احمد خان سهاڳ

احمد خان سهاڳ

احمد خان سهاڳ

احمد خان سهاڳ: خان سهاڳ'>احمد خان سهاڳ، سنڌي ٻوليءَ جو سُگهڙ ۽ اديب آهي. هن 21 سيپٽمبر 1960ع تي ڳوٺ الهرکيي سهاڳ، تعلقي ۽ ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ ۾ حاصل ڪري، مئٽرڪ گورنمينٽ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادوءَ مان ڪيائين. سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1988ع ۾ سوشيالاجيءَ ۾ ايم. اي ڪيائين. گورنمينٽ هاءِ اسڪول غريب آباد ۾ سائنس ٽيچر (H.S.T) رهي چڪو آهي. احمد خان سُهاڳ جو ڳوٺ، سنڌ جي سُگهڙن جي امام حضرت جلال کٽيءَ جي مدفن ڳوٺ پير ترهي کان ٻن ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي آهي ۽ کيس ننڍڙي هوندي کان وٺي سگهڙپائيءَ واري فن سان لڳاءُ رهيو آهي. اڄڪلهه هي نوجوان سنڌ ۾ سگهڙپائيءَ واري فن کي سهيڙڻ جو ڪم ڪري رهيو آهي. هرسال ڳوٺ پير ترهي ۾ آل سنڌ سگهڙ ڪانفرنس ڪرائيندو آهي، ان کان سواءِ ڏهن ٻارهن سالن تائين قلندر شهباز جي ميلي تي سگهڙن جون ڪچهريون ڪرايائين. عظيم سگهڙ جلال کٽيءَ ۽ سنڌ جي مشهور نڙ بيتاين عبدالرحيم ڏاهريءَ ۽ عمر فقير بروهيءَ جي فن تي ڪتاب ترتيب هيٺ اٿس. استاد بخاري اڪيڊمي دادوءَ جو سيڪريٽري به آهي.


لفظ احمد خان سهاڳھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.09.21  عيسوي

احمد خان سهاڳ: احمد خان سهاڳ ، سنڌي ٻوليءَ جو سُگهڙ ۽ اديب آهي . هن 21 سيپٽمبر 1960ع تي ڳوٺ الهرکيي سهاڳ ، تعلقي ۽ ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خديجه مستور
پاٽائي شيخ جندالله
عبدالباقي صديقي بکري
جاگيراڻي غلام مرتضيٰ خان
خلجي علاؤالدين
ڀٽائي شاهه عبداللطيف
حاجي عبدالله هارون
ڏاهري جان محمد
سچل جنجهي
ٻلديو نندلال ڪالرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون