ارونا حسين

ارونا حسين

ارونا حسين

ارونا حسين: ارونا حسين پھرين سنڌي ڇوڪري آهي، جنھن کي 2022ع ۾ ھڪ ملٽي نيشنل ڪمپنيءَ مرسڪ سي لينڊ شپنگ ڪارپوريشن ۾ وائيس پريزيڊنٽ ۽ سڄي يورپ کنڊ جي سربراهه ڪري ڊينمارڪ ۾ مقرر ڪيو ويو آھي ان کان اڳ ھوءَ 3 سال پاڪستان ۾ ان جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي عھدي تي فائز ھئي. ان کان پھرين ھوءَ 2008ع ۾ ننڍي ۾ ننڍي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر(C.E.O) هئڻ جو اعزاز پڻ حاصل ڪري چڪي آهي. ارونا حسين، پاڪستان جي پھرين ڇوڪري ۽ سنڌياڻي آهي، جنھن مارڪيٽنگ جي ميدان ۾ اهڙي اهم ذميواري حاصل ڪئي. 2007ع ۾ جڏھن کيس ڪَنٽري مئنيجر جو عھدو مليو، ته ڪيترا سال پاڪستان سان گڏ افغانستان ۾ به ڪمپنيءَ جي سرگرمين جي ذميواري مٿس هئي، جنھن کي هوءَ 100 ماڻهن تي مشتمل ٽيم جي سربراهه جي حيثيت ۾ نڀائي ترقي ڪري پھرين ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۽ پوءِ وچ اوڀر جي ڪجهه ملڪن جي لاءِ چيف آپريشن آفيسر طور مقرر ڪئي وئي. 2011ع ۾ هوءَ آسٽريليا شفٽ ٿي، جتي هن Wayfare online marketing company ۾ سينئر ڊائريڪٽر جو عھدو ماڻيو. 2016ع ۾ پاڪستان موٽي آئي ۽ اچي ساڳي ڪمپني جوائن ڪيائين. ارونا حسين جو جنم پھرين ڊسمبر 1977ع تي سنڌ جي نامور علمي ادبي گهراڻي ۾ ٿيو. عبدالحسين سرائيءَ ۽ ڊاڪٽر فھميده حسين جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هن نياڻيءَ شروعاتي تعليم سينٽ جوزف ڪانوينٽ اسڪول مان ورتي، 1993ع ۾ مئٽرڪ اي. ون گريڊ ۾ ۽ 1995ع ۾ انٽرميڊئيٽ سينٽ جوزف ڪاليج، ڪراچيءَ مان اي .ون گريڊ ۾ پاس ڪيائين. ان بعد ارونا حسين بزنس ائڊمنسٽريشن ۾ ماسٽرس ڪرڻ لاءِ آءِ .بي .اي ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتي، جتان هن ايم .بي .اي جي ڊگري سال 2000ع ۾ امتيازي نمبرن سان حاصل ڪئي. شروعات ۾ ارونا ڪجهه عرصو هڪ ايڊورٽائيزنگ ڪمپنيءَ ۾ ملازمت اختيار ڪئي، بعد ۾ جڏهن شپنگ (جھاز راني) جي دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڪمپنيءَ” AP Moller Maersk Group“۾ شموليت اختيار ڪيائين ته سندس چونڊ ڊينمارڪ ۾ ٿيندڙ ٻن سالن جي تربيتي ڪورس” Maersk International Shipping Education “لاءِ پڻ ٿي، جتي 400 کان وڌيڪ ٽرينِيز (تربيت حاصل ڪندڙن) جي گلوبل بئچ مان هوءَ ٽاپ ٽين ڪئٽيگريءَ ۾ پھتي ۽ امتيازي نمبرن سان اهو ڪورس پاس ڪرڻ کانپوءِ سندس پوسٽنگ ٻن سالن لاءِ لنڊن ۾ اسسٽنٽ مئنيجر مارڪيٽنگ طور ڪئي وئي، جتي هُوءَ 2003ع کان 2005ع تائين رهي. ان کانپوءِ پاڪستان ۾ مارڪيٽنگ مئنيجر طور ٻه سال ڪم ڪرڻ دوران سندس اعليٰ ڪارڪردگيءَ ۽ قائدانه صلاحيتن کي ڏسندي 2007ع ۾ مرسڪ لاجسٽڪس (Maersk Logistics) ۾ کيس ڪنٽري مئنيجر مقرر ڪيو ويو. ان ڪمپنيءَ ۾ سندس اڻٿڪ ڪوششن جي نتيجي ۾ ايتري ترقي ٿي، جو ان کي ڊيمڪو (Damco) پاڪستان جي نئين نالي سان سڃاڻپ ڏئي، 2008ع ۾ کيس ان جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرر ڪيو ويو. ارونا انهيءَ سان گڏوگڏ 2009ع ۾ ڪمپني جي گلوبل سيٽ اپ ۾ پڻ ڊائريڪٽر منتخب ٿي، جڏهن ته هوءَ 2008ع کان’ڊيمڪو، بنگلاديش‘ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس جي ميمبر پڻ رهي آهي. هوءَ ٽريننگ توڙي ڪمپنيءَ جي ميٽنگن لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پاڪستان جي نمائندگي پڻ ڪندي رهي آهي، جن ۾ ڊينمارڪ، انگلينڊ، ڀارت، بنگلاديش، هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ دبئي وغيره شامل آهن. سندس شادي 2008ع ۾ ٿي. کيس هڪ ڌيءَ نوري آهي. پاڻ هن وقت ڊينمارڪ ۾ رهي ٿي.


لفظ ارونا حسينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1977.12.01  عيسوي

ارونا حسين جو جنم پهرين ڊسمبر 1977ع تي سنڌ جي نامور علمي ادبي گهراڻي ۾ ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

در محمد عالماڻي
حسين شهيد سهروردي
ديوان واڌومل اُڌارام
ايس ايم قريشي
ايڇ جي راورٽي
خواجائي شوڪت
انور بلوچ2
آمنه بيبي
نسرين چانڊيو
ذاڪر علي خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون