ابو محمد هالائي مخدوم

ابو محمد هالائي مخدوم: حضرت ابو محمد ولد مخدوم امين محمد اول ولد مخدوم نوح عليه الرحمت 9 محرم الحرام 980هه ۾ پنهنجي بزرگ ڏاڏي جي حياتيءَ ۾ ئي پيدا ٿيو ۽ تصوف جو طريقو پنهنجي والد محترم کان سکيائين، والد جي وفات کان پوءِ سجاده نشينيءَ جا فرض به ادا ڪيائين. سندن علم ۽ فيض مان ڪيترائي فيضياب ٿيا، جن ۾ شيخ هاشم ابن حماد هڪ مشهور بزرگ آهي. مخدوم ابو محمد شريعت جو تمام گهڻو پابند هو. روحانيت ذريعي جيڪي اشارا يا ڳالهيون حاصل ٿينديون هيون انهن تي عمل نه ڪندو هو، بلڪه پاڻ هر حالت ۾ شريعت جي ضابطن ۽ اصولن جو خيال رکندو هو ۽ شرعي طريقت تي عمل ڪندو هو. مخدوم صاحب 35 سال، 3 مهينا سجاده نشين رهيو ۽ ستر سال 9 مهينا 29 ڏينهن حياتيءَ جا بسر ڪري 8 ذوالقعد 1050هه تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0980.01.09  هجري

ابو محمد هالائي مخدوم: حضرت ابو محمد ولد مخدوم امين محمد اول ولد مخدوم نوح عليه الرحمت 9 محرم الحرام 980هه ۾ پنهنجي بزرگ ڏاڏي جي حياتيءَ ۾ ئي پيدا ٿيو ۽ تصوف جو طريقو پنهنجي والد محترم کان سکيائين ، والد جي وفات کان پوءِ سجاده نشينيءَ جا فرض به ادا ڪيائين .


1050.11.08  هجري

ابو محمد هالائي مخدوم:: مخدوم صاحب 35 سال ، 3 مهينا سجاده نشين رهيو ۽ ستر سال 9 مهينا 29 ڏينهن حياتيءَ جا بسر ڪري 8 ذوالقعد 1050هه تي وفات ڪئي .



ديني عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابو معشر السندي
ابو محمد سالم سنڌي
ابو عطا سنڌي
ابوالاعليٰ مودودي
ابوالمڪارم شھود ٺٽوي
آخوند عزيزالله ميمڻ
ابو محمد هالائي مخدوم
ابوالعباس احمد بن عبدالله بن سعيد ديبلي
ابوالطيب سنڌي
آخوند رحمت الله سانوڻي ھالائي
ديني عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون