آراڙو قبرستان

آراڙو قبرستان: هي قبرستان ڪلھوڙا دور کان اڳ / ١٧ صدي عيسويءَ جي وچ جو آهي ۽ ديهه آراڙو، تعلقو جوھي، ضلعي دادو، تپي بکر شھيد ۾ واقع آهي. ھن کي ڀٽه قبا به چوندا آھن. ھي قبرستان واھي پانڌي- جو ھي روڊ سان آھي. جوھي کان اٽڪل ١٣ ڪلوميٽر اولهه ۽ پٽ سليمان کان اٽڪل ٢ ڪلو ميٽر اتر تي آھي. روايت آھي ته ھتي ميان وال تحريڪ جا ٻه سپوت عالم خان ۽ گنھور خان ٻئي ذات جا لنڊ دفن ٿيل آھن. تاريخ ۾ ھن ماڳ جو ذڪر ھيئن ٿيل آھي، ته ھي ماڳ ڪلھوڙن کان اڳ موجود ھو. ھتي ڪل نو مقبرا اڃا موجود آھن. جن مان پنج مقبرا پڪ سرا آھن، جڏھن ته چئن جي مٿان گنبذ موجود ڪونه آھي. صرف ھڪ رانڪ مڪمل نظر آئي جيڪا گنبذ سان ۽ لتل آھي. پنجن پڪ سرن مقبرن جا رڳو بنياد بچيا آھن. مڪمل رانڪ ۾ اندر ٻه قبرون ھيون، جيڪي چن گاري سان لتل ھيون. اندر گل چٽ نڪتل آھن. اندران ڪنڊ جوڙون (squinches) زمين کان مٿي ڇت ڏانھن نڪرن ٿيون. فرش به چن گاري سان لتل آھي. ٻيون به ڪيتريون قبرون چن گاري سان لتل ٽڙيل پکڙيل آھن، جن تي گلڪاري ۽ نقش نڪتل آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو