داخلا ؛ 2390
پڙهيو ويو ؛ 427
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-12


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--آڏڻ

ٽائيٽل ؛ آڏڻ


شاخ : شڪار

آڏڻ: دوکي سان ڍانڍي (پاڻي) پکين کي شڪار ڪرڻ جو طريقو، جنهن ۾ ميربحر هٿرادو ٻانڊو يا -آڏڻ- ٺاهي، پاڻيءَ تي اهڙيءَ طرح سان بيهاري ڇڏيندا آهن جو -آڙي- پکي ۽ بدڪون بنا ڪنهن ڊپ جي انهيءَ هٿرادو ٻگهلي وٽ گڏ ٿينديون آهن. ميربحر به ڪنهن -ٻوڙي- ۾ لڪي يا پاڻيءَ اندران -تري- پکين کي پڪڙي کاريءَ ۾ گڏ ڪندو ويندو آهي. عام طور تي ڪي شڪاري وري پنهنجي منهن تي ٻگهلي جي شڪل جهڙو نقاب چاڙهي ڇڏيندا آهن. مطلب ته ڍانڍي پکي دوکي ۾ اچي ايئن سمجهندا آهن ته اهو به ڪو پکي آهي. شڪاريءَ جي کاري ڀرجي وڃڻ کان پوءِ پکين جي في الحال جند ڇٽي پوندي آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

ڇا اوهان وٽ -آڏڻ- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آڏڻ - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شڪار - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آڏڻ
اوسر
بگهياڙي
بگهاڙي
اوجهڻ
ٽاريءَ جو شڪار
ڀن


.....شڪار موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن