داخلا نمبر 4289
عنوان ارباب انور
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 1593 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو
ارباب انور

ارباب انور

ارباب انور

ارباب انور: ٿرپارڪر جي ارباب خاندان سان تعلق رکندڙ ارباب انور نهڙيو، 4 اپريل 1977ع تي ڳوٺ کيتلاري، تعلقي ڏيپلي ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم اباڻي ڳوٺ ۾ وٺڻ بعد سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان گريجوئيشن ڪيائين. 2000ع کان سياست جي ميدان ۾ پير رکيائين. 2003ع ۾ ضلعي ٿرپارڪر ۾ پبلڪ سيفٽي ڪميشن جو چيئرمئن ٿيو ۽ 2005ع تائين انهيءَ عهدي تي رهيو. ان کانپوءِ مڪاني چونڊن دوران 2005ع ۾ ٿرپارڪر جو ضلعي ناظم چونڊيو ويو ۽ 2008ع تائين ٿرپارڪر جو ضلعي ناظم رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1977.04.04  عيسوي

ارباب انور 4 اپريل 1977ع تي ڳوٺ کيتلاري ، تعلقي ڏيپلي ضلعي ٿرپارڪر ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون