داخلا نمبر 1732
عنوان ابراهيم خليل
شاخ شاعر
پڙهيو ويو 841 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ابراهيم خليل

ابراهيم ’خليل‘:مخدوم ابراهيم ’خليل‘ بن مخدوم عبدالڪريم، 1827ع ۾ ٺٽي ۾ ڄائو ۽ 1899ع ۾ وفات ڪيائين. هو فارسي ۽ سنڌيءَ جو شاعر ۽ تذڪري نگار هو. سندس نسبي سلسلو حضرت ابوبڪر صديق رضه سان ملي ٿو. فارسي شاعري سندس خاص موضوع هو، پر سنڌي ۽ اردوءَ ۾ به شعر چوندو هو. فارسيءَ ۾ سندس تخلص ’خليل‘ ۽ سنڌيءَ ۾ ’اداسي‘ هو. سندس تصنيفن ۾ ’ديوان مڪاتيب‘ ۽ ’تڪلمئه مقالات الشعراء‘ شامل آهن، جيڪي سنڌي ادبي بورڊ ڇپايا آهن. ’خليل‘ مڪلي ٽڪريءَ تي دفن ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1827.00.00  عيسوي

ابراهيم ’ خليل ‘ :مخدوم ابراهيم ’ خليل ‘ بن مخدوم عبدالڪريم ، 1827ع ۾ ٺٽي ۾ ڄائو ۽ 1899ع ۾ وفات ڪيائين .


1899.00.00  عيسوي

ابراهيم ’ خليل ‘ :مخدوم ابراهيم ’ خليل ‘ بن مخدوم عبدالڪريم ، 1827ع ۾ ٺٽي ۾ ڄائو ۽ 1899ع ۾ وفات ڪيائين .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باغي حليم
بائرن
آثم ناٿن شاهي
بچل
بخشڻ شاهه
بدر شاهه
بدر قريشي
ٻڍل فقير
ٻڍڙو فقير
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون