شريعت

شريعت: هن جي لغوي معنيٰ سڌو رستو ۽ اسلامي اصطلاحي معنيٰ اسلامي قانون جي آهي. اسلامي معاشري ۾ طئي ٿي ويل اصولن ۽ قانونن تي مشتمل هڪ دستاويز کي شريعت چئبو آهي، جنهن ۾ بحث يا اختلاف جي ڪابه گنجائش ناهي هوندي، ڇو ته شريعت جو نفاذ ۽ ترتيب خدائي احڪامن تي مشتمل آهي.
شريعت اصل ۾ اهي خدائي احڪام آهن، جيڪي اخلاقيات کان عليحده آهن، ان ۾ حق، فرض، وراثت، جرم ۽ سزا وغيره شامل آهن. شريعت جو بنياد جيئن ته قرآن ۽ سنت تي آهي، انهي ڪري ڪنهن به جماعت يا فرقي کي ان تي تنقيد جو حق حاصل نه آهي، شريعت جي قانونن جا ٻه قسم آهن. حقوق الله جنهن ۾ عبادت وغيره متعلق قانون ۽ احڪام هجن. حقوق العباد، هن ۾ عدالتي،سياسي ۽ سماجي موضوعن تي احڪام شامل آهن. اسلامي شريعت ۾ اسلامي زندگي جي هر شعبي لاءِ صاف ۽ واضح احڪام موجود آهن، ڪنهن کي به انهن ۾ ردوبدل يا ڦيرڦار جي اجازت نه آهي، انهن کي انهن جي اصل حالت ۾ تسليم ۽ قبول ڪرڻ جو حڪم آهي.


لفظ شريعتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو