داخلا نمبر 2060
عنوان آدمجي حاجي دائود
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 773 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)
آدمجي حاجي دائود

آدمجي حاجي دائود

آدمجي حاجي دائود

آدمجي، حاجي دائود: حاجي دائود 30 جون 1880ع تي گجرات (ڀارت) ۾ ڄائو. سندس تعلق ميمڻ برادريءَ جي باواني خاندان سان آهي. سندس والد جو نالو حاجي دائود ۽ والده جو نالو حنيفه ٻائي هو. سندس تعليم محدود هئي ۽ کيس پنهنجي انهيءَ گهٽتائيءَ جو احساس هميشه رهيو، جنهن جي ازالي لاءِ هن بهترين تعليمي خدمتون سرانجام ڏنيون. آدمجي 15 سالن جي عمر ۾ برما هليو ويو، جتي هڪ فرم ۾ 25 روپيا ماهوار معاوضي تي ملازم ٿيو. 18 سالن جي عمر ۾ شاديءَ کان پوءِ پنهنجي والد جي ڪاروبار ۾ مدد ڪرڻ لڳو. 1899ع ۾ هن ”حاجي دائود بيگ محمد“ جي نالي پنهنجي ذاتي فرم کولي. 1912ع ۾ پنهنجي ڀاءُ عبدالستار جي تعاون سان ڪاروبار وڌايائين ۽ رنگون ۾”اي. ايس. آدمجي ائنڊ ڪمپنيءَ“ جي نالي سان هڪ نئين ڪمپني کوليائين. 1933ع ۾ ”ميمڻ ايڊيوڪيشنل ائنڊ ويلفيئر سوسائٽي“ قائم ڪيائين.
تحريڪ پاڪستان جي حوالي سان سر آدمجيءَ کي وساري نٿو سگهجي. مسلمانن جي مالي مدد ۾ پئسو پاڻيءَ وانگر وهايائين. 1946ع ۾ جڏهن مسلم ليگ اعلان ڪيو ته مسلمان پنهنجا سرڪاري خطاب واپس ڪن ته سر آدمجيءَ به پنهنجو ”سَر“ جو خطاب انگريز سرڪار کي واپس ڪري ڇڏيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ آدمجي لڏي ڪراچيءَ آيو، ۽ اچڻ سان ئي ”ڌمي ٻائي گرلز اسڪول“ جي عمارت ٽن لکن روپين ۾ خريد ڪري، ”ميمڻ ايڊيوڪيشنل ائنڊ ويلفيئر سوسائٽيءَ“ کي بورڊنگ هائوس لاءِ وقف ڪيائين. پوءِ ”مسلم ڪمرشل بئنڪ“ قائم ڪيائين. ”آدمجي سائنس ڪاليج“ به سندس ڪوششن جو نتيجو آهي. 27 جنوري 1948ع تي وفات ڪري ويو. ڪراچيءَ ۾ مدفون آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1880.06.30  عيسوي

آدمجي ، حاجي دائود 30 جون 1880ع تي گجرات ( ڀارت ) ۾ ڄائو .


1948.01.27  عيسوي

آدمجي ، حاجي دائود 27 جنوري 1948ع تي وفات ڪري ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون