داخلا جي تاريخ 2012-03-17
داخلا نمبر 3016
عنوان آنند درٻار
شاخ ڪتاب
پڙهيو ويو 539 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

هن داخلا جون تصويرون موجود ناهن

آنند درٻار

آنند درٻار (ڪتاب ):سنڌي ٻوليءَ جي مشهور عالم ۽ اديب جيٺمل پرسرام جڳ مشهور عالم ڪرشنا مورتيءَ جي ڪتاب The Kingdom Happiness جو ترجمو آنند درٻار جي نالي سان ڪيو هو، جيڪو بلئو ٽسڪي پريس حيدرآباد مان 1927ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، هن ۾ ڪرشنا مورتيءَ جون هالنڊ، اومين ۽ اراڊا جي قلعي ۾ ڏنل تقريرون آهن. هن ڪتاب جو مختصر مهاڳ ناليواري ٿياسافسٽ عورت ائني بسنت لکيو آهي، جنهن جي نالي سان حيدرآباد ۾ بسنت هال پڻ ٺهيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو