داخلا نمبر 3885
عنوان آفريقا جي شهزادي1
شاخ ڪتاب
پڙهيو ويو 375 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو

هن داخلا جون تصويرون موجود ناهن

آفريقا جي شهزادي1

آفريقا جي شهزادي ( ڪتاب ):هي ناول سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو لکيل آهي ، جيڪو 22 بابن تي مشتمل آهي . هي ڪتاب پهريون دفعو 1941ع ۾ عبرت ڪتابي سلسلي/ اسلاميه دارالاشاعت حيدرآباد/ ميرپورخاص پاران شايع ٿيو . هن جو ٻيو ڇاپو 1945ع ۾ ۽ ٽيون ڇاپو 1948ع ۾ شايع ٿيو ، جڏهن ته چوٿون ڇاپو مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور پاران آگسٽ 2008ع ۾ شايع ٿيل آهي ، جيڪو 66 صفحن تي مشتمل آهي . ڊيمي سائيز ، ڪچي جلد واري هن ڪتاب جي قيمت -/30 روپيه آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو