اتم ديارام هنڱوراڻي
اُتم ديارام هنڱوراڻي: اُتم ديارام هنڱوراڻي 12 جون 1923ع تي ڀِرين (ضلعي نوشهري فيروز) ۾ ڄائو. سنڌي ۽ انگريزي ٻولين جو وڏو ماهر هو. سنڌيءَ ۾ ٽيهارو سالن کان وٺي ڊراما لکندو رهيو آهي. سندس ڊراما سنڌي زبان ۽ ادب جا شاهڪار آهن. ورهاڱي کان پوءِ سندس رهائش ڀارت جي شهر احمد آباد ۾ هئي.