شڪار

شڪار

ڀالي سان شڪار

ڀالي سان شڪار

ڪتن سان شڪار

ڪتن سان شڪار

ڪتن ذريعي مرونءَ جو شڪار

ڪتن ذريعي مرونءَ جو شڪار

بازن سان شڪار

بازن سان شڪار

گھار جو شڪار

گھار جو شڪار

درياهي جانورن جوشڪار

درياهي جانورن جوشڪار

واڳونءَ جو شڪار

واڳونءَ جو شڪار

گھاءُ رڇ سان مڇي ماريندڙ شڪاري

گھاءُ رڇ سان مڇي ماريندڙ شڪاري

سانگ تي شڪار ڪيل پکي ۽ شڪاري

سانگ تي شڪار ڪيل پکي ۽ شڪاري

ڪُڙهيءَ سان شڪار

ڪُڙهيءَ سان شڪار

ڄار سان شڪار

ڄار سان شڪار

ڍنڍ جي پکين جو شڪار

ڍنڍ جي پکين جو شڪار

دام سان شڪار

دام سان شڪار

شڪار

شڪار: ‘شڪار’ لفظ جي لغوي معنيٰ ‘جانورن يا پکين کي ڦاسائڻ يا مارڻ جو ڪم’ آهي. پکي يا جانور وغيره جو شڪار ڪندڙ کي ‘شڪاري’ چئبو آهي. قديم زماني ۾ شڪار، انسان جي خوراڪ حاصل ڪرڻ جو واحد ذريعو هو ۽ هاڻي سمنڊ، درياهن تي مڇي ۽ پاڻي وارن پکين جي شڪار کي ڇڏي باقي ٿيندڙ شڪار فقط دل وندرائڻ جو ذريعو آهي. سنڌ ۾ گهڻو ڪري شڪار مرون، ڦاڙهي، چراخ، بگهڙ، سيڙهون، گڊ، سرهه، هرڻ، گهٽي، واڳون، سيسر جو ٿئي. پکين جي شڪار ۾ تلور، ڪونج، ڪروانڪون، مور، تتر، ٻٽير، آڙي، نيرڳي، ٿرانڌ وغيره جو ٿئي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ هاڻي وڏا وڏا ٻيلا ۽ شڪارگاهه ختم ٿي ويا آهن ته به شوقين ٿوري ٿوري شڪار تي گذارو ڪن ٿا. سنڌ جا سڀ وڏا خاندان گهڻو ڪري شڪار جا ڪوڏيا رهيا آهن، جن مان ڪي ته شڪار جي سانگي مهينن جا مهينا مختلف علائقن ۽ ٻيلن جو سفر ڪندا آهن ۽ هر سال ڪيترا عرب شڪار سانگي سنڌ ايندا آهن. ڪي ته اهڙا به آهن، جيڪي وڏا خرچ ڪري سنڌ کان ٻاهر به ويندا آهن. ڪيترن ئي وڏن گهراڻن وٽ اڄ به شڪار لاءِ ڍنڍون ۽ ٻيلا رکيل آهن، جن کي شڪار گاهه سڏيو وڃي ٿو. قديم زماني ۾ شڪار ڏڦن، ڀالن، ترارين، بازن ۽ ڄارين سان ٿيندو هو، هاڻي به انهن مان ڪن اوزارن جو استعمال ٿئي ٿو، پر اڄڪلهه عام طور بندوق سان شڪار ڪيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ مرون جو شڪار نهايت ئي دلچسپ ۽ خطرناڪ آهي. مرون کي مارڻ/ ڦاسائڻ جا هونئن ته ڪيترائي قسم آهن. پر ڪجهه مک شڪارن ۾: ڏڦي جو شڪار، ڀالي جو شڪار، دٻي يا پياڪ جو شڪار، لانگهي جو شڪار، اوسر جو شڪار، مهاڙيءَ جو شڪار، بڇ جو شاڪر، سير جو شڪار، ليٽ جو شڪار، ٿم جو شڪار، ڪوٽ جو شڪار، الهڙ جو شڪار، قنات جو شڪار، جهلي جو شڪار اهم آهن. شڪار جي ڪجهه قسمن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو: ڏڦي جو شڪار: هن سان مرونءَ جو شڪار ڪبو آهي. اگر رستي پنڌ تي ڪنهن مهمايل مرونءَ جي پير جي نشان تي نظر پوندي اٿن، ان جي پويان واٺا ڇڏيندا آهن، جيڪي ان جي چرپر تي نظر رکندا، پوءِ ڪتا، ڏڦا ۽ پنجوڙيون کڻي پهرين گهٽ جاچي پنجوڙيون هڻندا، پوءِ توبچي کي کڏڻي ۾ وهاريندا، پوءِ ڪتن کي مٿين واءِ اچي ڌپائيندا، جي مرون ڪتن جي ڌپ تي نڪتو ته به شڪار ٿيندو، جي نه نڪتو ته ڪتن جون ڪڍندا، ڪتا پاڻهي کيس ٿم مان ڪڍندا، مهمايل مرونءَ ۾ بوءِ گهڻي ٿيندي آهي، سو ڪتن کي ڳوليندي دير ئي ڪانه لڳي. پوءِ جي مرون توبچي جي ور چڙهيو ته اهو ڌڪ هڻندو، جي پنجوڙ ۾ لڳو ته اتي وٺبو، ڪتن جي ور چڙهيو ته اهي چرڻ نه ڏيندس، جيئن ئي ڏڦي وارو پهچي. ڏڦو سيني تي رکندس ته مرون سيني تي ڏڦي ڏانهن زور رکندو، ائين ڏڦو اندر کُپي ويندو. ڏڦن سان شڪار جو سنڌ جي ڪچي واري علائقي ۾ اڄ به رواج آهي. ڏڦي هلائڻ واري کي ’ڏڦير‘ چون. سڀ کان پهرين پٿرن سان شڪار ٿيندو هو، پوءِ ڌاتن جي اوزارن، تير، گز ڪمان ۽ گهوٻاٽن سان شڪار ٿيندو هو. هاڻي بندوقن ۽ رائفلن سان شڪار ٿئي ٿو. روايت آهي ته خيرپور رياست جو حڪمران مير علي مراد خان چيتن سان هرڻ جو شڪار ڪندو هو. چيتن سان شڪار هيئن ڪندا هئا، جو چيتن کي ننڍي هوندي کان ئي پالي، شڪار ڪرڻ تي هيرائيندا هئا جڏهن چيتا هري ويندا آهن، تڏهن انهن کي جدا جدا منجيءَ تي کڻي شڪارگاهه ۾ ايندا هئا، پوءِ ڀلي اهو شڪار هرڻ جو هجي يا ڦاڙهي جو، شڪاري ڦاڙهو يا هرڻ پري کان ڏسندو ته چيتي کي منجيءَ کان لاهي، رسي ڪڍي، شڪار ڏيکاري، پٺيءَ ٺپري شاباس ڏئي، ڪي فخريه جملا چئي ڇڏي ڏيندو هو ۽ لڪي ويهي تماشو ڏسندو هو. گاهه کائڻ وارن جانورن جي عادت ٿيندي آهي ته گاهه کائڻ مهل هيڏي هوڏي پيا ڏسندا آهن ته ڪو شڪار ڪرڻ وارو ته ڪو نه ٿو اچي. چيتي کي شڪار جي ڀرسان ڇڏڻ مهل شڪاري لڪي ويندو، باقي چيتو ٻليءَ پير هلندي شڪار جي ويجهو ايندي شڪار کي جهٽ هڻي شڪار ڪندو آهي. ڀالي سان شڪار: هن قسم جو شڪار انگريز دور ۾ انگريز آفيسر وڏي شوق سان ڪندا هئا. هن شڪار لاءِ اهڙو جهنگ/ ٻيلو چونڊ ڪيو ويندو هو. جنهن جي هڪ يا ٻن طرفن کان کليو ميدا هجي. شڪاري گهوڙن تي سوار ٿي ڀالا هٿ ۾ جهلي جهنگ جو رخ ڪندا. جنهن طرف کليل ميدان هوندو۽ جهنگ جي ٻئي طرف کان تڙي ڪرڻ وارا دهلن سان تڙڪندا سوئر کي هڪلي ميدان طرف آڻيندا. سوئر ٽئي طرف بند ڏسي ميدان مان نڪرندو ته شڪاري ان جي پويان لڳندا ۽ سوئر جي ويجهو پهچي کيس ڀالو هڻڻ جي ڪوشش ڪندا. سوئر کي ڀالو سنڌائتو ٽنبجي ويندو ته چند قدمن تي ڪري پوندو يا بيهي رهندو. ايتري ۾ ٻيو گهوڙي سوار به پهچندو ۽ بيٺل سوئر کي ڀالو هڻندو ته پل ۾ ڪري مري ويندو. بندوق عام ٿيڻ کانپوءِ هن قسم جو شڪار ختم ٿي ويو آهي. دٻي يا پياڪ جو شڪار: هن قسم جو شڪار بندوق سان رائفل سان ڪيو ويندو آهي. ان لاءِ خفتي ٻيلي سان ڪنهن به اهڙي جهنگ جي ويجهي پاڻيءَ تي وڃي سوئرن جا پيرا ڏسندا. جنهن جي ويجهڙائيءَ ۾ يا ته سوئر جي ويهڻ جا ٿمَ هجن يا جتي رات جو خوراڪ جي تلاش ۾ ايندا هجن. پاڻيءَ پيئڻ لاءِ ايندڙ سوئر لاءِ ان هنڌ کڏڻي ٺاهين. سوئر جيئن ئي پاڻي پيئندو ته رائفل يا بندوق جي فائر سان ڌڪ هڻندا. ڪڏهن ڪڏهن فائر نه لڳڻ سبب سوئر ڀڄي ويندو آهي، ۽ ڦاسندو ناهي. هن قسم جي شڪار لاءِ هوا جي رخ، لڪ، ڏسڻ جي سهولت ۽ ڌڪ هڻڻ جي سهولت جو خاص خيال ڪبو آهي. لانگهي جو شڪار: هن قسم جو شڪار بندوق سان ڪبو آهي. پر ڪي خفتي پنجوڙ يا ڪتن سان به ڪن. لانگهي جو شڪار رات جو پهرين پهر ۾ ٿيندو آهي. ان لاءِ پياڪ يا دٻي وانگر کڏڻو ٺاهڻو پوندو. لانگهي جي کڏڻي تي ويهڻ کان اڳ، جنهن رٿيل جاءِ تي توبچي چاهيندو ته جانور اچي بيهي ته پوءِ ڌڪ هڻانس، ان جاءِ تي ڪنهن سائي وڻ جي ٽاري پٽي رکبي آهي. رات جو جانور ان هنڌ پهچي ٽاريءَ مان انسان جي خوشبوءِ سنگهڻ بيهندو ته توبچي مٿس فائر ڪري ماريندو. ان ٽاريءَ کي موڙهي به چئبو آهي. اوسر جو شڪار: اوسر جو شڪار ڏاڍو سولو ٿيندو آهي. اوسر کي ’پِيئي جو شڪار‘ به چوندا آهن. هن شڪار ۾ نه ڪتن جي ضرورت نه پنجوڙين جي، نه ڏڦن جي نه تڙ جي. هي شڪار رات جو ٿيندو آهي. شڪاري پاڻيءَ جي ڍنڍ يا درياهه جي ڪپ جو اهڙو گهٽ جاچيندا آهن، جتي جانور پاڻي پيئڻ لاءِ لهندا هجن، پوءِ ان گهٽ جي ويجهو کڏڻو ٺاهي، بندوق کڻي اچي ويهي رهندا. هي شڪار ڪو هوشيار شڪاري اونداهه ۾ ڪندو، باقي گهڻو ڪري چانڊوڪيءَ ۾ ڪندا آهن. جڏهن جانور پاڻي پي ورندو تڏهن، بندوق هڻندس. پيئي وارا جانور بي ڊپا هوندا آهن، پاڻ ۾ رانديون رونديون ڪندا، آهستي آهستي هلندا آهن، ان ڪري توبچي کي ڌڪ هڻڻ جو وارو ڏيندا آهن. پر جي ڪو واڍوڙجي (زخمي ٿي) ڀڄي ويو ته شڪاري کڏڻي تي ئي سمهي پوندا. صبح جو پيرو کڻندس. اهو شڪار پاڻي کان سواءِ جوئر جي پوک تي ڪبو آهي، ڇو ته جانور روز رات جو نقصان ڪندو آهي. انهيءَ شڪار ۾ توبچي گهڻو ڪري ٻه يا ٽي ڌڪ هڻي سگهندو آهي، ڇو جو رات جي نوائيءَ ۾ جهنگ ۾ ڌڪ جو آواز ڦهلجي ويندو آهي ۽ ٻيا جانور هوشيار ٿي لڪي ويندا آهن. مهاڙيءَ سان شڪار: مهاڙيءَ جو شڪار انهيءَ هنڌ سٺو ٿيندو آهي، جتي مرون گهڻا هجن. مهاڙيءَ جي شڪار دوران شڪار جي جوءِ جاچي اتي مٿين واءَ توبچين کي ويهاريندا ۽ توبچين جي سڄي کٻي، اڀي لام ٿوري ٿوري مفاصلي تي لانگهن جي مٿان جوڙي جوڙي سگهن ڪتن جي ويهاريندا. هيٺئين واءَ تڙ وارا هل بکيڙي جي سامان ۽ ساٽن سان گڏ هوندا آهن. تڙ وارن وٽ وري ڳولو ڪتا هوندا. بس پوءِ تَڙَ شروع ٿيندي، ساٽا سٽيندا ويندا، ڪتا نوسيندا ويندا. جي ڪٿي ڪتي کي ڌپ آئي ته بس باها ڪتا رڻ ٻاري ڏيندا، تيسين ساٽيا به اچي رسندا. هل هنگامي تي مرون ٻاهر نڪرندو، اڳيان مرون پٺيان ڪتا، ڪڙٻاٽ پوندو ويندو. اهڙي نموني شڪار توبچين جي مُننهن تي چڙهيو ته گولي هڻندا، جي کٻي يا سڄي ويو ته به رسيون کڄنديون. بس پوءِ ته مرون اچي پوندو سگهن ڪتن جي ور. پوءِ يا وڃي الڙ ڪرائيندا يا وڃي ٿم ڪرائيندا. ڪتن سان شڪار: سنڌ ۾ ڪتن ڌارڻ جو رواج به شڪاري دور کان پيل ٿو ڏسجي. ٻهراڙين ۾شڪار لاءِ ننڍو وڏو زميندار وَسَ آهر ڪتا ڌاري. ڪتو ڦاڙهي، مرون، هرڻ، چراخ، لڌڙن جي شڪار لاءِ گهڻو ڪم ايندو آهي. ڪي ڪتا ته اهڙا ٿيندا آهن، جو ڀلي ڏهه آڱريو مرون هجي،پر رسي نڪتي ته ٺڪاءُ وڃي مرونءَ جي مٿان ڪندو. ڪي ڪتا وري ڳولا جا ڀلا ٿيندا آهن، تڙ ۾ انهن جو ڪم ئي اهو هوندو آهي. شڪار جي ‘تڙ’ لاءِ سنڌ جا شڪاري خاندان گهڻو ڪري ڪتن جون لوڌون ڌاريندا آهن. شڪار تي چڙهندا ته جيترا ماڻهو اوترا ڪتا. هرڻ جي شڪار لاءِ تازي ڪتي کي سٺو ‘ڳولُو’ سمجهيو ويندو آهي. ڪتن کي قدرت اها سمجهه عطا ڪئي آهي، هرڻ جي ولر مان نَرَ هرڻ يعني سرواڻ جي پٺيان لڳندا آهن. انهيءَ ڪري جو نر هرڻ شڪار مهل گهڻو ڀڄي نه سگهندو آهي، ساڳئي وقت ڪتن ۽ شڪارين جي ڊپ کان سندس مثانو پيشاب سان ڀرجي ويندو آهي. نر هرڻ جي عادت آهي ته هو ٽنگون ٽيڙي پيشاب ڪندو آهي. انڪري ٿورو ڀڄي بيوس ٿي پوندو آهي، تان جو ڪتا اچي مٿان پوندس. مادي هلندي به پيشاب ڪندي ويندي آهي. ائين تازي ڪتا هرڻ کي سوگهو ڪري وٺندا آهن. مرون جي شڪار ۾ شڪاري جهنگ ۾ پنجوڙن جي ٻنهي پاسن کان جوڙيون جوڙيون رسين (ڪتن) جون ٿوري ٿوري پنڌ تائين بيهاريندا ويندا آهن، تان جو اچي تڙ وارن وٽ دنگ ڪندا ۽ ڪي رسيون تڙ وارن وٽ به هونديون آهن، ته متان مرون ڦاٽ کائي نه نڪري يا ڪو مهمايل (ڇتو) نه هجي، پوءِ ڳولو ڪتن جو رسيون کڻي ڇڏيندا آهن. ڳولو ڪتن جو ڪم اهو هوندو آهي ته هُو ٿمن، ڍنگهرن، لوڙهن، ويڙهن مان نوسي نوسي شڪار کي باهوڙي ٻاهر ڪڍن. پاسن وارن ڪتن جو ڪم هوندو آهي ته جي ٻانهين ڀڃي مرون ٻاهر نڪري ۽ پنجوڙ ڏي نه لڙي ته جنهن جوڙيءَ وٽان مرون مٽيو، اتان ڪتن جي رسي ڪڍندا، پوءِ جيڪو ڪتو وڃي مرونءَ کي پهچي. جيڪو ڪتو پهتو اهو مرونءَ سان ويڙهه ڪندو، جي مرونءَ کي بند نه هڻي سگهيو ته ڀڄڻ به ڪو نه ڏيندو، جي ڪتو سگهارو هوندو ته بند هڻي ويٺو هوندو، جيسين ڪو ڏڦڙيو اچي پهچي، مرونءَ جو تيسين ڪيهاٽ پيو پوندو، پر جي ڪو مرون مهمايل هوندو آهي يا ڪتن کي ڏاٺيو ويٺو هوندو آهي ته پوءِ ڪتي جو خير ڪونهي، جيسين ڀڄي جند نه ڇڏائي، اهڙو مرون ڪن ڏٻا ڪري، وڄ وڄائي ڪتي جي وچان دوناڙ ۾ وَڄُ ڏيندو ته ڪتو ڪئون به ڪونه ڪندو، آنڊا نڪري ايندس. پر ڪي مهمايل مرون ويهي ويڙهه ڪندا آهن، سو به تڏهن جڏهن ٻه چار ڪتا اچي مڙندا آهن. پوءِ مرون ڪو ٻوڙو پٺ ۾ ڏئي ويهندو. ڪتن جو مٿان چڙهڻ ۽ هن جو بل کائي اٿڻ، بس پوءِ ته ڪو ڪتو ڪٿي وڍيو پيو هوندو ته ڪو ڪٿي. شڪار جي وقت ڪتن کي پٽا يا ڳانيون ٻڌڻ چُڪ آهي، ڪيترا سٺا سٺا ڪتا ائين مري پوندا آهن جو مرن جا وڄ ڳانيءَ يا پٽي ۾ اٽڪيو پون ۽ ڪتا مريو وڃن. ڪتا پاڻياري پکين تي حملو به ڪندا آهن. سير جو شڪار: سير جو شڪار گهڻو ڪري چانڊوڪين ۾ ٿيندو آهي ۽ اندازي تي ڪبو آهي. خفتي ڏينهن جو گڏ ٿي طئه ڪندا ته رات جو ڪهڙي هنڌ هلي ڪتا گهمائجن. ان هنڌ تي پهچي شڪاري ڪتن کي هوا جي سامهون کوليندا، ته جيئن ڪتن کي جانورن جي بوءِ اچي. پر جانورن کي ڪتن ۽ ماڻهوءَ جي بوءِ نه اچي. جڏهن شڪارين کي جانور جي پڪ ٿيندي ته ڪتن کي کولي ڇڏيندا ۽ ڪتا سوئر کي ڪاڏي چرڻ نه ڏيندا. جيستائين شڪاري اچي پهچن. سير جي شڪار ۾ هڪ ئي خفتيءَ جا ڪتا شڪار لاءِ وٺي وڃبا آهن. ليٽ جو شڪار: ليٽ جو شڪار ڪرڻ لاءِ خفتي اهڙو هنڌ منتخب ڪندا، جتي سوئرن جو لنگهه هجي. اتي ڊيزل هاربي آهي. جنهن سان جانور کي ماڻهوءَ جي موجودگيءَ جي خبر نه پوندي، پر هوا جي رخ جو خيال ڪبو. جنهن لاءِ کليل جاءِ منتخب ڪبي آهي. ليٽ واري زمين تي اٽڪل ٽي فوٽ ڊيزل هارجي، ڪجهه ڏينهن بعد ڏسبو ته سوئر ليٽيو هجي، ته ٻيهر پنج ليٽر ڊيزل هارجي. جڏهن سوئر اچڻ لڳن ته کڏو ٺهرائجي، جڏهن سوئر ايندو ته مٿس بندوق جو فائر ڪري ماري وجهبو.
ٿم جو شڪار: هيءُ نمونو تمام پراڻو آهي. هن شڪار لاءِ توبچي جانور پٺيان لڳندو. سندس ويهڻ جي مخصوص جاءِ ڳولهي لهندو، ته پوءِ شڪاري ان هنڌ ڪتن سميت گڏ ٿيندا، ۽ سوئر کي ٻاهر ڪڍي ڪتن جي بڇ ڪرائيندا.
ڪوٽ جو شڪار: شڪار جو هي قسم به نهايت پراڻو آهي. سنڌ اندر جاگيردار ۽ وڏيرا سوئرن لاءِ مخصوص هنڌ ٺهرائيندا آهن ۽ ان جي چوڌاري ڪوٽ ڏياريندا آهن. جنهن ۾ سوئر لاءِ مخصوص جايون پڻ ٺهيل هونديون آهن. ڪوٽ ۾ شڪار لاءِ ڪتن کي ڪوٽ جي اندر ڇڏيندا آهن، ۽ ماڻهو ڪوٽ تي چڙهي سوئر کي ٿم مان ٻاهر ڪڍندا. پوءِ سوئر ۽ ڪتو پاڻ ۾ وڙهندا ۽ سوئر مختلف جاين ۾ لڪڻ جي ڪندو آهي. هي ويڙهه ڪيترا ڪلاڪ به هلندي آهي.
الهڙ جو شڪار: هن شڪار لاءِ پهرين سوئر کي ڦاسائبو آهي، جنهن کي پنجوڙ ۾ ڦاسائي ڪنهن کلي ميدان ۾ ڪاٺ زمين ۾ کوڙي رسي سوئر جي ٽنگ سان ٻڌبي آهي. سوئر جون اڳ ٻڌل رسيون کولبيون ته سوئر اٿي بيهندو. خفتي کيس پاڻيءَ جو ڇنڊو هڻندا آهن. هن قسم جي شڪار ۾ الهڙ ڪتن کي سيکارڻ هوندو آهي. خفتين جي ڪوشش هوندي آهي ته سوئر جي هٿان ڪتا نه مرن. ان لاءِ نر سوئر جا وڄ ڀڃڻ سان گڏ مادي سوئر جي وات ۾ رسي ٻڌي پوءِ ويڙها ٿيندا آهن.
قنات جو شڪار: هن قسم جو شڪار ٻين شڪارن جي ڀيٽ ۾ نهايت سولو آهي. قنات جي ويڪر 4 فوٽ ۽ ڊيگهه 5 وال هوندي. قنات جي شڪار ۾ توبچي جا کڏڻا زمين کان اٽڪل چار فوٽ مٿي ٺاهيا ويندا آهن. ان لاءِ زمين ۾ 4 مضبوط ٿوڻيون ويهاري ان کڏڻي جي مٿان ٿلهيون ڪاٺيون رکي پيهي وانگر مضبوط ٺاهيو ويندو آهي. سامهون ڇهه انچ گولائيءَ جا سوراخ ڇڏبا آهن، جن مان ڏسي فائر ڪري سگهجي.
جهل يا جهلي جو شڪار: هيءُ شڪار قنات شڪار سان ملندڙ جلندڙ آهي، پر ان کان وڌيڪ ڪامياب آهي. جهلي جي شڪار لاءِ جانور جي تڙڪندا ۽ مهاڙي ۾ موڪليندا. جهل سٺي هوندي ته مهاڙي شروع ٿيڻ سان بندوق جا فائر ڪري سوئر کي ماري وجهندا.
بازن جو شڪار: باز سان شڪار ڪرڻ لاءِ پهرين باز جو ٻچو ڦاسائيندا آهن. بازن ڦاسائڻ جا ٻيا به طريقا آهن پر بازن ڦاسائڻ جو عام طريقو
هي به آهي ته سرڻ ڦاسائي، تنهن جون اکيون سبي، پيرن ۾ گوشت جو ٽڪرو ٻڌي، ان ۾ مضبوط ڦاهيون ٻڌي، سِرڻ کي اڏائي ڇڏيندا آهن. اکين ٽوپيل سرڻ وٺي مٿي اڏامندي ۽ پوءِ جي باز جي نظر پئي ته باز سمجهندو ته سرڻ شڪار کنيو ٿي وڃي، سو اچي جهٽ هڻندس. ائين سندس پير ان ٺهيل ڦاسيءَ ۾ ڦاسيو پون ۽ پوءِ ٻئي پٽ تي ڪرن. پوءِ باز دار پهرين بازن جون اکيون سبي، دولا ٻڌي ڇڏيندا آهن، باز هري ويو ته پوءِ اکيون کولي مٿان چمڙي جا کوپا چاڙهيندا آهن ۽ کوپن ۾ سنها سوراخ ڪن، جن کي وقت سر وڏو ڪندا ويندا آهن. ائين دستانا پائي باز کي هٿ تي ويهاري، مٿان هٿ گهمائيندا ويندا آهن ته جيئن مانوس ٿي وڃي، هري وڃڻ تي کيس شڪار جي هير وجهندا آهن.
بازن سان هرڻن جو شڪار به ڪندا آهن، جو باز کي هرڻ ڏيکاري، منجهائنس هٿ ڪڍي ڇڏيندا، پوءِ باز هرڻ جي مٿان اُڏامندو ۽ چنبا هرڻ جي اکين ۾ هڻندو ويندو، تان جو هرڻ جون اکيون نڪري پونديون، پوءِ شڪاري وڃي وٺندس. پکين جي شڪار ۾ به ائين ٿيندو آهي، جو پکين جي جوءِ ۾ اچي تلور يا تتر، باز کي ڏيکاري کيس ڇڏي ڏيندا آهن، پوءِ باز برابر اڏامي بل ۾اچڻ تي پکي کي جهٽي وٺندو آهي، شڪار کي چنبن ۾ جهلي ويهندو آهي، جيستائين شڪاري اچي پکيءَ کي هٿيڪو ڪري. تلور جو شڪار گهڻو مزيدار ٿيندو آهي ۽ باز کي شڪار جو طعامو ڏيندو، پر جي پکي ڪنهن گهاٽي لوڙهي يا ويڙهه ۾ لڪي ويو ته پوءِ باز اکيون لائي ويهي رهندو، تان جو شڪاري اچي ساٽو هڻندا ۽ شڪار کي ٻاهر ڪڍندا. ڪي پکي ته ڊپ کان اهڙا لڪي ويهندا آهن، جو شڪاري وڃي هٿن سان وٺن. بازن سان شڪار گهڻو ڪري گهوڙن تي ڪندا آهن. بازن جو شڪار هاڻي ٻاهريان عرب اچي سنڌ ۾ ڪن ٿا. اهي عرب مهينن جا مهينا جوهي، سانگهڙ ۽ ٿرپارڪر ۾ ڪيمپ هڻي اچي ويهندا آهن ۽ باز ذريعي شڪار ڪندا آهن.
تڙ جو شڪار: مرن جو يا جهنگ جي جانورن جو شڪار سنڌ ۾ گهڻو ڪري ‘تڙ’، ‘اوسر’ ۽ ‘مهاڙيءَ’ سان ٿيندو آهي. اهي ٽنهي قسمن جا شڪار پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ڏاڍا وڻندڙ ٿيندا آهن. هونءَ ته ٿمن تي ڪتا ڦيرائي يا گهٽن تي سگهاريون ڪوڙڪيون هڻي شڪار ڪندا آهن، پر تڙ ۾ مهاڙيءَ سان ڪو شڪار ڪو نه لڳي.
تڙ جي شڪار دوران شڪار واري هنڌ تي ڪتا، ڏڦا، پنجوڙيون توبچي هڙئي اچي گڏ ٿيندا آهن، پوءِ انهيءَ جاءِ تي ايندا جتي شڪار ڪرڻو هوندو اٿن، پوءِ جهنگ ۾ شڪار جو پيرو ڏسي اتي پنجوڙ ٻڌندا. جوڙي پنجوڙ جي ٻنهي پاسن کان اُڀي لام تي ٿوري ٿوري پنڌ تي هڻندا ۽ اتي ڪتن وارا ويهاريندا. توبچي گهڻو ڪري کڏون ٺاهي ويهن، جي ڪو مرون ٻانهين ڀڃي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته ضرور توبچين جي ور چڙهندو، جي اتان نڪري ويو ته ڪتن جون رسيون ڪڍندا آهن، جي شڪار سڌو ويو ته وڃي پنجوڙ ۾ لڳندو، پنجوڙ کان ڏهه- ويهه قدمن تي ڪنهن وڻ تي ڪنهن هوشيار ماڻهوءَ کي ’تاڙو‘ ڪري ويهاريندا آهن، جيڪو جانور جي ڪڙٻاٽ مان ئي سهي ڪندو آهي ته فلاڻو جانور فلاڻي پاسي کان اچي ٿو. جڏهن اهو جانور انهيءَ تاڙي وٽان اچي لنگهندو آهي ته اهو تاڙو جانور جي مٽجڻ وقت ان کي هوڪرون ڪري زور سان ڀڄائيندو ۽ شڪار اچي پنجوڙ ۾ پوندو، پنجوڙ شڪار کي ويڙهي پٽ تي هڻندو. بس پوءِ ته ڪتن وارو شڪاري مرونءَ تي چڙهي ويندو، اٿڻ ئي ڪونه ڏيندو، اتي ئي ڪاٺي وات ۾ڏئي دونار ٻڌي ٽنگون ٻڌي ڇڏيندا ته پيو هجي ۽ پوءِ شڪار جو الڙ ڪرائيندا آهن.
آوازن سان شڪار: سنڌ ۾ ٻوليءَ سان شڪار ڪرڻ جو رواج به عام آهي، پر ٻوليءَ سان صرف ڦاڙهي جو شڪار ٿيندو آهي. شڪار لاءِ ڳجهه جي پَرَ جي وچ واري ڏانڊي ٻيڻي ڪري ان مان ٻه ننڍا هڏا گهڙي، وچ ۾ سنهو پن ڏئي، ان مان سيٽيءَ وانگر پوپري ٺاهيندا آهن، جنهن کي ڦوڪ سان وڄائيندا آهن. پوءِ جنهن جوءِ ۾ ڦاڙهو هوندو آهي، اتي ڪنهن کڏڻي ۾ بندوق ڀري لڪي ويهندا، ۽ ويهي پوپريءَ کي رکي رکي ڦوڪون ڏيندا. ڦاڙهو ڪن جو ڏاڍو سرلو ٿيندو آهي، بس ڦاڙهي جي ڪن تي ڪوڪ پئي ته ڪٿي به هوندو ته هليو ايندو. پوءِ جڏهن شڪاريءَ جي وجهه ۾ ايندو آهي ته ڌڪ هڻندو. هن ٻوليءَ جي شڪار ۾ وري خرابي هيءَ آهي جو ان ٻوليءَ تي نانگ به ايندو آهي، ان ڪري ٻولي ڪرڻ مهل شڪاري جاچيندا آهن ته ڪٿان ڪو نانگ ته ڪونه ٿو اچي! روجهه جو شڪار گهڻو ڪري سنڌ ۾ ائين ڪندا آهن.
هرڻ جو شڪار: هرڻ اڄڪلهه سنڌ ۾ تمام گهٽ آهي. هيءُ شڪار پوٺي، ڊٻ يا ميدان ۾ جيپ ذريعي ٿيندو آهي. شڪاري ڪو هرڻ ڏسندا ته وٺي جيپ ڀڄائيندا، جڏهن ويجها اچي پوندا تڏهن اڻ وارئتا بندوق جا فائر ڪري هرڻ ڪرائي وجهندا. هرڻن جو شڪار سنڌ ۾ گهڻو ڪري ٽن قسمن سان ٿيندو آهي: هڪڙو توبچين کي جبل جي گهارين ۾ لڪائي ويهاري شڪار ڪرائيندا آهن. ٻيو وَلي جو، ٽيون گرگ جو شڪار سڏجي ٿو. اڳ ۾ وڏا زميندار هرڻن واري جوءِ کي وڏا وڏا لوڙها ڏياري ان ۾ به شڪار ڪندا هئا.
گهار جو شڪار: هيءُ شڪار هرڻ، سرهه، گڊن ۽ گهٽن جو رڳو جبل ۾ ٿيندو آهي. ٿر يا پوٺن تي اهو شڪار ڪو نه ٿئي. هن شڪار ۾ شڪاري شڪار واري جوءِ ۾ اچي توبچين کي جبل جي گهارين ۾ لڪائي ويهاريندا آهن، پوءِ پاڻ اٺن تي چڙهي، جانورن جا ڳولائو ٿيندا آهن. پوءِ جانورن کي پريان پريان ڏيکاري ڏيندا آهن ۽ ائين جانورن کي ٺاري ٺاري هڪلي آڻي، انهن گهارين وٽان لنگهائيندا آهن، جتي اڳي ئي شڪاري لڪيا ويٺا هوندا آهن. بس پوءِ جيئن جيئن جانور انهن گهٽن مان گذرندا ويندا آهن، تيئن توبچي بندوقن جا فائر ڪري شڪار کي ڪيرائي وجهندا آهن.
ولي سان شڪار: هرڻ جو شڪار ولي سان به ڪندا آهن. ولي جي شڪار ۾ به گهار يا گرگ جي شڪار جيترو ئي انتظار ڪرڻو پوندو آهي، ڇو جو هرڻ هڪ ٽهڻو ۽ ڇرڪندڙ جانور آهي، ٿوري شڪي حالت ڏٺائين ته ڀڄي ويندو، وري هٿ ڪو نه لڳندو، ان ڪري کيس چالاڪيءَ سان ماربو آهي. هن شڪار ۾ شڪاري، توبچي کي ڪنهن اٺ تي ويهاريندا، يا ڪنهن بيل گاڏيءَ ۾ صبح جو سوير هرڻ جي جوءَ ۾ کڻي ايندا. پوٺو هجي يا رڻ يا جبل پوءِ ڳولي وڃي جانور هٿ ڪندا. جانور پهرين ته شڪارين کي ڏسي ٽهندا، پهرين ته جانور ڀڄي ويندا پر وري هوشيار شڪاري وڃي کين هٿ ڪندا. پوءِ آهستي آهستي پاسا وٺي هرڻن کي ويجها پوندا. ايتري محنت ۾ هرڻ به ڊپ ڀڃيو وڃن. اُٺ ۽ بيل گاڏيءَ کان هونءَ به هرڻ گهٽ ٽهندو آهي. تان جو اٺ چڙهئي توبچيءَ کي بل ڏئي وجهندا يا ته شڪاري ڪنهن ٻُوڙي، پٿر يا جهڪائي واري جاءِ تي هرڻن کان لڪائي توبچي کي هلندي اٺ جي ٻئي پاسي کان لاهي ڇڏيندا آهن. توبچي انهيءَ آڏ سان هڪ ٿي ويندو آهي ۽ شڪاري اٺ کي وٺي هرڻن جو پاسو وٺيو ڦرندا ايندا، هرڻن جو سڄو خيال اٺ طرف هوندو آهي، تان جو اچي توبچيءَ مٿان پوندو اٿن. پوءِ توبچي جيترا ڌڪ هڻي سگهي.
گرگ جو شڪار: گهڻا شڪاري گرگ جو شڪار به ڪندا آهن. اهو شڪار به گهڻو ڪري ولي جي شڪار جي جاکوڙ جهڙو ئي ٿيندو آهي. شڪاري اٺ تي چڙهي هرڻن جي جوءِ ۾ ايندا. پوءِ هرڻ ڏسي شڪاري بندوق سوڌو هيٺ لهي پوندو. هڪ طرف هرڻ هوندا ۽ وچ ۾ اٺ، ٻئي پاسي شڪاري. شڪاري لٺ جي هڪ پاسي ۾ اٺ جي مهار ٻڌي ڇڏيندو ۽ ٻيو پاسو شڪاريءَ جي هٿ ۾ هوندو، ائين لٺ سان شڪاري اٺ جي اڳين ٽنگن سان پنهنجو ٽنگون ملائي اهڙي طرح هلندو آهي، جو هرڻ سمجهندو ئي ڪو نه ته اتي ڪو شڪاري آهي. هرڻ ائين سمجهندو ته ڪو رول اٺ پيو چري، ائين شڪاري لٺ ۾ مهار ٻڌل اٺ کي ڦيرائيندو ڦيرائنيدو اچي هرڻ کي ويجهو پوندو آهي ۽ هرڻ به آهستي آهستي ڊپ ماري ويندو آهي، پوءِ وجهه وٺي شڪاري بندوق جا هڪ يا ٻه جيڪي ڌڪ هڻي سگهيو، اوترا هرڻ ڪيرائي وجهندو.
درياهي جانورن جو شڪار: درياهه يا نديءَ ۾ واڳون کان سواءِ ڪو ٻيو شڪار ڪو نه ٿئي. اڳي سنڌ ۾ مانگر مڇ جو شڪار به ٿيندو هو، پر هاڻي رڳو سيسر ۽ واڳونءِ جو شڪار ٿئي. هونئن ته ٻهلڻ (ٻرون) لڌڙا، ڪميون، وغيره گهڻا ئي جانور درياهه ۾ ٿيندا آهن، پر اهي جانور رڇن ۾ به ڦاسيو پون. انهن جو شڪار ڪو اهڙو دلچسپ ڪونهي، جنهن کي شڪاري چاهه سان ڪن. سنڌ ۾ مانگر مڇ جو هڪڙو ئي شڪار مورڙي ميربحر ڪيو هو. مورڙي کي سنڌ جي لاثاني شاعر شاهه عبداللطيف سر گهاتوءَ ۾ ڳايو آهي.
واڳونءَ جو شڪار هن طرح ڪندا هئا، جو هڪ لوهي ننڍڙو پنڃرو ٺهرائي ان ۾ ڪنڊا هڻندا هئا، پوءِ رسو ٻڌي ان کي هيٺ لاهيندا آهن. مانگر مڇ ان لوهي پنڃري کي ڳهي ويندو آهي. پوءِ جيئن تڻڪيندو تيئن وڌيڪ ڦاسندو ۽ ڪنڊيون گلي ۾ چڙهي پوندس، بس پوءِ شڪار کي ڇڪي ٻاهر ڪڍندا آهن.
سيسر جو شڪار: سنڌ ۾ سيسر درياهي جانورن ۾ وڏي ۾ وڏو جانور آهي. سيسر واڳونءَ کان وڏو ۽ سگهارو پڻ ٿيندو آهي، جتي سيسر رهندو ان جُوءِ ۾ واڳون نه رهندو آهي. سيسر جو شڪار سانوڻيءَ ۾ سٺو ٿيندو آهي. سانوڻيءَ ۾ سيسر کي مستي ٿيندي آهي ۽ سگهه به اهڙي هوندي اٿس، جو سانوڻي جي درياهه جي اڀي سير وٺي ترندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن درياهه جي گهنڊن ۽ اوڀارن ۾ رهندو آهي. سيسر جتي نظر آيو، اتي شڪاري رائيفل کڻي وڃي ويهندو ۽ ان کان اڳ درياهه جي هيٺئين پاسي کان ٻيڙيءَ وارن ۽ مهاڻن کي هوشيار ڪري ڇڏيندو ته متان سيسر مري پئي ۽ اڳتي وهي وڃي. بس پوءِ شڪاري اکيون لائي ويهي رهندو. سيسر جي عادت ٿيندي آهي ته سير ۾ ٻه هٿ کن مٿي ٿي بيهي سيٽيون هڻندو آهي. گهڙي کن بيهي وري ٽٻي هڻي ويندو. اهو شڪاريءَ لاءِ اهڙو وجهه هوندو آهي، جو هتان هن جو ڳچي ڪڍڻ، سيٽي هڻڻ، هوڏانهن شڪاريءَ جو موقعو وٺي گولي هڻڻ. گولي لڳڻ جو هنڌ لُڪيءَ کان ٿورو مٿي اندرين پاسي ٿيندو آهي. اها هڪ ئي گولي ماري وجهندي اٿس. گهڙي کن ڦٿڙاٽ اهڙو ٿيندو جو پاڻيءَ کي ئي ولوڙي ڇڏيندو ۽ لهوارو ڪٿي ڪٿي ڏيکائبو سو به درياهه جي اڇل ۾ جڏهن صفا مري ويندو ته ترندو ترندو وڃي ٻيڙياتن وٽ پهچندو، پوءِ ٻيڙين وارا سيسر جهٽي رسي کي مهري سان يا پاڇيل ۾ ٻڌي، کڻي ٻيڙيون ڌڪيندا، پوءِ سڻائي هنڌ وٽان ٻاهر ڪڍندا.
اهڙو شڪار سانوڻيءَ جو گهڻو ٿيندو آهي. هونءَ ته ڪڏهن ڪڏهن سيسر ڪيٽين يا پيٽارين تي ڪامن وانگر به پيا هوندا آهن. اتي به ڪي شڪاري ٻيڙين تي چڙهي لڪي لڪي وڃي ڌڪ هڻندا آهن، هيءُ به ڏاڍو ڄاڻو ۽ سياڻو جانور آهي جي کڙڪ پوندس ته ٽٻي ويندو. اهو شڪار اڄ تائين ٿئي ٿو.
واڳونءَ جو شڪار: درياهي جانورن ۾ واڳون ٻئي نمبر تي آهي. سيسر کان پوءِ درياهه جو وڏو جانور واڳون آهي. سنڌ ۾ واڳونءَ جو شڪار گهڻن طريقن سان جهڙوڪ: هڪ بندوق سان، ٻيو رسن سان، ٽيون ويڙهه سان ڪيو ويندو آهي.
واڳون سنڌ ۾ به گهڻا ٿين ٿا. واڳوءَ هڪ ڀيرو رت چکي ڏٺو ته پوءِ خونخوار ٿي پوندو آهي. واڳون گهڻو ڪري ڪتي جي گوشت کي ڏاڍو پسند ڪندو آهي. تڙ تي ڪتي جي ڀونڪ يا ڪوڪاٽ ٿيو ته واڳون ٻاهر نڪري ايندو آهي. هي گهڻو ڪري ماٺي ۽ اوڀاري پاڻيءَ ۾ رهندو آهي. سياري ۾ پيٽارين تي نڪري آرام ڪندو آهي، وري سيءَ لهڻ کان اڳ پاڻيءَ ۾ لهي ويندو آهي. بندوق سان واڳونءَ جو شڪار تمام سولو ٿيندو آهي؛ ڪنهن ٻيٽاريءَ تي واڳون ويٺل هوندو ته بندوق کڻي شڪاري لڪي وڃي ڌڪ هڻندا آهن، يا ته ٻيڙيءَ ۾ چڙهي پيا هلندا آهن. جتي ڪنهن واڳونءَ منڍي ڪڍي ته شڪاري فائر ڪندا. هڪ هنڌ ترسڻ ئي ڪو نه ڏيندا، جيسين مري نٿو، پوءِ شڪاري شڪار کي ڇڪي ٻاهر ڪڍندا. ڪي شڪاري ويڙهي واڳون لاءِ تڙ تي ڪتو ٻڌندا آهن ۽ پاڻ لڪي ويهندا آهن. ويڙهو واڳون ڪتي جي ڪوڪاٽ تي ٿورو نڪري جهٽ هڻڻ لاءِ ظاهر ٿيو ته بندوق هڻندا. پر انهيءَ شڪار ۾ شڪاري هٿ جو پڪو کپي نه ته جهٽ سان واڳون ڪتي کي چڪ هڻي پاڻيءَ ۾ کڻي ويندو.
رسي سان واڳونءَ جو شڪار رڳو سنڌ جا مهاڻا ڪندا آهن. هي شڪار ٻين شڪارن جي ڀيٽ ۾ ڏکيو آهي. واڳون پڇ اهڙو هڻندو آهي، جو هڏا ئي ڀڃي ڇڏيندو آهي. هن شڪار ۾ رڳو چالاڪي کپي، ميربحر رسا کڻي ٻيڙين ۾ چڙهي واڳن جي جُوءِ ۾ ايندا آهن، پوءِ هڪ مهاڻو ٽپ ڏئي هيٺ لهي پوندو‎. پاڻ سان رسو کڻندو، جنهن جو هڪ پاسو ٻيڙي ۾ ٻڌل هوندو آهي. پوءِ شڪاري سِري وڃي ستل واڳونءَ جي ڀر وٺندو، پوءِ آهستي آهستي واڳونءَ جي پوين پيرين کان ڪجهه اڳتي پيٽ هيٺان کانهر ڪندو، کانهر تي واڳون ويندو پيٽ مٿي ڪندو. تان جو شڪاري رسو هيٺيان ڦيرائي وٺندس، پوءِ آهستي آهستي کسڪي اچي ٻيڙيءَ تي چڙهندو ۽ وٺي ٻيڙي ڌڪيندو ته واڳون بيوس ٿي گهلبو ايندو. واڳون ڇڏائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪندو آهي، سَڪي تي آڻي لوڙهين ۽ ڪهاڙين سان وڍي ڇڏيندا اٿس. هي شڪار به سنڌ کان سواءِ ٻئي ڪنهن هنڌ ڪونه ٿئي.
واڳونءَ جو شڪار سڀني کان ڏکيو ۽ دليريءَ وارو آهي، دلير مهاڻا ويڙهه سان به هن جو شڪار ڪندا آهن. هڪ مضبوط سونٽي هٿ کن ڊگهي کڻي ان جي مٿن تي ٻنهي پاسي پَٽُ/پير هڻائيندا آهن. ڪير به وجهائيندا آهن. پوءِ ويڙهو مهاڻو اها سونٽي کڻي انهيءَ تڙ تي ايندو، جتي واڳون وڙهندو هوندو آهي. پوءِ پاڻيءَ ۾ گهڙي ڇٻ ڇٻ ڪندو آهي ته واڳون کي ڄاڻ ٿئي. واڳون ته اڳيئي ڪن لايو ويٺو هوندو آهي، پوءِ ويجهو اچي واڳون وات پٽي جهٽ هڻندو آهي. واڳون اهڙو ته زور سان وات بند ڪندو آهي جو جي وات خالي هوندو اٿس ته سندس ڄاڙيءَ جو واڪو پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. مهاڻو وات پٽڻ مهل ئي جهٽ ڪري اها سونٽي اڀي سندس ڄاڙين ۾ ڏئي ڇڏيندوآهي، واڳون سمجهندو آهي ته شڪار منهنجي وات ۾ اچي ويو آهي، سو وٺي زور سان ڄاڙي بند ڪندو. بس هوڏانهن ڄاڙي بند ٿي هوڏانهن ڪير ڄاڙين ۾چڙهي پوندس بس پوءِ ته گهڻي ئي پڇ هڻندو، پر پڇ منهن تائين رسندس ئي ڪونه، تان جو مهاڻو انهيءَ ڪاٺي ۾ رسو ٻڌي تاري ڇڪي ڪڍندس ۽ سُڪيءَ تي آڻي لٺين ڪهاڙين سان ماري ڇڏيندا. اهڙو دليريءَ وارو ڪم سنڌ جي مهاڻن ۾ به ڪو ورلي ڪندو آهي.
واڳونءَ جو شڪار هندستان ۾ ان جي کل حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيو ويندو آهي اهو ان طرح اهو ان طرح جو ننڍڙي ڇيلي جي تازي کل ۾ ان وساڻل چُن ڀري چڱيءَ طرح سان بند ڪري واڳون واري تڙ تي پاڻيءَ ۾ اڇلائيندا آهن، واڳون ان کي شڪار سمجهي ڳهندو يا کائيندو پوءِ جيڪو چُن اندر پيٽ ۾ ويندس ته واڳونءَ کي اڃ لڳندي. جيئن پاڻي پيئندو تيئن چُن اٻارو کائيندو، ائين ڪڙهي ڪڙهي واڳون مري ويندو پوءِ ان کي اتان ڪڍي سندس کل لاهيندا آهن.
مڇي/ پلي جو شڪار: سنڌ ۾ مڇي/ پلي جو شڪار گهڻو ٿيندو آهي. مڇي ڍنڍن، تلائن ۽ درياهه ۾ گهڻي مرندي آهي. گهڻو ڪري سنڌ ۾ پوپريون، مُڪر، موراکيون، گندڻ، ڄرڪا، کڳا، گانگٽ، سينڱاريون، پلا، گوجون، ٿيلهيون، ڏنڀرا، (ڪرڙا) ڊينڊ، دد، سريا، ڪنگ مڇي، ڦاڙ ۽ ٻيون مڇيون گهڻيون ٿينديون آهن، پلا گهڻو ڪري سنڌ ۾ گهاون، رڇن، ڀنن سان ماريندا آهن، گانگٽ، سنگلين ۽ چنبين سان، جڏهن ته باقي مڇيون نڙن، ڄارن وغيره سان ماريندا آهن. سنڌ ۾ مڇيءَ جي شڪار ۾ سٺي ۾ سٺو شڪار پلي جو آهي.
رڇ سان پلا مارڻ لاءِ مهاڻا هڪ وڏي ڄار جا اٽڪل ڇهه فوٽ ويڪري ۽ سٺ فوٽ ڊگهي ٺاهيندا آهن. جنهن جي هيٺئين پاسي کان ڄاريءَ جون ڳوٿريون ٺاهيندا آهن ۽ مٿان مضبوط رسو ٻڌندا آهن. جنهن ۾ تنبيون هڻندا آهن ته رڇ جو مٿيون پاسوتري‘ بيهي ۽ رڇ جي هيٺان شيهي جا ڇلا وجهندا آهن ته هيٺيون پاسو ٻڏي بيهي . اهڙا ٻه- چار رڇ گڏين ته ان کي ڀن چوندا آهن. پوءِ ان کي ٻيڙيءَ تي کڻي مقرر ماڳ تي ويندا، ڪجهه همراهه سڪيءَ تي لاهيندا، جي رڇ جو هڪڙو پاسو جهلي بيهندا. اهي رسي ۾ ڪڻها هڻي، ڇڪي بيهندا ۽ ٻيا مهاڻا ٻيڙي ڌڪي هلندا به ويندا ۽ رڇ پاڻي ءَ ۾ لاهيندا به ويندا، تان جو سڄو رڇ لاهي ڇڏيندا ۽ رڇ جو ٻيو پاسو ٻيڙيءَ ۾ ٻڌل هوندو. پوءِ ٻيڙي ورائي سڪي ڏي ايندا ويندا هتان وري ڪڻهن وارا سُڪي تان ٻيڙيءَ ڏي وڌندا ايندا، انهيءَ وچ ۾ هڪ ماڻهو تنبي تي درياهه ۾ لهي ويندو، اهو رڳو رڇ جي سنڀال ڪندو آهي. ڪو ترندڙ لاهه يا ڍنگهر وغيره ايندو ۽ رڇ ان ۾ ڦاسندو ته ڇڏائيندو ويندو. ٻه- ٽي مهاڻا ٻيڙيءَ ۽ ڪپر جي وچ ۾ ونجهه کڻي لهندا آهن ۽ ونجهه پاڻيءَ تي زور سان هڻندا آهن، ٻيا مهاڻا ٻيڙيءَ تي ڌڙها هڻندا ٿالهيون وڄائيندا ته گوڙ ٿئي، پوءِ وري رڇ کي ٻيڙيءَ تي سميٽيندا ويندا. ائين جيڪي پلا ڳوٿرين ۾ ڦاٿا هوندا، انهن کي ڇڏائيندا ٻيڙيءَ جي تر ۾ اڇلائيندا ويندا ،تان جو سڄو رڇ سميٽجي ويندو، پوءِ هاريون کڻي مڏيءَ تي يا ساٽين کي ڏيندا آهن.
سَنڌ سان شڪار: مهاڻا سَنڌ سان پلي جو شڪار عام ڪندا آهن، سَنڌ هڪ ڊگهي ڪاٺي ٿيندي آهي، جنهن کي هيٺئين پاسي ٻسانگي (ٻياني وانگر) ٿيندي آهي،جڏهن ته ٻيانو سوڙهو ٿيندو آهي پر سنڌ وڏو ۽ ويڪرو ٿيندو آهي.ان ٻسانگي ۾ ڄار لڳل هوندو آهي جنهن ۾ به ڳوٿري ٿيندي آهي، ان ڄاريءَ جي هيٺئين پلاند ۾ ڏور ٻڌل هوندي آهي پوءِ مهاڻا پهرڻ کان اڳ ماٽي يا تُنبو، سنڌ ۽ سوئو کڻي درياه ۾ مٿان کان ٿي لهندا آهن. سَنڌ جو ٻسانگو پاسو درياهه ۾ اونهو لاهي ڇڏيندا ۽ ڏور آڱر ۾ ويڙهي، پيٽ تنبي يا ماٽيءَ تي رکي پاڻيءَ ۾ لڙهندا ويندا. جتي پلو لڳو اتي رڳو ڏور کي تڻڪ (ڇڪ) ڏيندا ته پلو وڃي ڳوٿريءَ ۾ پوندو، پوءِ لڙهندي ئي سَنڌ پاڻيءَ مان ڪڍندا ۽ پلي کي ڪڍي سوئو هڻي يا ڏور ۾ لڙڪائي ڇڏيندا يا ماٽيءَ ۾ وجهي ڇڏيندا.
ڪُڙهيءَ سان شڪار: ڪُڙهيءَ سان مڇي ۽ پلو ٻنهي جو شڪار ٿيندو آهي. هي شڪار ننڍي پاڻي ۾ ٿيندو آهي. ڪڙهي جو هيٺيون گول پاسو ويڪرو ۽ مٿيون گول ننڍو ٿيندو آهي. سندس هيٺين پاسي ۾ ڄاري لڳل ٿيندي آهي ۽ مٿان سوراخ هوندو آهي،. جنهن ۾ هٿ وجهي سگهبو آهي. مهاڻا شڪار وقت ڪڙهي مٿي کڻي پاڻيءَ ۾ هڻندا ويندا آهن هٿ وجهي ڏسندا به ويندا آهن ته ڪا مڇي ڦاٿي ته ڪانهي، جي مڇي ڦاٿي هوندي ته هٿ وجهي ڇڪي ٻاهر ڪڍندا. ڪن ڪڙهين ۾ هيٺين ڄاري نه به هوندي آهي. اهڙي ڪُڙهي ۽ ٻه-ٽي ڀتر کڻي مهاڻو پاڻي ۾ ٿي بيهندو. پوءِ جي ڪٿي پلو سرندو ڏٺو ته اڳ وٺي اتي ڀتر اڇليندا، پلو ڀتر جي آواز تي ٽاهه کائي ڀڄندو. جي آيو ماريءَ ڏي ته کڻي مٿان ڪُڙهي ڏيندس، جي ڪُڙهيءَ ۾ آيو ته ڳٿي مان هٿ وجهي ڇڪي ٻاهر ڪڍندا.
ڇَت سان شڪار: سنڌ ۾ ڇَت سان شڪار به ٿيندو آهي پر هاڻي عام نه آهي. ڇَت سان شڪار جو نمونو تمام پراڻو آهي. جڏهن اڃا ڄاريءَ جو شعور نه آيو هو، هن طريقي ۾ هڪ ڀالو ٺاهيندا آهن. ان جي پڇڙيءَ ۾ ڏور ٻڌي، ٻيڙيءَ جي آڳل تي يا ڪپ تي ٿي بيهندا آهن، پوءِ پلو يا مڇي جيڪو اچي لنگهندو تنهن کي چتائي ڀالو هڻندا، جي لڳو ته ڀالو چڙهي پوندس، پوءِ ڏور سان ڇڪي وٺندا جي نه، ته رڳو ڀالو کڻي وٺندا.
ڄار سان شڪار: ندين، تلائن ۽ ڍنڍن ۾ گهڻو ڪري ڄار سان به شڪار ڪندا آهن. ان قسم جي شڪار لاءِ هڪ ڄار گول ٺاهي ان جي ٻاهرين حصي ۾ شيهي جا ڇلا رڇ وانگر وجهي، ڳوٿريون ٺاهي ڇڏيندا آهن ۽ اندرئين پاسي کي سميٽي آڻي هڪ ڏور ۾ قابو ڪندا آهن. پوءِ ڪنهن ڍنڍ جي پيٽاريءَ يا ڪناري تي بيهي ڄاريءَ کي سمجهائي رکندا کاٻيءَ ٺونٺ تي، سڄي هٿ ۾ ڏور هوندين، پوءِ بت گهمائي ڄار کي اهڙيءَ طرح اڇل ڏيندا جو ڄار سڄو پکڙي پاڻي ۾ لهي ويندو ۽ شيهي جي ڇلن جي ڪري وڃي تر وٺندو، پوءِ آهستي آهستي ڪندا ڏور کي ڇڪيندا ويندا. انهي وچ ۾ جيڪي مڇيون هونديون سي ڄاري جي هيٺيان اچي وينديون ۽ ڦٿڪي ڦُٿڪي وڃي ڳوٿرين ۾ قابو ٿينديون، پوءِ مهاڻو ڇڪي ٻاهر ڪڍندو. هن قسم جو شڪار درياهه ۾ گهٽ ٿيندو آهي، باقي ڍنڍن ۾ جام ٿئي.
نڙَي سان شڪار: درياهه جي ڍار يا اوڀاري ۾ نڙن سان به مڇين جو شڪار ڪندا آهن، ان طريقي لاءِ پهرين هڪڙي ڄار آڪاري جي ٺاهيندا آهن ۽ رڇ وانگي تنبين جي بدران سرن جون ننڍيون ننڍيون تيليون ٻڌندا آهن، جيئن تري بيهي. پوءِ نڙا پاڻي ۾ لاهيندا، جتي جتي مڇي لڳندي اتي وارو نڙو پيو ٽٻندو. پوءِ نڙا ڪڍندا ته انهن جي اکن ۾ مڇيون ڦاٿيون پيون هونديون آهن.
تلائن يا ڍنڍن ۾ ٻارٽ سان به مڇين جو شڪار ڪندا آهن. هڪ وڏي ڄار کڻي ان جي ٻن پاسن ۾ ٻه اڀيون لٺيون ٻڌندا. پوءِ ٻه ماڻهو، جن مان هڪ ماڻهو هڪ لٺ کي وٺندو ۽ ٻيو ٻيءَ کي، پوءِ اهي لٺيون اُڀيون جهلي پاڻيءَ ۾ هلندا ۽ ٽيون وري وري پريان پاڻيءَ ۾ لهي ڇٻ ڇٻ ڪندو ته مڇيون ڄار ڏانهن وڃن. پوءِ مڇيون لڳنديون ته ڪنڍيءَ جي ڪاٺين کي کڻي سنئون ڪندا آهن، ته پاڻي نڪري وڃي ۽ مڇيون رهجي وڃن، جي مڇيون وڏيون ۽ گهڻيون اينديون آهن ته ڄار مٿي کڻي ٿورو وٽ ڏئي جُهلندا ته جيئن مڇي ڦٿڪي ٻاهر نه نڪري.
ڪُنڍيءَ سان شڪار: ڪنڍيءَ سان شڪار ته جتي ڪٿي عام آهي نه صرف پيشه ور ماڻهن ۾، پر عام ماڻهن ۾ به گهڻو شوق آهي. هاڻي ته اهڙي اهڙي قسم جون به ڪنڍيون نڪري پيو آهن، جو ڳاهه وجهي سمهي پئجي ته مڇي ڦاسي ته پاڻهي اچي سڪي ته پوي. هن شڪار ۾ ڏور جي هڪ سري ۾ ڪنڍي ته ٻئي پاسي ڪاٺي ٻڌندا آهن، ڪنڍيءَ کان هٿ- ڏيڍ پوئتي ٻوچ يا ڪانو يا ڪا اهڙي هلڪي شيءِ ٻڌندا آهن. جيئن ڪنڍيءَ تري بيهي ۽ ڪا شيءِ لڳي ته ان جي لڳڻ جي خبر پوي. پوءِ ڪنڍيءَ ۾ گاهه وجهندا آهن. اگر ڪرڙو مڇي مارڻي هوندي آهي ته ڪيچئن (سائپن) جو ڳاهه وجهندا آهن، جي ٻيون مڇيون ته ڪڻڪ جي اٽي ۾ ٿوري هڱ ملائي، ان جو ڳاهه ڏيندا آهن. پوءِ ڪپر تي ويهي ڪنڍي پاڻيءَ ۾ اڇلائيندا ۽ ڪاٺيءَ کي جهلي ويهندا. مڇي لڳندي ته ٽٻڻي ڪاٺي يا ٻوچ هيٺ مٿي پيو ٿيندو. جڏهن ڏور کي هڪ ساريڪي سٽ اچي، تڏهن سمجهبو آهي ته ڪنڍي مڇيءَ ۾ اٽڪي آهي، پوءِ سٽ ڏئي مڇي ڪڍي وري ڳاهه وجهي ڪنڍي پاڻي ۾ اڇلائبي آهي.
کاري جو شڪار: انهن شڪارن کان سواءِ هڪ ٻيو کاري جو شڪار ڪندا آهن. جڏهن سمنڊ ۾ وير چڙهندي آهي ته پاڻي چڙهندو آهي، جڏهن گهانگهٽ وير لهندي آهي ته پاڻي لاٿ کائيندو آهي ۽ ان لاٿ کان ڪپرن ۾ گهاريون پونديون آهن. مهاڻا پاڻيءَ جي لاٿ مهل رڇ انهن گهارين تي هڻي ڇڏيندا آهن. پوءِ جيڪي مڇيون ۽ گانگهٽ سمنڊ جي پاڻيءَ سان مٿي چڙهيا هوندا، اهي وري پاڻيءَ جي لاٿ تي لهندا ته ان ڄاريءَ مان پاڻي وهي ويندو ۽ هَڪَم ۽ مڇيون اٽڪي پونديون آهن.
سنگلين سان شڪار: انهيءَ کان سواءِ گانگٽ سنگلين سان به ماريندا آهن. مهاڻا درياهه جي ڪپ تي پاڻيءَ ۾ ڍنگهريون وجهي ڇڏيندا آهن. پوءِ ٻن-ٽن ڏينهن کان پوءِ ان ڍنگهر جي چوڌاري ڄار ڦيرائي ڍنگهرن کي ڇنڊيندا ۽ ڄار کي سوڙهو ڪري ڪڍندا ته سڀ گانگٽ ڄار ۾ اچي ويندا آهن.
تڪمي جو شڪار: تڪما هڻڻ جو طريقو هيئن آهي ته مانيءَ جو ٽڪر ڌاڳي ۾ ٻڌي انهيءَ ڌاڳي جو ٻيو ڇيڙو ڪاٺيءَ ۾ ٻڌندا آهن، پوءِ ڪاٺيءَ کي تانگهڙي پاڻيءَ ۾ ائين ڪري کوڙيندا آهن، جو مانيءَ جو ٽڪر ٻڏي بيهي. پوءِ اچي انهيءَ ٽڪر کي ننڍيون ننڍيون مڇيون لڳنديون، پوءِ ننڍي چنبئي کڻي هيٺيان ڏئي کڻي مٿي ڪندا ته جيڪا مڇي هوندي اها چنبئيءَ جي ڄاريءَ ۾ ڦاٿي پئي هوندي.
کڳن جو شڪار ڪرڻ لاءِ هڪ ڊگهي ڏور کڻي ان ۾ ٿوريءَ ٿوريءَ وٿي تي ڪنڍيون ٻڌندا آهن، انهن ڪنڍين ۾ لوجرين جو ڳاهه هڻي ڇڏيندا آهن، پوءِ ڏور هڪ ڪپر کان ٻئي ڪپر تائين لڳي پئي هوندي آهي. صبح جو اچي ڏور سوئيندا، جتي ڪنڍيءَ ۾ کڳو ڦاٿل هوندو اتان کڳو ڪڍي وري ٻيو ڳاهه هڻي ڇڏيندا آهن.
اوجهڻ جو شڪار: مهاڻا ڇا ڪندا آهن جو سنهو ننڍن اکن وارو ننڍڙو گهائو ٺاهيندا، ان جي مٿان تنبين جي بدران سَرن جون تيليون ٻڌندا، پوءِ بيٺل پاڻيءَ جي ڍار ۾ يا اوڀاري ۾ اوجهڻ لاهي ڇڏيندا، تيليون پيون ٽلڪنديون، جنهن هنڌ اوجهڻ ۾ مڇي لڳندي، انهيءَ هنڌ واري تيلي ٻڏي بيهندي. ائين اوجهڻيون لاهيندا. ننڍين اوجهڻين کي ’ناڙا‘ به چوندا آهن. اهڙي طرح سنڌ ۾ مڇيءِ جو شڪار گهڻن ئي قسمن سان ٿيندو آهي.
ڍنڍ جي پکين جو شڪار: سنڌ ۾ به اڪثر امير زميندار ڍنڍ جي پکين جو شڪار شوق سان ڪندا آهن. جيئن مِرُن ۽ ڦاڙهن لاءِ سرڪاري ٻيلا ٺيڪي تي کڻندا آهن، تيئن ڍنڍن جون به رکون ڪرائيندا آهن. پکين جي ايتري حفاظت ڪرائيندا آهن، جو آسپاس بندوق جو آواز به ڪونه ٿيڻ ڏين. سنڌ ۾ ڍنڍ جو پکي گهڻو ڪري ٿڌن ملڪن مان اچي ٿو. اهي پکي سياري جي مند ۾ لهندا آهن ۽ وري جڏهن سيءَ جهڪا ٿيندا آهن، تڏهن اڏاميو وڃن. اهي پرديسي پکي اچن تڏهن به رات جو ۽ جي وڃن تڏهن به رات جو، ڇو جو گرميءَ کان بچڻ چاهيندا آهن. ڍنڍن ۾ ڏينهن جو به ڪَلَ، ڏِير ۽ پن ۾ لڪل هوندا آهن. سنڌ جي وڏين وڏين ڍنڍن ۾ گهڻو ڪري، نيرڳ، ٿراندا، کيڻاٺيون، سانهيون، هنجهه، پيڻون، گيڻان، آڙيون، ڪهنگ، چيخلا، ڌئونريون، ٻڏڻان، لاکي ڄاڃي، ڏاريا، نردور، پهاڙ وغيره ٿيندا آهن. اهي سڀئي حلال آهن ۽ سردار پکي ٻگها، گگهه ڪانيرا، کنڀ، توايا وغيره ٿيندا آهن. انهن ۾ توايا پنهنجو آکيرو ساڻ کڻي گهمندا آهن. انهن پکين جو شڪار گهڻن قسمن سان ٿيندو آهي. مثلاً بندوق، رڇ، کنڀ پکيءَ، لبي، کنڌين وغيره سان ڪندا آهن. هي شڪار ڏاڍو مزيدار ٿيندو آهي. پکي ٿڌو ۽ گهٽ جاکوڙ وارو ٿيندو آهي. ڪينجهر ۽ منڇر ۾ پکين جا ولر لهندا آهن. مهاڻا پاڻ انهن پکين جو شڪار ڪري روزي ڪندا آهن.
پکين جو شڪار بندوق سان ڪرڻ لاءِ شڪاري ڇا ڪندا آهن جي ڍنڍ ويڪري هوندي ته ننڍڙا ننڍڙا هُڙها وٺي ان ۾ ٻه-ٻه، ٽي-ٽي توبچي ٿي ويهندا. پوءِ انهن هڙهن جو پرو ڪري هلندا. پکي ويندا سوڙها ٿيندا، جڏهن اڳتي جاءِ کٽندي اٿن تڏهن وٺي اڏامندا ۽ هڙهن وارن جي مٿا اڏامي ڍنڍ جي ٻئي پاسي ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪندا، بس انهيءَ وقت ۾ سٺن توبچين کي وارو لڳندو آهي. پکي ڍنڍ ۾ ڪريو ته ڪو مهاڻو ٽپي پوندو يا هڙهو ورائي وڃي پکي کڻندو. ائين ڌڪ هڻندا، پکي حلال ڪندا، وڌندا ويندا، پر جي ڍنڍ سوڙهي هوندي ته انهن ٻنن تي توبچي بيهاري ڇڏيندا ۽ پاڻ وڃي مٿانهين کان پکين کي ڏيکايون ڏيندا، جي بندوق هوندي ته ڌڪ هڻندا، پکين ۾ اچي ٽاهه پوندو، ڪي اڏامندا ۽ ڪري تري ۽ ٽٻيون هڻي جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندا، ائين وڌندا وڌندا اچي بندوقن جي منهن پوندا.
رڇ سان شڪار: سنڌ جا مهاڻا رڇن سان به ڍنڍ جي پکين جو شڪار ڪندا آهن، هڪ وڏو ڄار تيار ڪندا، ان کي ڍنڍ جي ڪپ جي ڪنهن وڻ ۾ اڀو ٻڌندا، ٻيو پاسو وري ٻئي ڪپ جي ڪنهن وڻ ۾ رڇ سان لائي ڇڏيندا. رڇ کي جهلڻ لاءِ ونجهه کوڙيندا ۽ رڇ جو هيٺيون پلاند ورائي ٻڌندا، جيئن ڳوٿريون ٺهي پون. ائين رڇ شام جو هڻي ڇڏيندا. اهو تڏهن جڏهن سانجهيءَ ٿيندي پوءِ آڌيءَ آڌيءَ تائين لڪي ويٺا هوندا ۽ ويٺا پکين کي ڏيکاءُ ڏيندا، ڏيکاءُ لاءِ گهڻو ڪري باهه (سگريٽ يا ٻيڙي) دکائيندا آهن.
تيليءَ جي روشنيءَ تي پکي ٽاهه کائي اٿندا، اڳيان رڇ لڳل هوندو اٿن، جيئن ئي رڇ سان لڳندا ته ٿڙڪي وڃي جهوليءَ ۾ پوندا ۽ نڪري نه سگهندا، پوءِ مهاڻا صبح جو اچي جهولين مان شڪار ڪڍندا.
جنهن ڍنڍ ۾ ڏير، ڪَل يا پن گهڻي هوندي آهي، ان ۾ ماڻهو کنڌين سان به شڪار ڪندا آهن، انهي شڪار ۾ پن جي گهاٽن ٻوڙن کي ڪٿان ڪٿان ٻڌي گهٽ ٺاهي ڇڏيندا آهن ۽ انهن گهٽن ۾ هڪ ڌاڳو ٻڌندا، ان ڌاڳي ۾ ٿورو ٿورو پري، گهوڙي جي وارن جون ڦاهيون ٺاهي، مضبوط ٻڌندا. اهو ڌاڳو پاڻيءَ کان ا ايترو مٿي ٻڌندا، جيترو پاڻيءَ ۾ ترڻ مهل پکيءَ جي ڳچي مٿي ٿيندي آهي. بس پوءِ جي ڏينهن هوندو آهي ته ٻئي پاسي کان وڃي پکين کي ڍريون ڍريون ڏيکايون ڏيندا آهن ۽ پکي اچي انهن گهٽن مان لنگهندا. جيئن لنگهندا ويندا تيئن انهن ڳراهن ۾ ڳچيون ڦاسنديون ويندين. ڳراهي ۾ ڳچي آئي ته جيئن پکي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندو تيئن ڦاهي ڀچندي ويندي ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ شڪاري اچي ڳراهن مان سندن ڳچيون ڪڍندا ۽ کين هٿيڪو ڪندا ويندا، پر جي شام جو ڦاهيون هنئيون ته رات جو شڪاري وڃي گهر ڀيڙا ٿيندا. رات جي پيٽ ۾ جيڪو پکي انهن گهٽن مان لنگهندو اهو سوگهو ٿيندو ويندو، صبح جو ماري اچي هٿن سان وٺندن. هي شڪار عام ۽ کليلن ڍنڍن ۾ ڪو نه ٿيندو آهي.
دلبي سان شڪار: دلبو مطلب ڌوڪو. هي شڪار به عجيب قسم جو آهي، بنا بندوق، بنا رڇ، بنا ڦاهيءَ شڪاري هٿن سان هيءُ شڪار ڪندا آهن. ڪنهن وڏي پکيءَ جي کل جو ٽوپ ٺاهيندا آهن. اهڙي طرح جو ان پکيءَ جو پڇ ۽ ڳچي به سلامت ڏسڻ ۾ اچي، ائين نه معلوم ٿئي ته ڪو هي پکي ڪونهي. پوءِ مهاڻا اهو ٽوپ پائي پاڻيءَ ۾گهڙندا، ايترو جو سندن ٻيو سڄو بدن پاڻيءَ ۾ ٻڏل هوندو آهي، باقي رڳو ٽوپ ۾ لڪل منهن ٻاهر هوندي اٿن، جنهن ۾ سنهڙا ٻه سوراخ هوندا آهن، جن مان ڏسي سگهبو آهي. بس پوءِ ماڻهو پکين کي ويجهو ايندو ويندو. پکي ائين ڀائيندا ته هي به ڪو پکي آهي، جو پيو تري، پوءِ مهاڻو پاڻيءَ جي اندران ئي اندران هٿ ڊگهو ڪري پکين جي ٽنگن ۾ وجهندو. ڇڪي، ٽنگڙ ۾ هڻندو ويندو، ٻين پکين کي خبر ئي ڪا نه پوندي تان جو ڍنڍ مان چونڊي چونڊي پکي ڪڍي ويندو آهي، پوءِ ٻاهر ڪڍي ذبح ڪندو.
کنڀ پکيءَ سان شڪار: هن طريقي ۾ پهرين کنڀ پکيءَ جو ٻچو وٺي ڌاريندا آهن، جڏهن وڏو ٿيندو ته ڇا ڪندا جو ماريءَ مهاڻي کي مٿي ۽ منهن تي ڪک يا پن اهڙيءَ طرح سان ٻڌندا جو رڳو سندس اکيون پيون ٽمڪنديون ۽ ٻيو سڄو ڍڪيو پيو هوندو. پوءِ کنڀ کي پنهنجي مٿي تي ويهاريندو ۽ پاڻي ۾گهڙي پوندو. هٿ ۾ ڪانيون ۽ ڪمان هوندس. پاڻي ۾ ايترو لهندو جو سڄو ڍڪجي ويندو، رڳو ڪکن سان ڍڪيل مٿو ٻاهر هوندس ۽ مٿانئس کنڀ ويٺل هوندو، جو هر هر کنڀ پيو هڻندو. پوءِ مهاڻو وڌي اچي ڪنهن پکي کي ويجهو پوندو، پکيءَ جو ٿورو خيال ٻئي پاسي ٿيو ته ڪاني هڻي ڪڍندس، ڌڪ لڳو ته ڌڪايل پکي وٺي دانهون ڪندو، مهاڻو تيسين ان پکيءَ کي وٺي ذبح ڪري وجهندو. ان پکيءَ جي دانهن تي وري ٻيا پکي اچي لهندا، بس پوءِ ته ويندو سٽيندو. هي شڪار به ذري گهٽ دلبي جهڙو شڪار آهي.
پٽ پکين جو شڪار: سنڌ ۾ پٽ پکين جي به کوٽ ڪانهي، تتر، تلور، ڪرانڪون ۽ ٻاٽيٻڙ جام ٿين، انهن پکين مان تترن ۽ تلورين جو شڪار اڳي بازن سان ڪندا هئا، هاڻي ته هر پکيءَ جو شڪار بندوق سان ٿئي ٿو. سنڌ ۾ ڄانڀا لهن ته تلور جام ٿين. وري پاٽيٻڙ جو شڪار ڍٻيءَ وسيلي ڪن. هاڻي دام، اڇل، ڀڳوري وغيرن سان شڪار ڪرڻ جو رواج اڃا به آهي. اڳي تترن جو شڪار گهوٻاٽن ۽ گز ڪمانين سان ڪندا هئا، گز ڪمان جا وري اهڙا ته هوشيار هوندا هئا جو ڀلي تتر ڪهڙي به ڪنڊ کان نڪري، ڪمان سڌي ٿي ته ڦهڪو اچي ڪندو. گهوٻاٽڙيا وري گز ڪمانين کان به هوشيار، گز ڪمان وارو گٿو ته گهوٻاٽو هڻي شڪار کي ڪيرائي وجهندو.
بندوق سان شڪار: شڪاري، تترن جي جوءِ ۾ پهچي قطار ڪري بيهندا آهن، توبچين جي اڳيان ساٽڙيا هوندا، پوءِ اڳتي وڌندا، ساٽڙيا ساٽن سان ٻوڙا سٽيندا ويندا، بس تتر نڪري سنئون ٿيو ته فائر ڪندس. اڳي توبچين سان گڏ گز ڪمانين ۽ گهوٻاٽن وارا به هلندا هئا، ۽ بندوق جي ڌڪ کان گٿل پکيءَ کي گز يا گهوٻاٽو هڻندا هئا جو پکي اچي سٽبو هو پر هاڻي انهيءَ شڪار جو رواج گهٽ آهي، ڇو جو بندوقون عام جام ٿي پيون آهن. ان کان سواءِ بندوق جو شڪار هيئن به ڪندا آهن، جو ڌاريل تتر ۽ بندوق کڻي جهنگ ۾ ايندا، تتر کي رکي پاڻ لڪي وڃي ويهندا. پوءِ هڻندا تتر کي سينڍ، تتر ٻوليندو ته ويجهي وارا تتر هليا ايندا، مٿس پوءِ بندوق وارو ڌڪ هڻندو آهي. ٽيون قسم ٿيندو آهي چاڙهيڪي تي شڪار جو، هن شڪار ۾ شام جو بندوق کڻي جهنگ ۾ ويندا، واهيري جي مهل تتر جڏهن وڻن تي ويهندا، تڏهن ٻوليون ڪندا آهن. شڪاري اهي ٻوليون ڪنائي، لڪي لڪي ايندا، جتي تتر ڳوڙهه ٿيا ويٺا هوندا اتي نشانو وٺي ٺڪا فائر ڪندا.
دام سان شڪار: سنڌ ۾ دام سان تتر جو شڪار ايامن کان ٿيندو رهيو آهي ۽ اڄ به سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ دام سان شڪار ڪيو پيو وڃي. دام جي شڪار لاءِ پهريائين دام جون پٽيون ٺاهبيون آهن، جن ۾ بانس جون ٻه ٿلهيون ڪاٺيون هيٺ، مٿي ۽ وچ ۾ سنهڙيون سنهڙيون چيراٽيون ڪري ٻڌبيون آهن. دام ويڪر ۾ ڇاڙڪي ۽ ڊيگهه ۾ ڇهه- ست فوٽ جيترو هوندو آهي. پوءِ دام جا شڪاري ڌاريل تتر ۽ اهي دامن جو پٽيون ان جاءِ تي کڻي ايندا، جتي تتر هوندا آهن، ان جاءِ تي شڪاري اهي پٽيون اڏيندا ۽ انهن جي وچ ۾ گهوڙي جي وارن جا ڳراها وجهندا، پوءِ ڌاريل تتر اورئين پاسي رکي، پاڻ وڃي لڪي ويهندا آهن. پوءِ سينڍ هڻندي ئي ڌاريل تتر ٻولڻ شروع ڪندو ۽ ان جي ٻوليءَ تي ٻيا تتر اچي مڙندا. تتر جي عادت آهي ته ڊپ نه هوندو اٿس، ته پيرڙيو هلندو آهي، هروڀرو ڪونه اڏامي. جيئن ئي پيرڙيا تتر هلندا ايندا. ته شڪاريءَ جي ٺاهيل گهٽين مان لنگهندي ڊوڙندا. سندن ڳچيون ڳراهن ۾ ڦاسي پونديون، پر جي ڪو ڦري ٻاهر به آيو ته همراهه کنگهڪار ڪندو، تنهن تي تتر ٽهي وري پوئتي ڀڄندو، جي ڪنهن ڳراهه مان ڇڏائي به ويو ته شڪاريءَ جي کنگهڪار تي موٽندي ڦاسندو. پوءِ شڪاري ڊوڙندا اچي ڦاهين مان سندن ڳچيون ڇڏائي کين قابو يا ذبح ڪندا.
اڇل سان شڪار: اڇل هڪ ڍٻ جو قسم آهي، پر ڍٻ سرن جو ٿيندو آهي ۽ اڇل ڄار جي ٿيندي آهي. ماري هڪ چوڪنڊياري وڏي ڄار زمين تي وڇائي، ان جي ٽن ڪنڊن کي ڪيرن سان بند ڪندا آهن، باقي پلو کي ورائي چوٿين ڪنڊ جي ماپ تي ڪاٺي کوڙي ڇڏيندا آهن. پوءِ اڙڪ جي ڪاٺي انهيءَ خالي ڪنڊ ۽ کتل ڪاٺيءَ جي وچ ۾ ڏيندا آهن، ان ڪاٺيءَ جي دام واري ڪنڊ ۾ ڏور ٻڌي، ٿورو پري ڀُنگي ٺاهي، ان ۾ ٻڌي ڇڏيندا، پوءِ اڇل کي مٽي ۽ تُهن سان ڍڪي داڻا وجهي، هڪ ڏينهن ڇڏي ڏيندا ته پکي لڳن. پوءِ ٻئي ڏينهن اچي پکين جا پير ڏسندا، جي پکين جا پير هوندا ته ڀُنگيءَ ۾ لڪي ويهي رهندا. جڏهن پکي لهندا، تڏهن وٺي ڏور کي سٽ ڏيندا ته اڇل جو کليل پلاند پکين جي مٿان اچي ويندو. جيڪي پکي هوندا سي ڍٻيءَ ۾بند ٿي ويندا. پوءِ ماري اچي ڪڍندا. ڍٻيءَ سان شڪار جا ٻيا کوڙ طريقا سنڌ ۾ رائج آهن.
ڀڳوري سان شڪار: هيءُ شڪار جديد شڪارين جي ايجاد آهي، اڳي اهو شڪار ڪونه ٿيندو هو. هن شڪار ۾ پهرين هڪ چونڪ ڪارچوپ هلڪين ڪاٺين جو ٺهرائيندا آهن. چار فوٽ کن ويڪرو ۽ پنج فوٽ کن ڊگهو، پوءِ ان جي مٿان گيڙو رنگ جو ڪپڙو هڻندا آهن، ڇو جو گيڙورنگ کان نانگ يا پکي ڪونه ٽهندو آهي. پوءِ ان ڪپڙي ۾ ٻه ٽنگ ڪڍندا آهن، ته ماري انهيءَ ڪار چوپ جي پٺيان ويهي سولي طرح سان تترن کي ڏسي سگهي. پوءِ ڇا ڪندا جو هڪ ڄار وڏي هڻندا، ان جي چوڌاري ڪليون هڻي پاسا سوگها ڪندا ۽ وچ ۾ ضرورت آهر ڪمانين وانگر ڪاٺيون ڏئي ڄار جون وچون حصو مٿي ڪري ڇڏيندا ۽ ڄاريءَ ۾ هڪ هنڌ در ڪري، پاسن کان ٻه ننڍڙا ڍنگهر آڏ ڏئي ڇڏيندا. پوءِ اتي چوُڻ وجهي ڇڏيندا ته پکي اچي گڏ ٿين. جڏهن پکي اچي گڏ ٿيندا، تڏهن ماري انهيءَ ڪارچوپ جي پٺيان ويهي، رڙهندو رڙهندو ايندو تترن ڏي، تان جو اچي ويجهو پوندو، پوءِ انهن ٽنگن مان ڏسندو به پيو ۽ ڪارچوپ سان تترن کي ڄار جي در ڏي ڌڪيندو به پيو، تان جو سڀ تتر ڄار جي در کان مٿي اندر ٿيندا ۽ ماري ڪارچوپ ڇڏي کڻي ڄار وارو در بند ڪندو، ائين هڙئي تتر ڦاسائي وجهندو. انهي ڀڳور کان تتر ۽ نانگ اصل ڪونه ڊڄي.
شڪار بابت سنڌي ٻوليءَ ۾ محمد اسماعيل عرساڻيءَ جو لکيل هڪ ڪتاب پڻ مشهور آهي، جڏهن ته ان کان اڳ مشهور انگريز محقق رچرڊ برٽن، انگريزيءَ ۾ سنڌ ۾ باز سان ٿيندڙ شڪار بابت پڻ هڪ ڪتاب لکيو هو


لفظ شڪارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو