داخلا جي تاريخ 2012-03-14
داخلا نمبر 2736
عنوان ارباب ذڪاءُ الله
شاخ سياستدان
پڙهيو ويو 607 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
ارباب ذڪاءُ الله

ارباب ذڪاءُ الله

ارباب ذڪاءُ الله

ارباب ذڪاءُ الله: ارباب ذڪاءُ الله جو تعلق ٿرپارڪر جي ارباب گهراڻي سان آهي. هو 2002ع جي چونڊن ۾ ٿرپارڪر مان ايم اين اي چونڊيو هو. بعد ۾ هن اها سيٽ شوڪت عزيز لاءِ خالي ڪئي. جتان چونڊجڻ بعد شوڪت عزيز کي ملڪ جو وزيراعظم بڻايو ويو. بعد ۾ اها سيٽ خالي ڪرڻ تي ارباب ذڪاءُ الله ٻيهر ايم اين اي چونڊيو. 2008ع وارين چونڊن ۾ مسلم ليگ (ق) جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو