئي. ماڳ جي نالي بابت چون ٿا ته هتي آدم نالي هڪ ڏوهاري ماڻهو اچي لڪو هو.




رايا ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)
حوالو ؛

ڇا اوهان وٽ -آدم ڏر- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آدم ڏر - مان نڪتل ٻيون شاخون-


غار - موضوع جون ٻيون داخلائون-
ٻڌي غار
آدم ڏر
بهشت جي دري
ثور3
ٽگھرو


.....غار موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن